بلاگنئون

شھيد نصرالله گڏاڻي کي سرخ سلام

مان ڏوھي ھان، مان ڏوھي ھان
مون ڪيئي ڏوھ ڪــــــــــــيا آھن
ھن ســــــــر جي گدلي سينور ۾
ھي نيـــــل ڪنول به ته ڏوھي آ
مان ڏوھي ھان، مان ڏوھي ھان
مون ڪيئي ڏوھ ڪــــــــــــيا آھن- (شيخ اياز)
اسان وٽ سنڌ ۾ غريب ۽ سچو ٿيڻ وڏو ڏوھ آهي، سنڌ، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي ماروئڙن لاءِ آواز اٿارڻ ڏوھ بڻيل آھي ۽ ڪامورن، وڏيرن، ڀوتارن سنڌ جي وسيلن تي قبضي خور ماڻهن خلاف آواز اٿارڻ ڏوھ بڻيل آھي. اھا اڄ جي ڳالھ نه آھي، اسان جي سنڌ ڌرتيءَ اھڙا غيرتمند جوڌا جوان ھر دور ۾ ڏنا آھن، جيڪي وقت جي حاڪمن، ظالمن، جابرن ۽ ڪامورن سان اکيون اکين ۾ ملائي بغاوت جو علم بلند ڪري حق ۽ سچ جو آواز اٿاريندا رهيا آھن. انھن غيرتمند بھادر جوانن مان اسان جو نوجوان صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي به ھڪ آھي. جيڪو پوري زندگي حق، سچ ۽ مظلومن جو ساٿاري رھيو، سچ جو آواز بلند ڪندو رھيو. ڪجھ ڏينهن اڳ پنهنجي مشن تي قائم رھندي سنڌ ڌرتيءَ تي قبضي خور ماڻهن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جي خلاف آواز اٿاريائين، جنھن جي ڏوھ ۾ گولين جو نشانو بڻجي ويو، کيس ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ ٻن ڏينهن کانپوءِ جمعي جي ڏينهن 24 مئي 2024ع تي پنھنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو. اسان سندس شھادت تي فخر محسوس ڪريون ٿا ته جوان پنھنجي جان ڌرتيءَ مٿان قربان ڪري ڇڏي. اسان وٽ ان جي عزت ۽ نالو آهي، ۽ ان ڳالهه تي سڄي قوم کي فخر آهي ته هو نه ڪنهن جو دلال هو ۽ ڪنهن جو ايجنٽ هو، تڏهن کيس شهيد ڪيو ويو. نصرالله گڏاڻي جي پيرن ۾ پاتل چپل ۽ ڪپڙن گھر سان گڏ سادگي کي غور سان ڏسو مان يقين سان چوان ٿو ته اسان وٽ سنڌ ۾ اھڙا ماڻهو تمام گهڻا آھن جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ پنهنجي ضمير کي وڪڻي ڇڏين ٿا. ڇو ته اسان جي سماج ۾ سچائي ۽ غريبي ھڪ وڏي گار آهي. اسان وٽ ڪجھ اھڙا سرمائيدار صحافي آهن جيڪي نااھل حڪمرانن جي غلامي ڪري ڪوڙي شھرت لاءِ چورن کان ايوارڊ وٺي پنهنجي زالن ڀيڻن ڌيئرن لاءِ نوڪريون ۽ پروموشن وٺن ٿا، پر افسوس جو نصرالله ۾ اھا ھڪ به برائي نه ھئي ۽ نصرالله سدائين پنهنجي قوم ۽ وطن جي حق ۾ سچ چوڻ لاءِ ڪنهن آمر، ڊڪٽيٽر، چور، ڪرپٽ حڪمران، دلالي پسند آفيسرن جي طاقت اڳيان ياانجام جي پرواهه ڪرڻ بنا سچ ڳالهائيندو ۽ لکندو رهيو. اڄ سندس شھادت تي پوري سنڌ سوڳوار آهي ۽ ھر اک آلي آهي، ڄڻ ته سڄي سنڌ کي يتيم ڪيو وڃي پيو، ڪراچي کان ميرپورماٿيلو تائين ھر شھر ۾ ھزارين ماڻهن رستن تي اچي شھيد نصرالله گڏاڻي جو گلن سان استقبال ڪيو. اسين مٿس حملو ڪندڙ غنڊن ۽ دهشگردن ۽ حملو ڪرائيندڙ بدمعاش ڀوتارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريون ٿا.!! نيٺ ته شھيدن جو لال خون رنگ لائيندو ۽ ظلم جون پاڙون پٽجي وينديون، ڌرتيءَ جي دشمنن کي ڌرتي پنھنجي اندر جاءِ نه ڏيندي. اي شھيد نصرالله گڏاڻي تنهنجي شھادت کي سرخ سلام.