خاص

پيپلز پارٽي وزيراعظم خلاف اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

پاڪستان پيپلز پارٽي وزيراعظم عمران خان جي خلاف اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن تي اعتراض اٿاريو ويو آهي. خط پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري طرفان لکيو ويو. خط ۾ اعتراض اٿاريو ويو آهي ته وزيراعظم جو عمل رشوت جي ذمري ۾ اچي ٿو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي ضابطه اخلاف جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺي. خط جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته وزيراعظم انهن اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون جيڪي اليڪٽورل ڪالج جو حصو آهن. نير بخاري لکيو ته تحريڪ انصاف جون عورت اسيمبلي ميمبر ميڊيا کي چئي رهيون آهن ته وزيراعظم 50 ڪروڙ فنڊ ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان جي خلاف ڪارروائي ڪري. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون هيون ۽ انهن کي مسئلن جي حل جي يقين دهاني به ڪرائي هئي. ايم ڪيو ايم جي وفد به عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ حفيظ شيخ به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي. ڪراچي مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين، محمد ابراهيم خان ۽ شاهزين بگٽي سميت وزيراعظم ڪيترن ئي ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون هيون.