بلاگنئون

ھڪ عُمر جو ظلم ٻيو چالان مھانگا

 اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جو راڪاس ڦيرا ڏيئي رھيو آھي. بيروزگارن جو تعداد ته ڳڻپ کان ٻاهر آهي. وري پنڻ وارن جو به تعداد انگن ۾ شمار ڪجي ته انگ ختم ٿي ويندا، پنڻ وارا نه کٽبا. ايتري حد تائين ٻاھريان ملڪ جڏھن پنڻ وارن فقيرن کي ڳولي جاچ پڙتال ڪندا آھن ته پاڪستان جي پينو فقيرن جو تعداد ٻين ملڪن جي ماڻھن کان سرسيءَ ۾ ھوندو آھي. ان جو سبب اڻ کٽ بيروزگاري آھي. روزگار جا ذريعا نه هجڻ جي برابر آھن. آدمشماري ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ ٿيندي پئي وڃي، پر روزگار جا وسيلا گھٽجندا پيا وڃن. ٻيو ته نوڪرين ۾ اپلاءِ ڪرڻ به غريبن جي پھچ کان پري ٿيندو وڃي. غريب ماڻھو 900 ۽ 1500 رپيا جھڙا مھانگا چالان جمع ڪرائي يا گھر جو سيڌو سامان وٺي. مٿان وري عمر جي مقرر ڪيل حد، ھاڻي ته پينشن ملڻ به مشڪل آھي.

جڏھن ٻار پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺندو آھي ته سندس عمر پنج سال ھوندي آھي ۽ پاس ڪرڻ وقت ڏھن سالن جو ٿي ويندو آھي. مئٽرڪ مڪمل ڪندي پندرهن ورهيه ۽ انٽر مڪمل ڪندي سترھن سالن جو ٿي ويندو آھي. يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندي ارڙھن سالن جو ۽ گريجوئيشن مڪمل ڪندي 22 سالن جو ۽ جيڪڏھن بدقسمتيءَ سان آخري سال ۾ سپلي لڳي وڃيس ته 23 سالن جو ٿي ويندو آھي. سرڪار طرفان مقرر ڪيل عمر 28 سال آھي. جڏھن ته رعايتي عمر به مختصر عرصي جي لاءِ لاڳو ڪئي ويندي آھي. فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ عمر به 17 کان 23 سالن تائين اشتھارن ۾ ڄاڻايل ھوندي آھي. جيڪڏھن 23 سالن کانپوءِ ڪو اڳتي پڙھڻ چاھي ته ائين سمجھي ته کيس نوڪري ملڻ جو امڪان گھٽ آھي. ھاڻي نوجوان اڳتي پڙھي يا نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. نوجوان اھو سوچيندي سوچيندي ذھني مريض بڻجي چڪا آهن. ملڪ ھلائيندڙ عھدن تي ويٺلن جي عمر سٺ سالن کان مٿي آھي، پر 28 سالن کان وڏي عمر وارو شاگرد سي ايس ايس يا ڪميشن جي امتحان ۾ ويھڻ جي قابل ناھي. ٻيو ته ڪميشن ۽ چٽاڀيٽيءَ جو امتحان ھر سال نٿو ورتو وڃي. انھن جي نتيجن ۾ پڻ ڪيترو ئي عرصو لڳي وڃي ٿو. ھن واقعي تي محمد ابراهيم کوکر مني مواليءَ ۽ جائو جا ڪردار ڪتب لکت ۾ آڻي، ھو عمر جي حد ۽ چٽا ڀيٽيءَ امتحانن ۾ لڳندڙ عرصي تي گھري نظر وجھي ٿو. سندس لکيل ڪالم (ورڊ پريس ويبسائيٽ تي) مني مواليءَ جي ڪالم (2013ع) عنوان سان موجود آھي. حڪومت طرفان مليل عمر جي پندرهن سال رعايت کي پھرين جنوريءَ کان ختم ڪرڻ جو اعلان آڪٽوبر 2024ع ۾ ڪيو. تازو سنڌ حڪومت ارلي چائلڊ ھُڊ ٽيچر جي ڏنل اشتھار ۾ عمر جي حد 21 کان 28 مقرر ڪئي آھي ۽ چالان 1500 رپين جو لاڳو ڪيو ويو آھي. ٻيو ته عمر جي رعايت جا اعلان به مختصر عرصي جي لاءِ ڪيا ويندا آھن. نوجوان سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا جي ذريعي حڪومت کي عمر جي واڌ لاءِ درخواستون ڪندا رھندا آھن. ترقي يافته ملڪن جون حڪومتون جوانن کي اڳتي وڌڻ لاءِ سھڪار ڪنديون آھن ۽ اسان جي سنڌ حڪومت کين روڊن رستن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪندي آھي. اشتھارن ۾ ڄاڻايل گھربل تعليم ۽ تجربا پورا ڪرڻ جي لاءِ وقت لڳي وڃي ٿو.  حڪومت کي گھرجي ته عمر ۾ رعايت ڏئي ڪري، سنڌ جي نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ 28 سال مقرر ڪيل حد تي نظرثاني ڪري وڌائي وڃي، جيئن سنڌ جا نوجوان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگھن. نوڪرين جي اپلاءِ ڪندڙ چالان جي قيمت گھٽ مقرر ڪئي وڃي، ٽيسٽن ۽ انٽرويوز کي مڪمل شفاف ۽ نج ميرٽ تحت بڻائي حقدارن کي حق ڏياريو وڃي.

***