نيب چيئرمين آفتاب سلطان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
نيب چيئرمين آفتاب سلطان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، اطلاعن موجب نيب چيئرمين تي گرفتارين ۽ ڪيسن داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو، آفتاب سلطان تي نيب ۾ بدلين ۽ مقررين جو به دٻاءُ هو. نيب چيئرمين وزيراعظم آڏو استعيفيٰ پيش ڪندي چيو ته مون کي ڪجهه شين جي باري ۾ چيو ويو، جيڪي مون کي قبول نه آهن، موجوده ماحول ۾ ڪم نٿو ڪري سگهان. وزيراعظم نيب چيئرمين جي استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي، جاويد اقبال جي رٽائرمينٽ کانپوءِ آفتاب سلطان جولاءِ 2022ع ۾ نيب چيئرمين جو عهدو سنڀاليو هو.

