بلاگنئون

بجلي جي لوڊ شيڊنگ جو ڪو به جواز نه آهي

ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار پوري ملڪ کي 24 ڪلاڪ بجلي ڏيڻ جيتري آھي، پر 65 سيڪڙو بجلي چوري ٿيڻ سبب بجلي جي 12 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ جي کاتي ۾ بند ڪري لائين لاسز کي گھٽائڻ واري پاليسي تي عمل ڪيو وڃي پيو. بجلي جي چوري گھٽائڻ لاءِ منصو بابندي ڪري سگھجي ٿي. سستا يا فري ۾ ميٽر ڏئي فڪس چارجنگ تي بجلي مھيا ڪري سگھجي ٿي. بجلي سستي ڪري به چوري کي گھٽائي سگھجي ٿو، جن جن رهائشي علائقن ۾ بجلي جي چوري زيرو آھي ۽ 100 سيڪڙو بلنگ آھي انھن لائينن تي 24 ڪلاڪ بجلي ملي رھي آھي. گرمين جي شدت ۾ جتي بجلي نه ھجڻ سبب ماڻھو گرمي سبب مرن پيا اتي ملڪ جي جن جن علائقن ۾ گرمي جي شدت آھي اتي ھڪ ٻن مھينن تائين 24 ڪلاڪ بجلي مھيا ڪري ماڻھن جي زندگين کي گرمين کان بچائي سگھجي ٿو. لوڊ شيڊنگ جو مطلب اھو ھوندو آھي ته بجلي جي پيداوار گھٽ ھجڻ ڪري پوري علائقي ۾ ھڪ ئي وقت بجلي مھيا نٿي ڪري سگھجي ان ڪري ان علائقي جي ڪجھ حصن ۾ بجلي بند ڪئي ويندي آھي ۽ واري بندي واري اصول تحت بجلي ڏني ويندي آھي، جنھن سان لوڊ کي ورھائڻ يا لوڊ شيڊنگ چئبو آھي. جڏھن ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ايتري آھي جو لوڊ شيڊنگ واري ڪابه صورتحال نه آھي. محرم جي 10 ڏينھن ۾ بجلي بند نٿا ڪن. عيدن تي به بجلي 24 ڪلاڪ ھلي ٿي. ھڪ سال رمضان شريف جي مھيني ۾ بجلي 24 ڪلاڪ ھلي ھئي ته پوءِ گرمين جي شدت ۾ ماڻھن کي گرمي کان بچائڻ لاءِ ايمرجنسي جي بنيادن تي جون ۽ جولاءِ جي مھينن ۾ جڏھن گرمين سبب تعليمي ادارن ۽ ڪورٽن جون موڪلون به ھجن ٿيون بجلي ھر سال انھن 2 مھينن ۾ 24 ڪلاڪ ڇو جاري نٿي ڪري سگھجي، وفاقي سرڪار کي گھرجي ته بجلي جي چوري کي روڪڻ لاءِ ماڻھن کي سستا ميٽر جاري ڪري جيڪي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي وٺي بروقت لڳائي ڏنا وڃن. ھڪ ڪلو واٽ جا اھڙا ميٽر به لڳائي ڏئي سگھجن ٿا جن مان ڪلو واٽ کان وڌيڪ بجلي پاس نه ٿئي، لوڊ وڌڻ تي ميٽر ازخود بند ٿي وڃي. ٽرانسفارمرن جي حفاظت لاءِ به اھڙا آلا لڳائي سگھجن ٿا جيڪي لوڊ تي ڪنٽرول ڪري سگھن ٿا ۽ ايئن ٽرانسفارمر سڙڻ کان بچي سگھن ٿا. غريب ماڻھن کي بجلي چوري ۾ گرفتار ڪري سزائون ڏيارڻ وارو عمل ايئن آھي جيئن ڪنھن ھوٽل تان ڪو بکيو انسان ھڪ ماني چوري ڪري ته ان کي جيل موڪليو وڃي. چوري جي دائرن ۾ انھن کي آڻڻ کپي جيڪي اوور يا وڏو لوڊ چوري ذريعي استعمال ڪن ٿا. پنکي يا بلب لاءِ بجلي چوري ڪرڻ واري تي بروقت 100 يا وڌ ۾ وڌ 500 رپيا جرمانو لڳائڻ کپي نه ڪي ان کي گرفتار ڪري مٿس بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏجي. وڏن بجلي چورن تي بيشڪ بجلي چوري جا ڪيس داخل ٿيڻ کپن، پر ترغيب ڏني وڃي ته بجلي چوري ڪرڻ بجاءِ ميٽرن ذريعي استعمال ڪئي وڃي ۽ ميٽر بلڪل سستا ڪيا وڃن جيڪي 24 ڪلاڪن اندر يا بروقت لڳائي ڏنا وڃن.
افسوس ان ڳالھ تي آھي ته احتجاجن ۽ اٿاريل آوازن ۾ اھو سامھون آيو آھي ته 12 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ کان مٿي لوڊشيڊنگ نه ڪريو. جڏھن ته لوڊ شيڊنگ جو ڪو به جواز ڪونھي. بجلي جي پيداوار ايتري آھي جو لوڊشيڊنگ ختم ڪري سگھجي ٿي. بجلي موجود آھي، پر ڏني نٿي وڃي، قومي خزاني کي ايئن به اربين رپين جو نقصان رسايو پيو وڃي. مطالبو اھو ھجڻ کپي ته گرمين جي ھنن 2- 3 مھينن ۾ ھنگامي حالت ۾ 24 ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي. جيئن عيدن ۽ محرم جي پھرين ڏھن ڏينھن يا خاص موقعن تي بجلي 24 ڪلاڪ ڏني ويندي آھي. عدالتون به پڇاڻو ڪري اھڙا حڪم جاري ڪري سگھن ٿيون. بجلي چوري جو نظام ھٿرادو پيدا ڪيل آھي. چورن خلاف سخت سزائن جا قانون به ٺاھيل آھن، پر پوءِ به چوري ختم نٿي ٿئي. بجلي استعمال ڪندڙن کي جائز بل، آسان ۽ بروقت سستا ميٽر مھيا ڪيا وڃن ته چوري کي گھٽائي سگھجي ٿو. لوڊ شيڊنگ جو جائز جواز صرف ھڪ صورت ۾ نڪري ٿو جڏھن بجلي جي پيداوار گھٽ ۽ استعمال وڌيڪ ھجي جيڪا صورتحال ھاڻ بلڪل ناھي. واپڊا جو ادارو بجلي ضايع ته ڪري رھيو آھي، پر ماڻھن کي ڏئي نٿو.