خاص

گڏيل قومن پاران ڪامياب جوان پروگرام لاءِ 30 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان حڪومت پاران نوجوانن جي بهتريءَ لاءِ هڪ پروگرام شروع ڪيو هيو. جنهن جو نالو ڪامياب جوان پروگرام رکيو ويو آهي. حڪومت پاڪستان هن پروگرام لاءِ 200 ارب رپيا پڻ رکيا هئا. تازو گڏيل قومن به هن پروگرام لاءِ 30 ملين ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. هن موقعي تي گڏيل قومن جي نمائندي چيو ته اسان حڪومت سان ملي ڪري سان ملي ڪري پاڪستان جي نوجوانن جي ترقي لاءِ ڪم ڪنداسين. ۽ هن منصوبي تحت ٻه لک نوجوانن کي بااختيار بڻائينداسين.گڏيل قومن پاران وزيراعظم جي صلاحڪار عثمان ڊار کي هن پروگرام جو شريڪ چيئرمين به مقرر ڪيو آهي. عثمان ڊار هڪ ملاقات ۾ گڏيل قومن جي نمائندن کي ٻڌايو ته پاڪستان هن پروگرام ذريعي نوجوانن جي لاءِ منصوبا تيار ڪيا آهن، جنهن کي جلد لانچ ڪيو ويندو. جنهن سان نوجوانن کي تعليم، فني تربيت ۽ روزگار جا موقعا ڏنا ويندا. گڏيل قومن پاران فنڊ جي اعلان بعد وزيراعظم عمران خان پڻ هڪ پيغام ۾ گڏيل قومن جي عمل کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن ۽ هن پروگرام ذريعي انهن جي لاءِ مختلف منصوبا تيار ڪيا ويندا.