بلاگنئون

ملڪ جي معاشرتي صورتحال ۽ سول وار

اها ڳالھ هاڻي سرڪار کي مڃڻ گهرجي ته قوم جي بدحالي، بڇڙائي، بيروزگاري، مهانگائي، بدامني، خراب معيشت ۽ بيڪار حڪمت عمليون رڳو حڪومتي ماڻهن اندر بغاوتن سبب اڀري سگهن ٿيون يا خانا جنگي جي صورتحال اڀري يا جڙي سگهي ٿي. کڻي اهڙيون خانا جنگيون ملڪن ۾ لڳندڙ جنگي حالتن کان گهٽ خطرناڪ يا سرد جنگين کان گهڻيون خطرناڪ نه ٿيون هجن، پر آهستي آهستي ٿي وڃن ٿيون. ڇو ته ٻاهرين طاقتن کي وارو ملي ٿو وڃي، ته اهي ملڪن جي اهڙن اندروني معاملن ۾ گهڙي وڃن، انهن ۾ وڌيڪ ڏڦير وجھن. ڇو ته اهڙين حالتن ۾ ملڪن جو حال بُرو ٿو ٿئي، جو ملڪ ۾ سول وار جهڙين حالتن ۾ عام ماڻهو به هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ٿو وڃي، جو ذات پات، مذهبي فرقن، ٻولين جي تفاوتن، بدتري ۽ ابتر حالتن جي ڪري عام ماڻهن ۾ فرسٽريشن رهندي ٿي اچي، پوءِ اهو ملڪ ترقي ڇا ڪندو؟ ڪيئن ڪندو؟ ڇا هڙ حاصل ڪندو؟ ڪڏهن ڪندو؟ ايڏا سوال آهن جو ماڻهو وڪوڙجي وڃي يا حڪومتون به لاجواب ٿي وڃن جن وٽ انهن سوالن جو ڪو به جواب نه هجي. ملڪن جي وچ ۾ لڳندڙ جنگيون ايتريون ڊگهيون ۽ کٽندڙ ناهن هونديون، ڇو ته اهڙيون لڳندڙ جنگيون ٽياڪڙي جي ڪري وري ٿڌيون ٿي وڃن ٿيون. اهي ملڪ وري پاڻ ۾ لاڳاپا بحال به ڪري ٿا وٺن. سرد جنگين جو شڪار به رهن ٿا، وري اهو به آهي ته سرد جنگيون ملڪن کي سڪائي ٿيون رکن، ماڻهن ۾ خوشحالي، اميرائپ، پڙهائي لکائي، ترقي، تهذيب تمدن ۽ خوش اخلاقي امن ۽ ڀائيچارا به ختم ٿي ٿا وڃن، پوءِ اهو ملڪ ڇا ترقي ڪندو جنهن جا ماڻهو سدائين جنگ جي حالت ۾ هجن. ڪڏهن ٻولين جي فرقن ۾، ڪڏهن مذهبي ويڇن جي چڪر ۾، ڪڏهن قومن جي برتري، بدتري ۽ ابتري جي ڊوڙ ۾، ڪڏهن سرحدي ڇڪتاڻ ۾ ته ڪڏهن پنهنجن ئي ماڻهن سان وڙهڻ جي چڪر ۾ يا ماڻهو حڪومت سان وڙهڻ جي چڪر ۾، پوءِ ٻاهريان سيڙپڪار ته دل کڻي ٿا وڃن جو جنهن ملڪ ۾ امن نالي ڪا شيءِ نه هجي اتي ڪهڙي سيڙپ ڪجي، اتي ڪهڙي لاڳت هڻجي، اتي ڪهڙي ترقي ڪرائجي، پوءِ اهي ماڻهو، ملڪ، عوام ۽ قومون سدائين ٻين ملڪن ڏي واجهائينديون ٿيون رهن ته من اهي ملڪ سندن مدد ڪن ۽ ڪندا رهن، پوءِ ان جي بدلي لکن جا آئينده ڀلي داوَ تي لڳل هجن.
