اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نيب هٿان گرفتار

نيب، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتاري اسلام آباد جي هڪ هوٽل ۾ ڪئي وئي، جنهن بعد آغا سراج دراني کي راولپنڊي آندو ويو آهي. آغا سراج دراني تي پنهنجي تڪ ۾ ترقياتي فنڊن ۾ خرد برد ڪرڻ سان گڏ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام پڻ آهي. آغا سراج دراني کي سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته چيئرمين نيب جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال گذريل سال اپريل ۾ آغا سراج دراني ۽ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري غلام محمد خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني هئي.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments