ٻن عورتن سبب وڙهيون ويندڙ تاريخ جون ٻه وڏيون جنگيون صالح ميمڻ
ڌرتي جي پهرين انسان جي پهرين اولاد کان وٺي سڄي انساني تاريخ ۾ اشرف المخلوق قرار ڏنل ۽ سڀني ساهوارن جي مقابلي ۾ بهترين تقويم تي پيدا ڪيل انسان، پنهنجين جبلتي حيواني صفتن جو مظاهرو ڪندي جهيڙن جهڳڙن، فسادن ۽ جنگي جنون ۾ مبتلا رهندو آيو آهي. سڄي انساني تاريخ جو اهو الميو رهيو اهي ته طاقتور ڪمزور کي پنهنجو محڪوم بنائڻ ۽ وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ وڙهندڙ رهيو آهي. سڪندر اعظم، نيپولين، هٽلر ۽ جارج بش جهڙن ٻين انسانن جي جنگي جنون سان سڄي انساني تاريخ آدجگاد کان اڄ تائين ڀري پئي آهي ۽ مفادن جي حاصلات لاءِ ماڻهن هٿان ماڻهن جي مرڻ جو اهو سلسلو جاري آهي ۽ ڪڏهن به رڪيو ناهي. تاريخ سان گهري دلچسپي رکندڙن، تاريخدانن جي هڪ ٿلهي ليکي مطابق گذريل 5 هزار سالن جي عرصي دوران دنيا ۾ 14 هزار 5 سئو جنگيون وڙهيون ويون آهن، جن ۾ تقريبن 4 ارب انساني جانيون انسانن هٿان ضايع ٿي ويون آهن. انهن هزارين جنگين مان 20 هين صدي جون 2 اهڙيون عالمي جنگيون آهن جن ۾ اڌ کان وڌيڪ دنيا تباھي جي ور چڙهي ۽ ڪروڙين ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪروڙين بي يارو مددگار بڻجي ويا، هڪ اندازي موجب 20 صدي جي شروعاتي اڌ ۾ ٿيل انهن ٻنهي عالمي جنگين ۾ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي ويا، هڪ ارب ڏهه ڪروڙ ماڻهو زخمي ۽ معزور ٿي ويا. صرف 1945ع کان 2005ع تائين دنيا ۾ 175 جي لڳ ڀڳ جنگيون وڙهيون ويون آهن سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ دنيا جو لٺ سردار بڻجي ويل آمريڪا گذريل سوا 2 سئو سالن جي عرصي ۾ 13 وڏين لڙائين ۾ پنهنجا 7 لک 92 هزار 952 فوجي مارائي پوڻا ستاويھ سئو ارب ڊالرن جو پنهنجو نقصان ڪيو آهي، پر پوءِ به مختلف بهانن جي آڌار تي آمريڪا جو اهو جنگي جنون ختم ٿيڻ ۽ گهٽجڻ بدران ڏينهن به ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن سان دنيا ۾ خطرناڪ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ هيڪاندو اضافو اچي رهيو آهي ۽ دنيا جي 6 ارب آبادي کي هڪ ٻئي هٿان مرڻ جا خطرا وڌي رهيا آهن. جيڪڏهن دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ ڪا ٽين مها ڀاري لڙائي شروع ٿي ته پوءِ دنيا ۾ ڪجھ بچڻ جو امڪان باقي نه رهندو.
هن تحرير ۾ پاڻ دنيا جي جنگين جي مختصر تاريخ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنگين جي تباهي کي سامهون آڻڻ ذريعي اهو ڏسڻ ۽ سمجهڻ هن تحرير جو مقصد آهي ته انسان پوري تاريخ ۾ جنگين مان ڪيترو نقصان ڀوڳيو آهي ۽ ان جنون کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو.
