محمد علي جناح جو ڄم 25 ڊسمبر1876 تي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهرڪ ۾ ٿيو.
جناح کي گهر ۾ لاڏ مان “ممد” سڏيو ويندو هو. ممد جڏهن 6 سالن جو ٿيو، ان وقت سندس والد هڪ خانگي استاد وٽ محمد علي کي الفابيٽ ۽ حساب پڙهائڻ لاءِ رکيو. محمد عليءَ جي شادي 16 سالن جي عمر ۾ سندس ماءُ جي مرضيءَ سان ڪرائي وئي البته ايترو جلدي محمد علي شاديءَ جي حق ۾ نه هيو، پر والدين جي فرمانبرداري ڪندي شاديءَ جي لاءِ هائوڪار ڪيائين. شاديءَ جي وقت ان جي عمر فقط 14 سال هئي.
فاطمه جناح جي چواڻي ته سندس ڀاءُ شاديءَ جي ڏينهن مٿي کان پيرن تائين ڊگها هار پاتا، کيس جلوس جي صورت ۾ پنهنجي ڏاڏي جي گهران ڪنوار جي گهر آندو ويو. جناح شاديءَ کان اڳ پنهجي ونيءَ کي هڪ دفعو به نه ڏٺو هو. شاديءَ جي چند ڏينهن کانپوءِ جناح امي ٻائيءَ کي ڪراچي ۾ پنهنجي والدين وٽ ڇڏي پاڻ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت هليو ويو. جڏهن 1893 ۾ 20 سالن جي تمام ٿوري عمر ۾ بئريسٽريءِ جو امتحان پاس ڪري ولايت مان موٽيو ته ان وقت تائين سندس ماءُ ۽ وني فوت ٿي چڪيون هيون.
پهرئين ونيءَ جي وفات کانپوءِ جناح جيڪا ٻي شادي ڪئي ان جو قصو تمام گهڻو دلچسپ آهي. اهو ڪجهه هن ريت آهي ته جناح جو سر ڊنشا جي 16 سالن جي نياڻيءَ سان ڊارجلنگ ۾ ٻه مهينا گرمين جون موڪلون گذارڻ جي دوران عشق ٿي ويو. جتي هو ڊنشا وٽ مهمان طور رهيل هو. رتيءَ جا والدين پنهنجي ڌيءُ جي شادي جناح سان ڪرائڻ لاءِ راضي نه هئا. ان وقت رتيءَ جي عمر صرف 16 سال هئي. جيڪا قانوني طرح شاديءَ جي عمر نه هئي. ان شاديءَ کي روڪرائڻ لاءِ رتيءَ جي والدين ڪورٽ سان پڻ رجوع ڪيو ۽ ڪورٽ مان هڪ منع نامون پڻ جاري ڪرايائون. جنهن تحت رتي ۽ جناح جي ملڻ تي پابندي هنئي وئي هئي، پر رتي جيئن ئي 18 سالن جي عمر کي پهتي ته پنهنجي والد جي گهر کي ڇڏي جناح وٽ هلي آئي. هن 19 اپريل 1918 تي جناح سان شادي ڪري ڇڏي. هن شاديءَ کان ٽي ڏينهن اڳ اسلام پڻ قبول ڪيو. جناح ۽ رتيءَ جي شادي صرف هڪ ڏهاڪي تائين هلي سگهي ۽ انهن جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي طلاق جو سبب ٻنهين جي عمرين جو فرق ۽ مزاج ۾ هڪجهڙائي نه هئڻ هو. طلاق کانپوءِ رتي سخت بيمار ٿي پئي کيس پئرس جي نرسنگ هوم ۾ داخل ڪيو ويو، پر سندس طبيعت بهتر نه ٿي سگهي ۽ رتي جناح پنهنجي سالگرهه واري تاريخ 20 اپريل 1929 ۾ هي جهان ڇڏي وئي. رتيءَ جي وفات کانپوءِ جناح جي مزاج ۾ سختي ۽ افسردگي وڌي وئي. کيس هيءَ عليحدگي زندگيءَ جي ذاتي شڪست محسوس ٿيڻ لڳي. هو هن صدمي کي مرڻ تائين وساري نه سگهيو.
