هن وقت تائين غزه جي سر زمين تي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي يا ٿي رهيو آهي يا جيڪو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، اهو انتهائي خوفناڪ آهي. صيهوني ظلم روزانو ڪيترن ئي معصوم ٻارن کي موت جي ننڊ سمهاري رهيو آهي. بک ۽ اڃ ۾ مبتلا ٻارن جو وحشياڻو قتل انتهائي دلسوز بڻجندو پيو وڃي. ساڳئي ريت بزرگن، عورتن ۽ ٻارن تي سر عام گوليون هلائڻ، اسپتالن ۾ زخمين، ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽاف تي بمباري ڪرڻ ۽ کاڌي جي ڳولها ۾ فلسطينين تي گوليون هلائڻ ڪٿان جو انصاف آهي. آخر انهن ويچارن جو ڪهڙو ڏوهه آهي. اها بربريت هر عقلمند ۽ انسانيت تي يقين ڪندڙ نفس کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته اسرائيلي فوج پاران هڪ وحشي جانور وارو رويو اختيار ڪيو ويو آهي. جنگ جا به ڪي اصول هوندا آهن خالي هٿين مظلوم فلسطينين مٿان توهان کي اڃان ڪيتري وحشت ڏيکارڻي آهي.
اي دنيا جا حڪمرانو! توهان مظلوم جا حامي آهيو يا ظالم سان گڏ آهيو؟ فلسطينين مٿان پنهنجي اکين سان ايترو ظلم ڏسي به ڇو خاموش آهيو؟ ڇا توهان فلسطيني مسلمانن جو قتل ۽ تباهي ڏسي اڃان نه ٿڪا آهيو؟ اي دنيا جا انسانو، آخر هن ظلم خلاف توهان ڇو نٿا ڳالهايو؟ توهان هن ظلم کي ڇو نٿا روڪيو؟ ڇا توهان انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويا آهيو؟ ڇا توهان جو ضمير مري چڪو آهي؟ ڇا توهان نٿا ڏسو ته کاڌي ۽ علاج جي کوٽ سبب، فلسطيني ٻار ۽ نوجوان هڏانون پڃرن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ڄڻ ته اهي گوشت ۽ رت سان ڀريل انسان نه آهن، پر صرف هڏن جا ڍانچا آهن؟ اي دنيا جا جج صاحبان، انصاف ۽ عدالت جا سربراهو! ڇا توهان اهو به نه ڏٺو ته ٻار جيڪي پاڻي وٺڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا ۽ صرف پاڻيءَ جو هڪ ڍڪ ڳولهي رهيا هئا، پر اسرائيلي حڪومت جي ظلم ٻارن جي قطار تي ميزائل فائر ڪيا، اهي ننڍڙا هٿ جيڪي ماني حاصل ڪرڻ لاءِ وڌائي رهيا هئا، ڍير ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا. اهي ننگا جسم جيڪي اسان جو مستقبل هئا، جن ۾ زندگيءَ جي دل ڌڙڪي رهي هئي، اهي زمين ۾ دٻجي ويا. اهي پنهنجي رت ۾ ٻڏي لال ٿي ويا، قبر يا ڪفن کانسواءِ، مٽيءَ ۾ ملي ويا. ٿورو سوچيو ميزائيل جي وزن ۽ ٻار جي وزن ۾ ڪيترو فرق آهي. توهان پوءِ به خاموش آهيو، افسوس صد افسوس. ڇا هي ظلم توهان جو انصاف آهي؟ توهان ڇو گونگا ٿي ويا آهيو؟ توهان هن ظلم کي ڇو نٿا روڪيو؟ توهان پاڻ کي انساني حقن جو علمبردار ٿا سڏيو، هيءَ توهان جي ڪهڙي قسم جي تهذيب يافته دنيا آهي؟ ڇا توهان جي سيني ۾ دل ناهي؟ ڇا توهان کي پنهنجا ٻار نه آهن؟ جيڪڏهن ڪو انهن سان اهڙو سلوڪ ڪري ته توهان جو ڪهڙو موقف هوندو؟ توھان انسان دوست آهيو يا انسان دشمن آهيو؟ مولا علي عليه السلام جي هن تحرير مان پنهنجي پرک ڪريو. مولا فرمائين ٿا ته دوست به ٽن قسمن جا آهن ته دُشمن به ٽن قسمن جا آهن. دوست ٽن قِسمَن جا هي آهن؛ هڪ ته اهو جيڪو اوهان جو دوست آهي ٻيو اوهان جي دوست جو دوست اهو به اوهان جو دوست آهي ۽ ٽيون اهو جيڪو اوهان جي دشمن جو دشمن آهي اهو به اوهان جو دوست آهي. اهڙيءَ ريت سندن فرمان ۾ دُشمن جا قسم هي آهن، هڪ اوهان جو دُشمن ٻيو اوهان جي دوست جو دُشمن ٽيون اوهان جي دُشمن جو دوست اتي به پهريون ۽ ٻيون فرمان بلڪل واضح آهي، ٽيون فرمان ٿورو غور طلب آهي يعني جيڪو اوهان جي دُشمن جو دوست هوندو ته جيئن اوهان جي دشمن جو دُشمن اوهان جو دوست آهي تيئن جيڪو اوهان جي دُشمن جو دوست هوندو ته اهو پنهنجي دوست جي دشمن کي به پنهنجو دُشمن ئي سمجهندو ان لاءِ دشمنن جو دوست به اوهانجو دُشمن ئي هوندو. ان فرمان جي روشني ۾ توهان پنهنجي شخصيت سڃاڻو ته فلسطيني مسلمان توهانجي عقيدي ۽ ايمان مطابق توهان جا پنهنجا آهن يا اسرائيلي ۽ سندس مدد ڪندڙ آمريڪي توهان جا پنهنجا آهن؟ توهان جي دوست مٿان، توهان جي سامهون ظلم ٿئي ته توهان جو رد عمل ڇا هوندو؟ هي ڪهڙي قسم جي خود ساخته انسانيت آهي جيڪا بک ۽ اڃ کي موت جي سزا پئي ڏئي؟
هن وحشي جانورن کي مارڻ لاءِ ڪا فوج نه ملي، تنهنڪري انهن ٻارن کي نشانو بڻايو جيڪي ماني ۽ پاڻيءَ جا ڪجهه ڦڙا وٺڻ آيا هئا. توهان ڪيترا بي شرم ۽ ظالم آهيو، جيڪڏهن توهان پنهنجي عمر جي ماڻهن سان جنگ جوٽيو ها ته ايتري تڪليف نه اچي ها، جن کي توهان دهشتگرد پيا سڏيو، اهي معصوم فرشتا هئا. اهي صرف اسڪول جي ڪتابن ۾ رنگ ڀرڻ وارا هئا، جن کي توهان ميزائيلن جو نشانو بڻائي رهيا آهيو، اهي ٿيلها کڻي پنهنجو بهتر مستقبل ڳولهڻ ويندا هئا، اهي ٻاهر نڪري صدا بلند ڪري رهيا هئا ته “پاڻي، ماني، کير ڏيو”، پر توهان جي ظلم جو شڪار ٿي ويا. عالمي طاقتون سڀ ڪجهه ڏسندي به اکين تي پٽيون ٻڌي ويهي رهيون، هي جنگ ناهي بلڪه ظلم آهي، هي فلسطينين جي نسل ڪشي آهي. هي صرف علم ناهي، هي شيطانيت جو عروج آهي ۽ ياد رکو ته جڏهن مظلوم ٻارن جو ناحق خون رنگ لائيندو ته توهان کي دنيا ۾ ڪٿي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. جڏهن مائرون پنهنجي اولاد جو واسطو ڏيئي بارگاهه مقدس ۾ ٻاڏائينديون ته توهان جو تخت ۽ تاج ريزا ريزا ٿي ويندو، جڏهن بکايل ٻارن جي قطارن مان رت وهڻ شروع ٿئي ٿو، تڏهن انهن کي مٽيءَ ۾ دفن نه ڪيو ويندو آهي، اهي تاريخ ۾ بدلي طور اڀرندا آهن. تاريخ توهان کي هن مجرماڻي خاموشي تي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. دنيا اندر ٻه ارب کان وڌيڪ مسلمان اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته اڄ گڏيل قومن جي ٻولي توهان جي ٻولي ڇو ناهي؟ انهن کي خبر به ناهي ته او آءِ سي توهان جي آهي، توهان جو ايمان ڪٿي دفن ٿيل آهي؟ مغربي طاقتون توهان تي غالب آهن، توهان جا انساني حقن جا جهنڊا ڪٿي لڳايا ويا آهن؟ ڇا هي سڀ منافقت ۽ ڏيکاءُ نه آهي؟ ياد رکو، جيڪڏهن فلسطينين مٿان ظلم۽ ڏاڍ جي بازار بند نه ٿيو ته توهان به اسرائيل سان گڏ مجرم هوندا. هزارين معصوم ٻارن ۽ لکين فلسطينين جو خون توهان جي ڳچيءَ ۾ هوندو. ڇا توهان صرف تڏهن جاڳندا آهيو جڏهن توهان جي پنهنجي ڳچيءَ ۾ هٿ پوندا؟ توهان ڪٿي هئا جڏهن معصوم ٻارن جا لاش، بارود سان گڏ، آسمان ڏانهن اڏامي ويا، سندن رت سان فلسطين جي سر زمين ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ مٽيءَ سان سندن لاشن جا ٽڪرا ملي ويا؟ پوءِ به توهان رسمي بيان بازي کان اڳتي نه وڌيا؟ توهان هڪ بيوقوف شيطان جو ڪردار بڻجي ويا آهيو يا توهان وساري ڇڏيو آهي ته اها باهه توهان تائين نٿي پهچي سگهي؟ هي صرف فلسطيني ٻارن جو قتل ناهي، هي هڪ تهذيب جو قتل آهي، هي تاريخ جو قتل آهي. اها تاريخ جنهن ۾ بک جي ستايل انسانيت جو چهرو چچريو ويو آهي، اهو ڪم ڪيترو ظالماڻو ۽ وحشياڻو هو شايد ڪوئي سوچي به نٿو سگهي؟ اڃان ڪيترو ظلم باقي آهي. صيهوني ظلمن کي ڏسي مسلمانن جون دليون ڳرڻ گهرجن ها، سندن اکيون نم هجن ها.
اي مسلمان حڪمرانو، توهان غفلت جي ننڊ ۾ آهيو؟ ڇا توهان فلسطيني ٻارن جي روئڻ ۽ سندن مائرن جي روئڻ کي نٿا ٻڌي سگهو؟ جيڪڏهن توهان سڀ ايندڙ سانحي جو انتظار ڪري رهيا آهيو ته پوءِ توهان پڻ اسرائيل جي ظلم ۾ برابر جا شريڪ آهيو. دنيا جي جنگ صرف ميزائيلن سان نٿي وڙهي سگهجي، بلڪه جنگ عزت، مزاحمت ۽ ڪردار سان وڙهي ويندي آهي ۽ اڄ فلسطين جي زمين توهان کي سڏي رهي آهي ته منهنجي مٽيءَ تي ڪريل لاش کڻو يا منهنجي ٻارن جي سنڀال ڪريو. ڇو ته گريٽر اسرائيل جي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ، فلسطينين کي مڪمل طور تي ٻاهر ڪڍڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي. ڇا پهرئين قبلي بيت المقدس کي صيهونين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو؟ غزه ۾ قتل ٿيندڙ 60,000 ماڻهو، هزارين عورتون جيڪي بيواهه ٿي ويون، نوجوان شهيد جن جا لاش سڃاڻپ کان ٻاهر هئا، ڪئين بزرگن جا لاش ڪوئلي ۾ تبديل ٿي ويا، ڇا انهن جو رت ضايع ٿيندو؟ ڪاش توهان سمجهي سگهو ها ته مسلمان لاءِ ڀائيچارو ڇا آهي. اي مسلمان حڪمرانو! تاريخ توهان جي روين تي اڄ ماتم ڪري رهي آهي. ڪاش توهان اهو تسليم ڪيو هجي ها ته بمباري جي نتيجي ۾ جيڪي فلسطيني ظلم ۽ چير جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا هئا اهي توهان جا پنهنجا مسلمان ڀائر ۽ ڀينرون هئا. نه رڳو ايترو، پر انهن جي لاشن جي توهين ڪري انسانيت جو جنازو ڪڍيو ويو. جيڪڏهن انهن کي امت جو جنازو سڏجي ته غلط نه ٿيندو. يقينن غزه جي پٽيءَ تي رت جو ريج پيو ٿئي ۽ اسان سڀ خوفزده ٿي ويا آهيون، پر خدا جي رحمت کان مايوس نه ٿيو مايوسي ڪفر آهي. خدا لاءِ ڪابه شيءِ ناممڪن ناهي. صرف نيڪ نيتيءَ سان ان اڳيان جهڪڻ جي دير آهي.