- مها ڀارت:
مها ڀارت قديم هندستان ۾ وڙهي ويندڙ سڀ کان وڏي جنگ طور ياد ڪئي وڃي ٿي، جيڪا عورت، ملڪيت ۽ اقتدار جي مسئلي تان هڪڙي ئي خاندان جي ٻن ٽولن جي وچ ۾ وڙهي وئي جنهن ۾ ٻنهي وڏن ٽولن جا لکين ماڻهو استعمال ٿيا ۽ ماريا ويا. هن لڙائي جو زمانو حضرت عيسيٰ عه کان 12 سئو سال اڳ جو ٻڌايو وڃي ٿو، پر ڪن روايتن ۾ 3140 قبل مسيح به بيان ڪيل آهي، هن جنگ تي مها ڀارت جو نالو ان ڪري پيو جو سنسڪرت ۾ “مها” جي معنيٰ آهي سڀ کان وڏي ۽ “ڀارت” جي معنيٰ آهي لڙائي. آريائن جي هڪڙي قبيلي جي ٻن ٽولن ڪوروئن ۽ پانڊن جي وچ ۾ ٿيل هن جنگ جا مک ڪردار ڪورو ۽ پانڊو هئا جيڪي هندستان جي تاريخ جا نالي وارا هيرو سمجهيا ويندا هئا، ڪورو ۽ پانڊو، راجا ڀرت جي 15 هين پيڙهي مان هئا. ملڪ جي حڪمراني راج ڀرت جي اولاد ڏانهن منتقل ٿيندي رهي هئي انهي حڪمراني جي سلسلي ۾ راجا چتروير جيڪو بي اولاد هو. جڏهن هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو تڏهن سندس ڪوبه وارث اهڙو نه هو جو هندستان جي حڪمراني ڪري سگهي، ان صورتحال ۾ اقتدار جي لاءِ رساڪشي وڌي وڃي جنگ کي جنم ڏنو. ان وڏي جنگ تي قديم هندي ادب ۾ هڪ ڊگهو رزميه نظم (تاريخ جو طويل نظم) به آهي جيڪو “مها ڀارت” جي نالي سان شايع ٿيل آهي. هن وڏي لڙائي جي سڀ کان وڏي شروعات اها هئي جو ڪورو، پانڊو کان دهلي جي اها جاگير جيڪا سندس حصي ۾ آيل هئي جوا ۾ کٽي ورتي هئي. ان جوا ۾ پانڊو پنهنجي زال درو پدي کي به ان جوا ۾ هارائي ويٺو هو.
(ان زماني ۾ هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ ۽ هڪڙي زال جا هڪ کان وڌيڪ مڙس هجڻ جو رواج به هو) درو پدي هڪ خوبصورت عورت هئي، جنهن کي جوا ۾ کٽيل مال سمجهي، ڪورو سندس سرعام لڄ لٽڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، معاملو ان فيصلي تي ختم ٿيو ته پانڊو 12 سالن تائين ڏيھ ڇڏي ويندو، پانڊو فيصلي جو شرط پورو ڪري واپس آيو ته کيس سندس جاگير کان محروم ڪيو ويو. جنهن تان ڌرين ۾ لڙائي جي ابتدا ٿي وئي، جيڪا آهستي آهستي وڌي ان زماني ۾ لکين ماڻهن کي ڳڙڪائي وئي. هن ڀارت جي پهرين وڏي جنگ کي هڪڙي قبيلي جي ٻن گروهن جي جنگ به چئي سگهجي ٿو جيڪا جوا ۾ هارايل زال جي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۽ ان معاملي تي جرڳو ڪري سزا ٻڌائڻ ۽ ملڪيت تي قبضو ڪرڻ تان لڳي.
