سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس ۾ تقرير ڪندي سنڌ جي گهرو وزير ۽ وزير قانون فرمايو آهي ته صوبي اندر جيتري بدامني آهي انهيءَ جو وڏو سبب عدالتون وقت سر فيصلا نٿيون ڪن، ڏوهن جا ڏوهاري آزاد ڪيا ٿا وڃن ان جي ڪري اها ڌر جنهن جو ڏوهه انهن ڏوهارين ڪيو جن کي عدالتن آزاد ڪري ڇڏيو، ان ڏوهاري کي متاثر ڌر خانگي سزا ڏئي ٿي، جيڪا دشمنيءَ ۾ تبديل ٿيو وڃي ٿي ۽ پوءِ اهي دشمنيون سالن جا سال هلن ٿيون، جنهن جي ڪري صوبي جو امن خراب کان خراب ٿيندو رهي ٿو. تقرير دوران هن اهو به چيو ته جن ڏوهارين جي سر تي سنڌ سرڪار انعام رکيو آهي انهن کي پڻ عدالتون آزاد ڪري ڇڏين ٿيون.
24 هزار کان مٿي ڪيس التويٰ جو شڪار آهن. انهيءَ سبب جي ڪري صوبي ۾ هڪ ته بدامني وڌي ٿي ۽ ٻيو متاثر ماڻهن کي عدالتي انصاف جي اميد نٿي رهي، ان ڪري هو خانگي فيصلن ۾ جن کي عام طرح جرڳو چيو ويندو آهي، وڃڻ پسند ڪن ٿا. اسين سمجهون ٿا ته ڪافي ڳالهيون وزير صاحب جون بلڪل جائز آهن. عدالتون ماڻهن کي ترت انصاف ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿيون آهن، ان جي ڪري ئي عوام جو عدالتن جي مٿان اعتماد کڄي چڪو آهي. عدالتن اندر ڏوهاري ۽ فريادي کي هڪڙي اک سان ڏٺو ويندو آهي، اڃان به فريادي جي وڌيڪ تذليل ٿيندي آهي، پر ڪجهه سوال اسان سنڌ سرڪار جي وزير موصوف کان پڇون ٿا ته اوهان قانون جا وزير به آهيو ۽ وزير داخلا هجڻ سبب پوليس جا وزير به آهيو، اسيمبلي جا ميمبر به آهيو، اسيمبلي ڪهڙو قانون پاس ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي عدالتن کي اهو چيو وڃي ته اوهان مهرباني ڪري ڪيسن جو اڪلاءُ جلد کان جلد ڪريو؟ اوهان جا سرڪاري وڪيل سواءِ تاريخ وٺڻ جي عدالتن اندر ٻيو ڪهڙو تير هڻندا آهن؟ هاڻي اچون ٿا پوليس طرف پنهنجي ملڪ جي پوليس خاص طور تي صوبي سنڌ جي پوليس جنهن جو مقصد عوام کي تحفظ ڏيڻ آهي، اها ان ۾ ناڪام ڇو ٿي ٿئي. فريادي فرياد کڻي ٿاڻي تي اچي ٿو سندس تذليل ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ سفارش ڪرڻ کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ٿئي ته ان جي تفتيش ۾ ڄاڻي واڻي غلطيون ڪري ڪيس کي خراب ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ پوليس جا ڪيترا آفيسر ۽ انهن جو اولاد پوليس جي قانوني طاقت کي پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڇو ٿو ڪري؟ پوليس طرفان تفتيش دوران ڪيس ڪمزور هجڻ جي ڪري عدالتون ملزمن کي آزاد ڪن ٿيون، ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو آهي؟ اهي سڀ سوال آهن جن جو جواب حڪومت وقت جي وزير صاحب کي ڏيڻو پوندو، اهي سڀ ڪم سندس کاتي سان واسطو رکن ٿا. پهرين اوهان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪريو، پوليس جي آفيسرن کي ۽ سرڪاري وڪيلن کي قانوني ذميواريون سمجهايو، ان کانپوءِ توهان بلڪل حق بجانب هوندو ته عدالت ۾ ويٺل ججن تي تنقيد ڪري سگهو. ان لاءِ وري به اوهان کي اسيمبلي جو ايوان موجود آهي جتي ويهي اوهان قانون سازي ڪري سگهو ٿا. صرف توهان اسيمبلي فلور تي بيهي کوکليون تقريرون ڪندو ته ان سان صوبي ۾ نه قانون جي حڪمراني ٿيندي، نه ئي عام ماڻهو کي انصاف ملندو، پوءِ ڏوهاري هڪ مافيا بڻجي ڪمزورن کي ڳڙڪائڻ ۾ مشغول ٿي ويندو، سماج جهنگ بڻجي ويندو ۽ اسان کي هن وقت هر طرف ايئن ئي نظر اچي رهيو آهي.
اوهان سمجهو ٿا ته صرف بجيٽ اجلاس دوران هڪ جذباتي تقرير ڪري اوهان پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي ته اهو بلڪل غلط آهي. اوهان کي پنهنجي ذميواري جو احساس آهي ته ان کي عملي روپ ۾ آڻيو ۽ موثر قدم کڻي عوام کي يقين ڏياريو ته جيڪو ڪجهه توهان اسيمبلي جي ايوان ۾ بيهي چئو ٿا اهو اوهان واقعي ڪرڻ به چاهيو ٿا. ڇو ته اختيار اوهان وٽ آهي، اوهان سٺن آفيسرن کي انعام ڏيو ۽ خراب آفيسرن کي سزائون ڏيو ته پوءِ انتظامي صورتحال بهتر ٿيندي امن جي صورتحال تڏهن ئي بهتر ٿيندي جڏهن توهان نظام کي قانون ۽ آئين جي مطابق هلڻ ڏيندا ۽ پوءِ بهتري جا امڪان وڌي ويندا، پر ڳالهه وري به اتي ٿي کٽي ته ڇا اوهان واقعي سنڌ صوبي اندر قانون جي حڪمراني چاهيو ٿا يا پنهنجي ذاتي حڪمراني چاهيو ٿا. انهيءَ ذاتي حڪمرانيءَ ۾ سياستدان، وزير، ڪامورا، جج سڀ شامل آهن. عوام ته چاهي ٿو ته صوبي اندر قانون جي حڪمراني هجڻ گهرجي.