نئون

بلاول ڀٽو جي پارليامينٽ ۾ شاندار ۽ يادگار تقرير

17 آگسٽ 2018 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ ۾ هڪ يادگار تقرير ڪئي. جنهن ۾ هن نئين چونڊجي آيل وزير آعظم کي مبارڪون ڏنيون ۽ هن کيس اهو به ياد ڏياريو ته هو صرف ڪنهن هڪ پارٽي جو وزير اعظم نه آهي ۽ هن کي ياد رکڻ گهرجي ته هو پوري ملڪ جو وزير اعظم چونڊجي آيو آهي. بلاول پنهنجي تقرير ۾ عمران خان کي اهو به ياد ڏياريو ته هو انهن زنده لاشن، گڏهن ، رڍن ۽ ٻڪرين جو وزير اعظم به آهي، جنهن جي لاءِ هو اڪثر پنهنجين تقريرن ۾ ڳالهه ڪندو رهندو هو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته نئون چونڊجي آيل وزير اعظم پنهنجي حڪومت جي پهرين 100 ڏينهن ۾ ملڪ کي ڪهڙو پلان ڏيندو.هن تقرير دوران اليڪشن جي ڏينهن ۾ ٿيندڙ دهشت گرد حملن ۾ شهيدن کي ياد ڪندي ڀيٽا ڏني ۽ اها گهر ڪئي ته مستونگ، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ حملن جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي۽ دهشت گردي خلاف نئين حڪمت عملي جوڙي وڃي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي. هن اليڪشن دوران ٿيل رگنگ تي به پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪيو.پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت جي حق جي ڳالهه ڪئي آهي پر هن اها به ڳالهه ڪئي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هو پنهنجن سياسي اختلافن کي وساري ويهندي. هن افسوس ڪندي چيو ته اسان هميشه جمهوريت لاءِ سمجهوتا ڪيا آهن. پنهنجي آزادي تان هٿ کنيو آهي، اختلاف راءِ، پريس جي آزادي تان هٿ کنيوآهي. پنهنجن بنيادي حقن تان دستبردار ٿيا آهيون. اسان دهشت گردي کي وڌڻ ويجهڻ ۾ مدد ڪئي آهي. مذهب کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيوآهي .۽ سڀ کان وڏي خطرناڪ ڳالهه جيڪا ٿي آهي. اسان پنهنجي نوجوان نسل کي اهو سيکاريو آهي ته جيڪو سگهارو آهي اهوئي صحيح آهي. پي پي چيئرمين پنهنجي تقرير جي آخر ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته مستقبل جو وزير اعظم سئو ڏينهن واري روڊ ميپ ۾ ڇاٿو ڪري، جنهن ۾ هن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ، غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ واعدو ڪيو آهي. خان صاحب هڪ جڳهه تي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو هيو ته هو آءِ ايم ايف کان قرض نه وٺندو ان کان قرض وٺڻ کان هو خود ڪشي ڪرڻ پسند ڪندو. ڏسڻو آهو آهي ته هو انهن معاشي مسئلن مان ملڪ کي ڪيئن ٿو ڪڍي.