خانا جنگين جي ڪري اهڙي ملڪ جي ماڻهن جي جانين جي ذيان سان گڏ اتان جي عام ماڻهن جو معاشي قتل به ٿيندو رهي ٿو، جو اهي ماڻهو بک، بدحالي، بڇڙائي ۽ بيمارين ۾ وڪوڙجي مري کپي ٿا وڃن. جنگي حالتن جي ڪري رڳو ڪنهن نه ڪنهن بهاني پنهنجو پاڻ ۾ وڙهي ٿا پون، اهڙين جنگي حالتن جي ڪري ماڻهن ۽ ملڪن جون معاشي، مذهبي، اندروني ۽ بيروني حالتون خراب ٿيون رهن، اهڙن ملڪن جي ”جي ڊي پي“ ڪڏهن به نٿي وڌي جنهن ملڪ ۾ سول وار هجي يا سول وار جهڙيون حالتون ٿينديون رهن. وري اها به ڳالھ مڃون ٿا ته سول وار جهڙين حالتن جي ڪري بيروني ۽ اندروني واپار، ٽوئرزم، زراعت، امپورٽ، ايڪسپورٽ ۽ ماڻهن جي في ڪس ڪمائي ۾ زبردست گهٽتائي ايندي رهي ٿي. بيمارين ۽ بڇڙاين جي ڪري ماڻهن ۾ اخلاقي، معاشي ۽ معاشرتي برايون جنم ٿيون وٺن ۽ بهتري جو ڪو نالو نشان نٿو هجي. پوءِ اهڙن ملڪن جا جتي رڳو جنگ جهڙا حالات هجن، سرد جنگين جا شڪار هجن، سول وار ٿيندي رهي پوءِ ان جا پاڙيسري به متاثر رهن ٿا، ڇو ته ماڻهن ۾ بک بدحالي ۽ بڇڙائي جي ڪري لڏپلاڻ جو عنصر وڌي ٿو. غيرآبادين جي ڪري ملڪي صورتحال تي افرادي قوت جي گهٽجڻ جي ڪري ماڻهن ۾ خودسري ختم ٿي ٿي وڃي، زراعت متاثر ٿي وڃي ٿي، رهيل کهيل ماڻهو وري تشدد جي راھ اختيار ڪري ٿا وٺن جيڪا وري مڪمل طور ملڪي عزت ۽ ناموس جي لاءِ بيڪار ثابت ٿي ٿئي.
گھڻي ڀاڱي خانا جنگي اهڙين معاشرن، ملڪن، خطن ۽ قبيلن ۾ به لڳي ٿي جيڪي پهرين ڪنهن نه ڪنهن طريقي ڦاٿل هجن، معنيٰ اهي مذهبي شدت پسند هجن، اهي پنهنجن حقن جي حاصلات جي لاءِ جنگي حالتن ۾ هجن، احساس ڪمتريءَ ۾ هجن، بکون ۽ ڏک ڪاٽي ڪاٽي بيحال ٿي ويا هجن، انهن وٽ زراعت ۽ زمينون سڪي ٺوٺ ٿي ويون هجن، مال متاع ڍڳا ڍور سڀ ڍَڪ تي پاھ هجن، معيشت جو حال اهڙو جو عام ماڻهو جي زندگي زهر هجي، پوءِ خانا جنگي جي صورتحال بڻجي ٿي. شروعاتي دور ۾ معاشي بدحالي، بي علمي، طاقت جو زور ۽ معاشي ڏک ڏولاوا به سبب هوندا هئا ته ان خطي جا ماڻهو باغي ٿين ۽ اهي ٻين ملڪن، خطن ۽ ذرخيز سلطنتن تي ڪاهون ڪن، اتان انهن جو اناج، پئسو ڏوڪڙ، ڌن دولت ۽ زيور ۽ زن کڻي پنهنجن ملڪن ڏي ڀڄي وڃن، پر