جناح ۽ گانڌيءَ جي ويجهڙائپ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن 1917 ۾ گجرات سڀا جي صوبائي پوليٽيڪل ڪانفرنس جي موقعي تي جناح تقرير لاءِ اٿيو ته اتي موجود سندس “هم زبان” گانڌي ان کي گجراتيءَ ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي. جناح گانڌيءَ جي ڳالهه مڃيندي تقرير جي شروعات ڪندي چيو ته “گانڌيءَ جي چوڻ تي گجراتي ڳالهائي رهيو آهيان.” ان کانپوءِ جناح 40 منٽن تائين انگريزيءَ ۾ تقريرڪندو رهيو. جيڪي ماڻهو جناح جي شخصيت مان واقف هئا اهي چوندا هئا ته جناح عورت جهڙي نرم دل ۽ ٻار جهڙي معصوم شخصيت جو مالڪ هو. هو هڪ عملي ۽ عقليت پسند ماڻهون هو. جناح کي 1901 ۾ مسٽر چارلس پنهنجي بئنچ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ چيو ۽ کيس پگهار طور ان وقت 1500 روپيا مهينو ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن ٺڪرائي ڇڏي ۽ چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جنهن ڏينهن مان روزانو پندرهن سو روپيا ڪمائڻ جي لائق ٿي ويندس.
جناح پير پاڳاري جي غير قانوني گرفتاري جو ڪيس پڻ سکر ۾ اچي لڙيو. جيڪو سکر جي اسپيشل ڪورٽ ۾ هليو. ڪيس دوران جناح سکر جي گورنمينٽ سرڪٽ هائوس ۾ رهيو. جيڪا ان وقت سکر جي سٺي ۾ سٺي رهائش هئي. جتان سنڌو دريا جو نظارو پڻ نظر ايندو هو. جناح ان ڪيس جي روزانو 500 رپيه في وٺندو هو. جيڪا ان ڏينهن ۾ تمام گهڻي هئي. انهيءَ ڪيس ۾ پير پاڳاري کي سزا اچي وئي.
قائد اعظم محمد علي جناح جي ويجهي دوست ابوالحسن اصفهاني پنهنجي ڪتاب Quaid as I know him ۾ لکيو آهي ته قائداعظم پهرين اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندو هو. خواجه تنظيم جو ڪارڪن پڻ هو ان کي باقاعده چندو به ڏيندو هو. 1898 ۾ هن بمبئي جي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ هڪ حلف نامو جمع ڪرايو ته هو پاڻ ۽ ان جي ڀيڻ فاطمه اڄ کان پوءِ اسماعيلي فرقو ڇڏي اثنا عشري شيعا مسلڪه اختيار ڪن ٿا.
جڏهن قائد اعظم جي وفات ٿي ته ان جي مڙهه کي حاجي ڪلوءَ غسل ڏنو هو. جيڪو خود به خواجه ۽ شيعو اثنا عشري هو. جيڪو خواجه جماعت ۾ مڙهن کي غسل ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل هو. قائداعظم جون ٻه جنازي جون نمازون پڙهيون ويون. پهرين جنازي جي نماز ان جي گهر تي شيعه عالم دين مولانا انيس الحسنين مرحوم شيعه عقيدي تحت پڙهائي جڏهن ته ٻي جنازي جي نماز علامه شبير احمد عثماني پڙهائي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته جناح جي جنازي کي کڻي ايندڙ ايمبولينس تي الم پڻ ڦڙڪي رهيو هو. جناح کي هڪ خطرناڪ بيماري ٽي بي (سلهه) ٿي وئي هئي. جنهن جي ڪري هن جو جسم وڌيڪ سنهو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو. هن جي جسم تي لباس خاص طور تي فل سوٽ تمام ڍلو لڳندو هو.
پاڪستان جي باني رهنما ۽ هڪ بهترين وڪيل جي زندگي جو ڏيئو 11 سيپٽمبر 1948ع تي صبح جو 10 لڳي 20 منٽن تي اجهامي ويو. جناح جي ڌيءَ دينا پنهنجي پيءُ جي تدفين ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهتي، هوءَ هن کان اڳ ڪڏهن به ڪراچي نه آئي هئي.