بلاگخاصنئون

قومن جو مزاج

اعجاز منگي

جڏهن آمريڪا آباد ٿيڻ شروع ٿيو هو ته يورپ جي ماڻهن آمريڪا ڏانهن تمام وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪئي هئي ۽ انهن اچي اتي پنهنجي مستقل رهائش اختيار ڪئي هئي. ان دور ۾ غلامن جو ڪاروبار عام ڳالهه هئي ۽ ڪوبه ان کي انساني حقن جي لتاڙ نه سمجهندو هو، نه گڏيل قومن جو ادارو هو نه ئي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪا ڪميشن.

آفريڪا کنڊ وچ اوڀر جي ڀيٽ ۾ ويجهو هو ان لاءِ اتان غلامن جو خريدڻ وڌيڪ آسان هو ۽ سفر جو خرچ گهٽ پوندو هو. ان لاءِ دلال وڏي پئماني تي غلام خريد ڪري پوءِ آمريڪا ۾ وڪڻندا هئا، آفريڪا ۾ غلامن جي خريد آسان هئي ڪنهن به يورپي ملڪ جي ڀيٽ ۾، ڇو ته يورپ ۾ غلامن جو ڪاروبار تمام گهٽ ٿيندو هو

سالن تائين ڪارن کي غلامن جي حيثيت ۾ خريد ڪيو ويندو هو ۽ گورا انهن جا مالڪ هئا ۽ اهو سلسلو ڪافي صدين تائين هليو. ان سان گورن جي ذهن ۾ احساسِ برتري جو احساس ايمان وانگر گهر ڪري ويو. هو ڪارن کي اڇوت سمجهندا هئا بلڪل ائين جيئن برهمڻ شوڌرن کي. ڪنهن به ڪاري کي ڪنهن به گوري جي اسڪول ۽ اسپتال ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي. کين ڪابه عزت واري نوڪري ملڻ جو تصور ئي نه هو. اهو مزاج ۽ طبقاتي نظام تيستائين نه ٽُٽو جيستائين مارٽن لوٿر ڪنگ جهڙن ماڻهن تمام وڏي جدوجهد نه ڪئي.

جيتوڻيڪ انساني حقن جي برابري جي ڳالهه آزاديءَ جي ٺهراءُ Declaration of Independence ۾ 1776ع ۾ ڪئي وئي هئي، پر پوءِ ڪارن کي گورن جي سماج ۾ سندن برابري تائين پهچڻ لاءِ ٻه سئو سالن تائين جدوجهد ڪرڻي پئي. گورن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته ڪارا موڳا مٽر، ڪاهل ۽ ڪم عقل آهن انهن کي پاڻ سان گڏ ڪيئن ٿا ويهاري سگهون.

ڪارن کي هڪ ئي راهه نظر آئي، اها هئي ته محنت ڪريو ۽ پڙهو. اهي ٻه رستا آهن جن تي هلي انسان معتبر ٿي سگهي ٿو. طويل پنڌ ڪرڻ بعد باراڪ اوباما ڪارن مان آمريڪا جو صدر ٿيو.

قومن جو مزاج، خراب يا سٺو ڏينهن ۾ تبديل نٿو ٿئي، پر ان لاءِ سال کپن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته خرابيون جلدي اچن ٿيون. سنڌ جو مزاج به تبديل ٿي رهيو آهي، پر خرابي جي طرف. جيئن هڪ دوست ڪچهري ڪندي چيو ته ڪيڏو به ڀلو ليکڪ هجي ان جي ڪتاب جون مشڪل سان هڪ هزار ڪاپيون ٿيون وڪامجن ان جي ڀيٽ ۾ نفرت انگيز مواد جيڪو سنڌي سماج جي برداشت واري عنصر لاءِ قاتل زهر جو ڪم ڪري ٿو، اهو تيزيءَ سان ڇپجي ۽ وڪامجي ٿو.

اصل ۾ ڪتابن کان دوري سماج ۾ فڪر جي سگهه ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ سماج کي ڪوبه پنهنجي غلط مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ اهو سنڌ سان ٿئي پيو، گهوٽڪي جهڙا واقعا خطري جو پيغام آهن. بدقسمتي سان هن وقت اسان وٽ ڪوبه وڏي قد ڪاٺ وارو سياسي اڳواڻ ناهي جيڪو سماج کي ڪنهن صحيح دڳ تي وٺي هلي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جا ساڃاهه وند ماڻهن کي صحيح راهه جا ڏس ۽ گس ٻڌائين. هن وقت الميو اهو آهي جو ليکڪ، شاعر ۽ ڪالم نگار هڪ اڻ سمجهندڙ ماٺ ۾ هليا ويا آهن، امر جليل کان وٺي آڪاش انصاري تائين سڀ وڏا نالا موجود آهن. علي قاضي ۽ مظهر لغاري جهڙا ڪالم نگار حال حيات آهن، پر اهي انهن تاريڪ پاسن تي لکن ئي نٿا. حيدرآباد ۽ ڄامشوري سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ اشتعال انگيزي جا دڪان ته جام کلي ويا آهن، پر ڪتابن جا اسٽال ناهن.

خاڪي جويي جهڙا انسان ناهن رهيا جيڪي سڪرنڊ جي بس اسٽاپ تي ڪتاب صندل تي رکي وڪڻندا هئا ۽ اهڙا منظر سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ملندا هئا. جيڪڏهن اسان تي به انتها پسندي جو ٺپو لڳي ويو ته ڪارن وانگر صدين تائين جدوجهد ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن مارٽن لوٿر ڪنگ جهڙا اڳواڻ پيدا ٿيا ته پوءِ کڻي حالات بدلجڻ جي اميد به رکي سگهجي ٿي نه ته الله ئي واهي آهي.

سنڌ تڏهن اياز ۽ بخاري واري سنڌ هوندي جيستائين هو علم ۽ اعتدال پسندي سان واڳيل رهندي.