پنجاب ۾ زرعي مقصد لاءِ ڊرون استعمال ٿيندا
پنجاب حڪومت پاران صوبي ۾ زرعي مقصد لاءِ ڊرون استعمال ڪيا ويندا. ڊرون زرعي شعبي ۾ پيداوار کي وڌائيندا. هي ڊرون هڪ ننڍڙو جهاز آهي، جنهن ۾ ڪوبه انسان موجود نه هوندو، هن جهاز کي رموٽ سان ڪنٽرول ڪيو ويندو. هي ڊرون فصلن ۾ اسپري ڪرڻ، فصلن جي مانيٽرنگ جو ڪم ڪرڻ هوندو. پنجاب جي زراعت کاتي واري ترجمان ٻڌايو ته هن ڊرون کي استعمال ڪرڻ وقت علائقي جي سيڪيورٽي کي به پيش نظر رکيو ويو آهي ڊرون استعمال ڪرڻ لاءِ علائقائي ڪميٽي کان اجازت وٺڻي پوندي. ٻئي طرف ڊرون کي استعمال ڪرڻ وقت آپريٽر سان گڏ پوليس اهلڪار به موجود رهندو. ياد رهي ته سڄي دنيا ۾ هن ٽيڪنالاجي جو استعمال کي ڪاميابي سان جاري آهي.