زمين ويجهو ستارن جو درياءُ دريافت
آسٽريا جي يونيورسٽي آف ويانا جي ماهرن خلاء ۾ موجود يورپي سيٽلائيٽ گايا پاران ورتل نيون تصويرون ۽ ڊيٽا حاصل ڪيو آهي. هنن تصويرن ذريعي معلوم ٿيو آهي ته زمين کان مخصوص دوري تي ستارن جو هڪ درياءُ موجود آهي جنهن درياءَ ۾ تقريبن 4000 ستارا موجود آهن، جيڪي هڪ ارب سال اڳ پنهنجي وجود ۾ اچڻ بعد گڏجي هلي رهيا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن درياءَ جي دريافت کانپوءِ اسان ملڪي وي بابت نئين معلومات حاصل ڪري سگهنداسين. ماهرن هن درياءَ جو هڪ ٿري ڊي نقشو به تيار ڪيو آهي. ماهر جو چوڻ آهي ته جيئن ته هي درياءُ سڄو هڪ ئي وقت ۾ وجود ۾ آيو ان ڪري اهي ستارا هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. جڏهن ته ملڪي وي جي ثقلي قوت انهن تي اثر انداز رهي آهي. پنهجي وجود ۾ اچڻ بعد هي درياءَ اسان جي ملڪي وي جي گرد 4 چڪر مڪمل ڪري چڪو آهي.

