وزيراعظم سڀاڻي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو
وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اتحادي جماعتن جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ انصاف جي ٻٽي معيار کي قبول نه ڪيو ويندو، ثبوت هجڻ باوجود عمران خان ۽ سندس ساٿين سان ورتاءَ ۾ انصاف جا پڙ برابر نه هجڻ جو تاثر وڌندو پيو وڃي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي تربيت يافتا جٿن ذريعي رياستي ادارن جي اهلڪارن تي تشدد ڳڻتي جوڳو عمل آهي، رياست دشمني کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، جڊيشل ڪمپليڪس تي حملي، سرڪاري عمارتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ اهلڪارن تي تشدد ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.