ايڊيٽوريلنئون

آمريڪا ايران لاڳاپا ۽ مائيڪ هڪابي جو تڪراري بيان

هن وقت وچ اوڀر يا ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي. خطي ۾ ايران هڪ وڏو ملڪ آهي جيڪو وچ اوڀر جي اوڀر واري حصي ۾ جڏهن ته اسرائيل اولهه واري ڪنڊ تي بحر روم جي ڪناري تي واقع آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي سنئين ڪابه سرحد ناهي. هي خطو دنيا جي تيل ۽ گئس جي وسيلن سبب گهڻي اهميت رکي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان ايران ۽ اسرائيل جي دشمني هن علائقي کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. هن وقت آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوج وڌائي ڇڏي آهي ۽ بحري ٻيڙو يو ايس ايس جيرالڊ آر فورڊ-سي وي اين 78 ايران جي ويجهو بحر روم ۾ موجود آهي، اهو علائقي ۾ آمريڪي مفادن جي تحفظ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. هي ٻيڙو مڪمل طور تي مسلح آهي، ان جو بنيادي مقصد ايران ۽ حزب الله کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته جيڪڏهن انهن مداخلت ڪئي ته آمريڪا سڌي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. ٻيڙي ۾ دنيا جا جديد ترين جنگي جهاز خاص ڪري ايف-35 ۽ ايف-18 سپر هارنيٽس موجود آهن. اهوئي سبب آهي جو آمريڪي سفير مائيڪل هڪابي هڪ تڪراري بيان ڏئي وچ اوڀر جي عرب ملڪن کي نه صرف ڇرڪائي بلڪه تمام گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڏٺو وڃي ته سفير جو بيان رياست جو موقف ناهي هوندو ۽ هن وقت تائين وائٽ هائوس يا اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ڪنهن به با اختيار سرڪاري نمائندي طرفان هن بيان جي پٺڀرائي نه ڪئي وئي آهي.

هن وقت هڪابي جي حيثيت صرف هڪ سفير جي حيثيت سان پنهنجي ذاتي خواهش وڌيڪ نظر اچي ٿي. ان هوندي به سعودي عرب ۽ امارات آمريڪا کان پنهنجي واضح پاليسي بيان ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. جيئن ته مائيڪ هڪابي هڪ پڪو صيهوني عيسائي آهي، سندس عقيدي مطابق خدا طرفان اها زمين اسرائيل کي ڏني وئي آهي ۽ هو ان تي وڌيڪ قابض ٿي سگهي ٿو. ٽرمپ حڪومت کيس ان ڪري ئي سفير بڻائي موڪليو ته جيئن هو نيتن ياهو کي سياسي تحفظ فراهم ڪري ۽ اسرائيل جي انتها پسندن جو موقف پيش ڪري. عام طور تي خطي جي حل بابت ٻن رياستن وارو حل ئي سڄي دنيا لاءِ قابل قبول آهي، پر مائيڪ هڪابي جهڙا انتها پسند اڳواڻ چاهين ٿا ته فلسطين جي رياست جو تصور ئي ختم ڪيو وڃي. آمريڪا ۾ اهڙو موقف رکندڙن جو هڪ وڏو حلقو موجود آهي. بلڪل ايئن جيئن اسلام جي پيروڪارن ۾ طالبان جهڙو مائينڊ سيٽ به موجود آهي. جيئن ته هو هڪ پادري به رهي چڪو آهي، ان ڪري بين الاقوامي قانونن کان وڌيڪ مذهبي صحيفن تي ملڪي پاليسيءَ جا بنياد رکڻ چاهي ٿو. هن وقت دنيا هڪ عجيب مونجهاري جو شڪار آهي. دنيا هڪ پاسي جدت جا نوان انداز اختيار ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي بظاهر جديد ۽ ترقي پسند ملڪ مذهبي انتها پسندي ۽ قدامت پسنديءَ جي ور چڙهيل آهن. اهو سڄو معاملو کل جوڳو آهي. جڏهن سياست ۽ سفارتڪاريءَ ۾ مذهب گهڙي اچي ته منطق ۽ دليل ٻي در کان ٻاهر نڪري ويندا آهن. صدر ٽرمپ خود اسرائيل کي مڪمل آزادي ڏيڻ جي حق ۾ آهي، هو اسرائيل کي وڌيڪ بااختيار ڏسڻ چاهي ٿو، ڇو ته هو ايران ۽ چين کي ويجهو نٿو ڏسڻ چاهي. آمريڪا چاهي ٿو ته ايران جي مٿان دٻاءُ وجهي ان جي ايٽمي پروگرام کي رول بيڪ ڪري ۽ وڌندڙ ميزائيل ٽيڪنالاجي جنهن ۾ هينئر ڊرون ٽيڪنالاجي به شامل آهي ان کي روڪي سگهي.

تازوئي ايران ۾ ڪجهه واپارين گوڙ واري صورتحال پيدا ڪئي، ان پٺيان به بيروني هٿن جو خدشو ظاهر ڪيو وڃي ٿو. ايران کي اڃان به ان قسم جي پراڪسي حملن جو خدشو آهي. هن وقت ايران ۽ چين آمريڪا لاءِ خطي ۾ مٿي جو سور بڻيل آهن. چين تيل جو وڏو حصو ايران کان حاصل ڪري ٿو، جنهن سان ايران کي معاشي فائدو حاصل ٿئي ٿو. گڏوگڏ چين جو بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو ايران جي رستي يورپ تائين وڃي پهتو آهي. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي “جيڪو سج اڀريو آهي ان کي لهڻو به آهي”، آمريڪا جو سج هاڻي پنهنجي آب ۽ تاب سان چمڪي لهي رهيو آهي، پر آمريڪا پنهنجو هٿ پير هڻي ڀرپور ڪوشش ڪري وچ اوڀر مان چين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ رڌل آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ چين وچ اوڀر جي سياست ۾ تمام گهڻو سرگرم ٿيو آهي. هن ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٺاهه ڪرايو جيڪو آمريڪا کان برداشت نه ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل ۾ ويهي مائيڪ هڪابي جهڙي هڪ مذهبي انتهاپسند سفير اهڙو تڪراري بيان ڏنو آهي، جنهن آمريڪا جي اتحادي عرب ملڪن کي في الحال ته پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن طاقت جي راند ۾ احتياط واري حڪمت عملي جوڙڻ انتهائي اهم آهي. هن وقت عالمي سياست صرف هڪ پاسي بيهڻ يا هڪ پاسي جي چونڊ ڪرڻ تي ٻڌل نظر نٿي اچي، پر ان ۾ باريڪيءَ سان توازن قائم ڪري پنهنجن لاڳاپن کي ملڪن جي وچ ۾ کڻي هلڻ جو فن بڻجي وئي آهي. اميد آهي ته طاقتور ملڪ پنهنجن مفادن جي لاءِ دنيا جي امن کي داءُ تي نه لڳائيندا.