ڪهاڻيوننئون ڪهاڻي: ڪلائوڊ برسٽ September 11, 2025 Zahida Abro “ٻه ٽي ڏينهن ڏسڻ ۾ نه آئين؟”هن جيئن ئي گهٽيءَ ۾ منهن وڌو ته دل گهرئي مشتاق سڪ مان پڇيس. ڪجهه چوڻ بدران هن سڄي پير جو آڱوٺو ڏيکاريس.“هان! آڱوٺي کي سفيد پٽڪو!؟”“آڱوٺن جهڙن کي ئي ته پٽڪا پارايا ويندا آهن”دوست جي ڳالهائڻ پڇا ۾ اڻ لکو ڀوڳ هو. سور درد جي سٽ کان هو آهستي دوست سان هلندو سيمينٽ جي دڪي تي ٽنگون لڙڪائي ويهي رهيو. گهٽيءَ جي موڙ تي دڪي تان ڪجهه سيمينٽ اکڙيل هو. سرون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. گهٽيءَ مان ماڻهو ٿي مٽيا ۽ پريان اسڪول مان ٻارن ۽ استادن جا آواز ٿي آيا.“پير مٿي ڪر!”دوست ائين چئي ڪپڙي اڳڙي جي ڳنڍ ۾ هٿ وڌو.“خيال ڪجان آڱر لائڻ سان به درد ٿو ٿئي”“سڄو نهن ڪارو ڏامر ٿي ويو آهي. هاڻ جڏهن اُکڙجي لهي ۽ نئون ڄمي”دوست جي ڳالهائڻ ۾ همدردي هئي.دڪي وانگر ماڻهون به اکڙجي ويندو آهي، کل، وار ڇڻين ويندا آهن.ان وراڻيو:“ڇا لڳئي؟ ٿُڏو لڳو هوندئي”هن جون اکيون گهٽيءَ جون سروي ماپ ڪرڻ لڳيون.“ٽين رات گهر موٽندي ڪا سر پيل هئي، اپهڪي لڳي وئي”هن جون اکيون گهٽيءَ ۾ هيون ۽ دوست کي چيائين.“رت ڳڙيو هوندو؟”“رت هو سو اجايو سجايو ڪڏهن ڪو وهي ويو. هاڻ ڪٿي آهي”“گهٽيءَ ۾ سر ته ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي”دوست پڇيس“ڪا سر مٿي ۾ لڳي ويندي آهي ۽ ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي”هن وراڻيو.“مٿي ۾ لڳل جون، ليکَ ته ڪڏهن ڪو چيڀاٽجي وئي. باقي مٿي ۾ لڳل سر ته ٿڌي مٽيءَ مان نميل آهي” دوست چيس“هر سِر گرم بٺي مان پڪي ٿي نڪرندي آهي، پوءِ ساوڻ وسڪار ۽ ٿڌي موسم ۾ ٿڌي ٿيو پوي”دوست آڱوٺي تي اڳڙي ليڙ ٻڌندي چيو: ڄڻ پٽڪي کي ور ٿي ڏنائين.“سڪو ڌڪ آهي” هن دوست کي چيو“تون ته ٻه ٽي ڏينهن گهر ۾ هئين. آئون صبح شام گهٽيءَ ۾، سر سروٽو ته ڏسڻ ۾ ڪونه آيا؟” دوست پڇيسهڪ بجاءِ يڪا ٻه اسڪوٽر لنگهيا، گوڙ ۾ ڳالهه ٻڌڻ ۾ نه آيس.“ڇا چيئي؟”“ٻاهر ته پاڏو متارو، پر گهر ۾ ميائون ميائون پيچ پنهل سان ٻلي وانگي ميائون ميائون پيرن ۾ گهر جي لڳل اٿئي”دوست جي ڳالهائڻ ۾ هلڪي طنز ۽ سچ جو پاڇولو هو. دوست ڄڻ گهر جو ڀيدي.“هلو ڇا پيئڻ آيون آهيو، رت لڀي ڪونه”هن ٻانهه خميس تان ماڪوڙيون ڇنڊيندي چيو.“رت مٺو ٿئي ٿو” دوست چيس“مٺو!؟” جسم رڳن جي جنگل مان رت ماکي وانگر ڪڏهن ڪو اڏامي ويو” هن وراڻيو“پر روح ته مٺو ٿڌو هوندو آهي”“روح ڪٿي به آهي جتي به آهي اتي ته ٿڌيون هوائون رحمت جي وسڪار”دوست کي مُرڪي وراڻيائين.دوست زبان بجاءِ دل جان ۽ روح سان ڳُجهي ڳجهاندڙ ڪرڻ لڳا.“ٻُڌ هميشه وانگر اڄ ڪلهي تي ٿڌي پاڻيءَ جو ٿرماس ڪونه اٿئي؟”دوست کي اُڃ لڳي هئي يا سڪي ڌڪ لڳڻ جو پڪو پيري اکين ڏٺو شاهد ٿي پيو هو.“ٽُٽي پيو”“ڏوهه بي جان سر جو! ڳري سرڪار جو نالو کڻندي ٽيئڙ تپ ٿو چڙهئي”“اپهڪي اتفاقي مٿي ۾ لکي جو ليک مٿي ۾ لڳي وئي”هن جي ٻڌائڻ تي دوست کلي ڏنو.دوست جي کل مرڪ ٻه ڏينهن اڳ جي ڪهاڻي جو ڄڻ پيرو کنيو.منجهند جو آرامي هو، شام جا ڇهه ٿي ويا هئا. اتر پاسي شيشي جي دريءَ مان ڀرجي آيل بادل اڃا وسڻ جا ويس ڪن، هو ڪڪري جيان مٿان بيٺل هئس ۽ کيس اٿڻ جو پئي چوي ته هٿن مان اسٽيل جو ڀريل ٿرماس ڪلائوڊ برسٽ ٿي سڄي آڱوٺي تي ڪريو. رڙ هئي جا ٻاهر وسندڙ مينهن گجگوڙ کنوڻ ٺڪا ۾ دٻجي وئي.*** Post Views: 185