ڊاڪٽر عاصم حسين سميت 11 ملزمن تي فرد جرم لاڳو
خبر موجب ڪراچي جي احتساب عدالت 17 ارب رپين جي ڪرپشن جي نيب واري ريفرنس ۾ اڳوڻي وفاقي مشير پيٽروليم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ 11 ملزمن سميت فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ملزمن پاران جرم کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. جنهن تي عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن کي طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ۾ ڪارروائي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين فرد جرم جي ڪاپي گهري جنهن کان عدالت انڪار ڪيو ۽ فرد جرم پڙهي ٻڌايو ويو. ان کانپوءِ ڊاڪٽر عاصم حسين پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪرڻ جي اجازت گهري جنهن تي اجازت هن کي نه ملي. ان جي جواب ۾ هن فرد جرم کان انڪار ڪيو.

