پاڪستاننيو‍‍ز

خراب ڪارڪردگيءَ سبب پي آءِ اي جو سي او  او برطرف

پي آءِ اي جي چيف آپريٽنگ آفيسر ضياءُ قادر کي خراب ڪارڪردگي سبب سندس عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي. خبرن موجب ضياءُ قادر کي قومي ايئر لائين جي معيار مطابق ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي عهدي تان هٽايو ويو آهي. پي آءِ اي جي ترجمان مشهود تجاور سان جڏهن هن بابت سوال ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته ضياءُ قادر قريشي کي جيڪي مقصد حاصل ڪرڻا هئا هو انهن ۾ ناڪام ويو ان ڪري سندس ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته آڊيٽر جنرل پاران ضياءُ قادر جي سي او او جي عهدي ملڻ کي ڪرم نوازي سڏيندي هن کي برطرفي جو مطالبو ڪيو هو. ان کان علاوه هن پاران نوڪري ملندڙن خلاف به ڪارروائي جي گهر ڪئي هئي. ياد رهي ته ضياءُ قادر کي 5 جون 2017 تي ان وقت مقرر ڪيو ويو هو جڏهن هو ٽن ڏينهن کانپوءِ رٽائر ٿيڻ وارو هو، هو ان وقت جي وزيراعظم جي هوا بازي واري صلاحڪار مهتاب ڪياني جو خاص ماڻهو هو ۽ کيس 15 لک ماهوار پگهار تي سي او او جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ضياءُ قادر پنهنجي ٻه دفعا 6 مهينن واري جائزا ميٽنگ ۾ به شريڪ نه ٿيو هو.