- ٽروجن واري قديم تاريخي جنگ به ھڪ عورت تان لڳي لکين ماڻهو مئا:
ٽروجن واري جنگ به هڪ قديم تاريخي جنگ آهي جنهن جو سبب به هڪ عورت آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ 10 سالن تائين ويڙھ ڪئي وئي. جنهن جنگ ۾ قديم يونان جي ماڻهن ٽرائي نامي شهر جي رهواسين کي شڪست ڏئي آخر ۾ ٽرائي شهر کي باھ ڏئي ساڙي تباھ ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڀڙي (ڦٽل شهر) جا نشان اڄ به ترڪي ۾ موجود آهن، يوناني شاعر هومر هن جنگ جي حوالي سان نظم لکيا ۽ هڪ ٻئي شاعر ورجل به هن جنگ جي پسمنظر ۾ شاعري ڪئي، هيءَ جنگ حضرت عيسيٰ عه جي زماني کان 12-13 سال اڳ ۾ لڳي، جنهن جو سبب اهو هو ته ديوتا پيلوس جي شادي ديوي ٿيٽس سان ٿي رهي هئي، مگر ان شادي جي تقريب ۾ ايريس ديوي کي دعوت نه ڏيئي نظرانداز ڪيو ويو هو، جنهن جي ضد ۾ ايريس شادي ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ گڙٻڙ پيدا ڪرڻ لاءِ بغير دعوت جي شريڪ ٿي، سون جو ٺهيل هڪ خوبصورت صوف آڻي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت عورت کي ڏيڻ لاءِ آڇيو، جنهن صوف جي مالڪي تي ٽن خوبصورت عورتن هيرا، آٿينا ۽ افرودائيتي جي وچ ۾ حسن جو مقابلو ٿي پيو ۽ صوف کي حاصل ڪرڻ لاءِ تڪرار وڌي ويو. ڦڏي کي ٽارڻ لاءِ بادشاھ پريام جي پٽ پئرس، منصف طور ڪردار ادا ڪري معاملو ٽاريو. حسين هجڻ جي دعويدار ٽنهي عورتن پئرس تي اثر رسوخ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پارس افرودائيتي کي سڀ کان خوبصورت قرار ڏيندي سونو صوف ان جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ان جي عيوض کانئس هڪ خوبصورت عورت هيلن کي حاصل ڪيو، اهڙي طرح مقابلي ۾ شريڪ ٻه ٻيون خوبصورت عورتون هيرا ۽ اٿينا پئرس جون ويري ٿي ويون.
پئرس رشوت ۾ مليل خوبصورت عورت هيلن سان مليو ۽ ان کي پاڻ سان گڏ ٽرائي شهر وٺي ويو. جنهن تان تڪرار ۾ تيزي آئي ۽ جنگ جو ماحول گرم ٿي ويو. ڇو جو هيلن اڳ ۾ ئي اسپارٽا جي بادشاھ مينيلئس جي راڻي هئي. هيلن کي واپس ڪرڻ لاءِ مينيلئس ۽ ان جي مٽن مائٽن گڏجي اوڙي پاڙي جي بادشاهن کان مدد وٺي هڪ وڏي فوج ترتيت ڏني جنهن جو مقصد هيلن کي ويڙھ ذريعي بازياب ڪرائڻ/واپس آڻڻ هو.. ٻن سالن جي تربيت ۽ جنگي مشقن کان پوءِ قديم يوناني فوج ٽرائي شهر تي حملو ڪري ڏنو. يوناني فوجين ٽرائي شهر جو گهيرو ڪيو جيڪو 9 سالن تائين لڳاتار جاري رهيو. آخرڪار ڏھين سال ۾ ٽرائي جي فوجين هٿيار ڦٽا ڪري شڪست قبول ڪئي، يوناني فوج شهر ۾ داخل ٿي وئي ۽ هيلن کي بازياب ڪرائي ورتو.
ان جنگ ۾ يونانين وڏي پيماني تي قتل عام ڪيو بيشمار ٽروجن خوبصورت عورتون اغوا ڪيون ويون جن ۾ شاهي خاندان جون گهڻيو عورتون شامل هيون.
ٽروجن جي هي جنگ هڪ خوبصورت عورت کي دعوت نه ڏيڻ ۽ ان جي ضد جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل مسئلي ۽ هڪ عورت کي يرغمال بنائڻ ۽ ان جي بازيابي جهڙن معاملن تان منظم انداز ۾ وڙهي وئي جنهن ۾ ان زماني جا لکين بي گناھ ماڻهو قتل ٿيا ۽ هزارين بي گناھ عورتن جي ناحق لڄ لٽي تذليل ڪئي وئي. جيڪا ڳالھ اڄ به تاريخ جي هڪ خوفناڪ قصي طور ياد رکي وڃي ٿي.
***