هاڻي جي تناظر ۾ گهڻا عنصر ٿي سگهن ٿا، آمريڪن پوليٽيڪل سائنٽسٽ ”ٽيڊ گرر“ اهو واضح ڪيو آهي ته ملڪ، ماڻهو، خطا ۽ سلطنتون ۽ انهن جي نڪ هيٺ پلجندڙ سياسي گروھ، باغي گروھ ۽ مذهبي شدت پسند ٽولا جڏهن مايوس ٿين ٿا، تڏهن اهي پنهنجن خوشين ۽ مادي شين جي حاصلات لاءِ ڪجھ به ڪري سگهن ٿا، پوءِ اها سول وار جي صورت هجي، سرد جنگين جي صورت هجي يا ملڪن تي ڪاهون هجن. پوءِ اهي گروھ اهي سڀ شيون رڳو برتري حاصل ڪرڻ جي لاءِ ممڪن ڪن ٿا، جنهن ۾ ٻين ملڪن جي ظاهر يا لڪل مدد به شامل هجي ٿي. اهڙين حالتن ۾ ملڪ جا جاگيردار، سرمائيدار، سياسي گروھ، باغي گروھ، مذهبي ٽولا ۽ وچولا طبقا مرڪزي حڪومت کان باغي پڻو ظاهر ڪن ٿا ته جيئن خانا جنگي ٿئي، جنهن سان سول وار جي شدت وڌي، ”ٽيڊ گرر“ جي مطابق لاطيني آمريڪا ۾ خانا جنگي جو وڏو سبب اتان جي ماڻهن ۾ فرسٽريشن ۽ معاشي اڻبرابري به هئي، ۽ اهو به سبب هو ته ماڻهن ۾ معاشي ۽ معاشرتي تفاوت پڻ وڌندا ٿي رهيا.
معاشي ۽ سياسي حالتن جي اڀياس سان اها ڳالھ واضح سمجھ ۾ ايندي ته رڳو ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سول وار جا سبب ناهن هوندا. ڇو ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ته هر حالت ۽ هر جڳھ تي رهي ٿو، پر مسئلو اهو به آهي ته ماڻهن ۾ ويڙھ، مسئلن ۽ معاملن جي پاڙ ڪهڙي شيءِ هجي ٿي، ڪهڙي ڳالھ جي ڪري ماڻهو جنگي حالتن ۾ هليا ٿا وڃن؟ ان سرد جنگ، خانا جنگي ۽ ماڻهن جي بغاوت جو بنيادي عنصر ڪهڙو آهي، جنهن جي انت لهڻ ضروري آهي، ان ڪري برٽش اڪانومسٽ ”پال ڪوليئر“ ۽ ”اينڪي هوفلر“ ان کي وڌيڪ هن ريت بحث هيٺ آڻين ٿا ته ماڻهن ۾ بک، بدحالي، سهولتن جي اڻبرابري ۽ زبانن، طبقن، مذهبي ويڇن ۽ پئسن جي گهٽتائي، وڌائي جي بنياد تي به سول وار لڳي ٿي يا ماڻهن ۾ بغاوت جو عنصر اڀري سگهي ٿو، جنهن جي گهٽ ڪرڻ جا ڪارڻ رڳو انصاف جي گهرج، ماڻهن ۾ سهولتن جي ورڇ، امن جي بحالي ۽ ماڻهن جي بنيادي سهولتن سان گڏ انهن جي عزت، ناموس ۽ ڀلائي، علم ۽ صحت جي لاءِ حڪومت پاڻ پتوڙي. ٻه ٻيا آمريڪي سائنٽسٽ ”جيمس فيئرسن“ ۽ ڊيوڊ ليٽن“ اها پڻ دعويٰ ڪن ٿا ته ڪمزور مرڪزي سيٽ اپ جن ۾ حڪومت جا مفاد رڳو پنهنجي ڪرسي بچائڻ هجي ٿو، جنهن ۾ مرڪز اهو به بانور ڪرائي ٿو ته انهن جي پسند ۽ ناپسند جا ماڻهو ڪهڙا آهن، اهي گهڻي ڀاڱي ڪهڙي قوم، عوام، زبان ۽ ٻولي ڳالهائيندڙن ڏي نرم رويو يا مائل هجن ٿا ۽ اهي ٻين جي پرواھ نٿا ڪن. انهن مرڪز وارن جي نظر رڳو مخصوص ماڻهن، صوبن جي خاص زبانن ۽ خاص دادلن وزيرن، اميرن ۽ مشيرن جي اشاري جي منتظر رهي ٿي، پوءِ اهڙين اڻ برابرين جي ڪري مرڪز ڪمزور رهي ٿو، جنهن جا نتيجا امن امان جي صورتحال خراب هجڻ سان گڏ خانا جنگي، سرد جنگي ۽ بغاوت جا عنصر اڀرندا رهن ٿا. ساڳيو مثال اسان اتي اهو به وٺ سگهون ٿا ته هڪڙي صوبي جي مالي، معدني ۽ معاشي حالتن جي لٽ ڦر ڪري ٻين صوبن جي ماڻهن جي بنيادي سهولتن جو پورائو ڪيو ٿو وڃي. وري هڪڙن ماڻهن ۾ مذهبي بغاوت اڀارڻ، مذهبي گروهن کي پنهنجي فرسودگي ۽ بد نيتين جي لاءِ استعمال ڪرڻ پڻ خانا جنگي جا سبب ۽ سامان ٿي سگهن ٿا.
خانا جنگي جا وڏا اهڃاڻ ان ڳالھ مان به اڀرن ٿا، جڏهن ملڪ ۾ انارڪي، ڊڪٽيٽرشپ، سياسي اڻوڻت ۽ اڻبرابري، حقن جي ڦرمار، سياسي اثر، داٻا ۽ سياسي برتري گهڻي يا هڪ پاساهين ٿي وڃي، جنهن ۾ سياسي پارٽين مذهبي گروهن جي اهڙي صورتحال انهن سان سلهاڙيل طبقو انهن جي اشاري تي پرتشدد ۽ جهيڙيندڙ هجي. 1945 کانپوءِ ڪيترائي اهڙا گروھ، سياسي ٽولا، باغي گروپ اڀري آيا جن جي آڏو سياسي اڻبڻت ۽ اڻبرابري جي ڪري اهي پاڻ سان سلهاڙيل عوام گڏ کڻي بيهي رهيا. جنهن ۾ انڊيا ۽ چائنا جي 1946 کان 1975 تائين سرد ۽ خانا جنگيءَ جي صورتحال، وري الجيريا جي آزاديءَ جي جنگ جيڪا 1954 کان 1962 تائين هلي، جنهن ۾ اهي خانا جنگي جي صورحال ۾ اڙيا رهيا. وري ساڳين سالن ۾ سوويت يونين ۽ ايٿوپيا ۾ خانا جنگيون رهيون، ڇو ته مذهبي، معاشي، معاشرتي، لساني ۽ پاور ڊسٽينسز جي ڪري عوام ۾، سماجي، سياسي گروهن ۽ مذهبي ٽولن ۾ جيڪا احساس ڪمتري رهي ٿي اها اهڙين خانا جنگين جي حالتن کي جنم ڏئي ٿي. ان ڪري هاڻوڪي تناظر ۾ ملڪي حالتون به سول وار جو ٻج ڇٽين ٿيون، جن جو انت صرف انصاف ۽ برابري جون تقضائون پوريون ڪرڻ آهي ته جيئن خانا جنگيءَ کي روڪي سگهجي.