انٽري ٽيسٽ ۽ چٽاڀيٽي جي امتحان بابت نماڻو عرض

ڪلهه لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ سائنسز ڄامشورو پاران ايم بي بي ايس ۾ داخلا لاءِ شاگردن کان ٽيسٽ ورتي وئي. هن سال جي داخلا لاءِ اِها ٽيسٽ ڪجهه وقت اڳ به ٿي هئي پر انتظاميه موجب اُن ۾ ٿيندڙ ناانصافين سبب اِها ٻئي ڀيري ورتي پئي وڃي.
اهڙي طرح اِها ٽيسٽ يا اهڙا ٻيا امتحان هر سال ٿيندا رهندا آهن. جنهن ۾ مختلف نوڪرين لاءِ لکت توڙي انٽرويو جا امتحان شامل هوندا آهن. هر سال اِها ڳالهه سامهون ايندي آهي ته ناانصافي ٿي آهي. انهي حوالي سان پوءِ گهڻيون ڳالهيون ٿينديون آهن، انهن سڀني کي هڪ پاسي رکي آئون هڪ ڳالهه سامهون رکڻ ٿو چاهيان سا اِها ته گذريل ڪجهه سالن کان اِن راءِ کي سگهارو ڪيو پيو وڃي ته “ڏسو يونيورسٽين جي داخلا ۾ به لکين شاگرد ويٺا پر پاس چند شاگرد ئي ٿيا، چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ به هزارين ويٺا پر پاس چند ئي ٿيا….” پوءِ اِها گهوڙا گهوڙا شروع ٿيو وڃي ته سنڌ جي تعليم تباهه ٿي وئي، ادارا تباهه ٿي ويا، استاد پڙهائين ئي ڪونه ٿا، تڏهن ته شاگرد فيل ٿا ٿين… وغيره وغيره…!
منهنجي خيال ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ مجموعي طور تعليم جو معيار بهتر ٿيو آهي. نوجوانن ۾ محنت ڪرڻ، امتحان پاس ڪرڻ، نوڪرين لاءِ اپلاء ڪرڻ جو لاڙو به وڌيو آهي… اُن ڪري اِها راءِ ڏيڻ ته سڀڪجهه تباهه ٿي ويو، ايئن ناهي.
باقي اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ناانصافيون نٿيون ٿين، بالڪل ٿين ٿيون. اُن سان گڏ سوال اِهو به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪا ادارا امتحان وٺن ٿا، اُهي هٿ وٺي اهڙو پيپر ٿا ٺاهين، جو ڪير پاس ئي نه ڪري سگهي ۽ مٿان وري اِهو بانور ڪرائبو ته ڏسو هڪ طرف ميرٽ آهي، ٻئي طرف تعليم تباهه آهي تڏهن ته ڪير پاس نٿو ٿئي ۽ ٻيو ته اسانجو ادارو ئي اعليٰ آهي ۽ اسان ته ڪا غلطي نٿا ڪري سگهون….!
ٻيو ته جيڪي انهن ناانصافين ۾ ملوث آهن، انهن کي اڄ ڏينهن تائين ڪهڙي سزا ملي آهي؟ ڪا به نه! اُهي وري به معزز آهن. سزا وري به نوجوانن ۽ شاگردن کي ڏبي. سندن حق ماربا، پاس هوندي کين فيل ڪبو. اهل هوندي، کين نااهل ڪبو. انهن وٽ گهربل تعليمي لياقتون هوندي به خاص پوسٽن تي بغير تعليمي لياقتن ۽ اهليت واري ماڻهن کي پروموٽ ڪبو…
منهنجي خيال ۾ اِها اسانجي نوجوانن، شاگردن، استادن، ادارن، تعليمي نظام سميت سڄي سماج سان دوکيبازي آهي، جنهن جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي ۽ نوجوانن جي حوصله شڪني بند ڪئي وڃي. ان سان سماج ۾ هڪ طرف ماڻهن جو ادارن مان ويساهه ختم ٿئي ٿو ۽ ٻئي طرف اهل ماڻهو مايوس ٿي ويهي ٿي رهن ۽ انهن جي جڳهه نالائق ماڻهو وٺن ٿا ۽ پوءِ مختلف سماجي بُراين ۾ اضافو ٿئي ٿو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments