ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي مسئلي تي مراد علي شاهه جي واٽر بورڊ تي ناراضگي
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ سان ناراضگي جو اظهار ڪيو ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي بابت واٽر بورڊ حڪومت کي غلط معلومات فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ نه آهي اصل ۾ پاڻي جي ورڇ جي نظام ۾ نقص آهن. پاڻي جي فراهمي ۾ ڪتب ايندڙ لائينون پنهنجو مدو پورو ڪري ويون آهن هاڻي انهن کي بدلائڻ گهرجي. پاڻي جي مسئلي لاءِ سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي ڪم ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي آبادي 1.6 ڪروڙ آهي جنهن جي روزانا پاڻي جي گهرج مطابق 800 ملين گيلن آهي. هن چيو ته واٽر بورڊ پاران هن کي ٻڌايو ويو آهي ته هر ماڻهو جي روزانه پاڻي جي گهرج 50 گيلن آهي. هن چيو ته واٽر بورڊ ۽ سنڌ حڪومت جي بيورو ڪريسي سياستدانن کي سالن کان غلط صلاح ڏيندي رهي آهي. جڏهن ته مان هڪ انجنيئر آهيان ۽ اهي مون کي نٿا منجهائي سگهن. ڪراچي جي پاڻي ورڇ جو اصل مسئلو پراڻي لائينن ۾ آهي. هن چيو ته لائينون نه صرف پاڻي کي خراب پاڻي سان ملائي رهيون آهن پر اهي ته پاڻي کي ضايع به ڪري رهيون آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي لائينن جي ڪل ڊيگهه 1200 ڪلو ميٽر آهي جنهن کي بدلائڻ ۾ 200 ارب رپيا خرچ ٿي ويندو. اهي لائينون 60 کان 70 سالن جو عرصو گذاري ويون آهن ۽ هاڻي انهن کي بدلائڻ گهرجي.

