بلاگنئون

عورتن جي عالمي ڏينھن جي نفسياتي اهميت

ڏينھن ملھائي ڪن رشتن، شخصيتن، جسماني، ذھني بيمارين يا ڪنھن جنس کي اھو يقين ڏياريو ويندو آھي ته اوھين اسان لاءِ اھم آھيو. ھر سال 8 مارچ کي عورتن جي عالمي ڏينھن جي طور ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينھن ملھائڻ جي نه صرف سماجي، بلڪه نفسياتي اھميت پڻ آھي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جي سرگرمين ۾ عورتن جي جدوجھد، محنت ۽ ڪاميابين کي مڃتا ڏني ٿي وڃي ته جيئن سندن عزت نفس ۽ ھمت ۾ اضافو ٿئي. اهو ڏينهن ملهائڻ سان سندن روزمرہ جي جسماني، جذباتي ۽ نفسياتي ٿڪاوٽ ڪافي حد تائين گھٽ ٿئي ٿي. ھن ڏينھن تي نه صرف عورتن جي عظمت ۽ قربانين کي مