اها ڳالھ هاڻي سرڪار کي مڃڻ گهرجي ته قوم جي بدحالي، بڇڙائي، بيروزگاري، مهانگائي، بدامني، خراب معيشت ۽ بيڪار حڪمت عمليون رڳو حڪومتي ماڻهن اندر بغاوتن سبب اڀري سگهن ٿيون يا خانا جنگي جي صورتحال اڀري يا جڙي سگهي ٿي. کڻي اهڙيون خانا جنگيون ملڪن ۾ لڳندڙ جنگي حالتن کان گهٽ خطرناڪ يا سرد جنگين کان گهڻيون خطرناڪ نه ٿيون هجن، پر آهستي آهستي ٿي وڃن ٿيون. ڇو ته ٻاهرين طاقتن کي وارو ملي ٿو وڃي، ته اهي ملڪن جي اهڙن اندروني معاملن ۾ گهڙي وڃن، انهن ۾ وڌيڪ ڏڦير وجھن. ڇو ته اهڙين حالتن ۾ ملڪن جو حال بُرو ٿو ٿئي، جو ملڪ ۾ سول وار جهڙين حالتن ۾ عام ماڻهو به هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ٿو وڃي، جو ذات پات، مذهبي فرقن، ٻولين جي تفاوتن، بدتري ۽ ابتر حالتن جي ڪري عام ماڻهن ۾ فرسٽريشن رهندي ٿي اچي، پوءِ اهو ملڪ ترقي ڇا ڪندو؟ ڪيئن ڪندو؟ ڇا هڙ حاصل ڪندو؟ ڪڏهن ڪندو؟ ايڏا سوال آهن جو ماڻهو وڪوڙجي وڃي يا حڪومتون به لاجواب ٿي وڃن جن وٽ انهن سوالن جو ڪو به جواب نه هجي. ملڪن جي وچ ۾ لڳندڙ جنگيون ايتريون ڊگهيون ۽ کٽندڙ ناهن هونديون، ڇو ته اهڙيون لڳندڙ جنگيون ٽياڪڙي جي ڪري وري ٿڌيون ٿي وڃن ٿيون. اهي ملڪ وري پاڻ ۾ لاڳاپا بحال به ڪري ٿا وٺن. سرد جنگين جو شڪار به رهن ٿا، وري اهو به آهي ته سرد جنگيون ملڪن کي سڪائي ٿيون رکن، ماڻهن ۾ خوشحالي، اميرائپ، پڙهائي لکائي، ترقي، تهذيب تمدن ۽ خوش اخلاقي امن ۽ ڀائيچارا به ختم ٿي ٿا وڃن، پوءِ اهو ملڪ ڇا ترقي ڪندو جنهن جا ماڻهو سدائين جنگ جي حالت ۾ هجن. ڪڏهن ٻولين جي فرقن ۾، ڪڏهن مذهبي ويڇن جي چڪر ۾، ڪڏهن قومن جي برتري، بدتري ۽ ابتري جي ڊوڙ ۾، ڪڏهن سرحدي ڇڪتاڻ ۾ ته ڪڏهن پنهنجن ئي ماڻهن سان وڙهڻ جي چڪر ۾ يا ماڻهو حڪومت سان وڙهڻ جي چڪر ۾، پوءِ ٻاهريان سيڙپڪار ته دل کڻي ٿا وڃن جو جنهن ملڪ ۾ امن نالي ڪا شيءِ نه هجي اتي ڪهڙي سيڙپ ڪجي، اتي ڪهڙي لاڳت هڻجي، اتي ڪهڙي ترقي ڪرائجي، پوءِ اهي ماڻهو، ملڪ، عوام ۽ قومون سدائين ٻين ملڪن ڏي واجهائينديون ٿيون رهن ته من اهي ملڪ سندن مدد ڪن ۽ ڪندا رهن، پوءِ ان جي بدلي لکن جا آئينده ڀلي داوَ تي لڳل هجن.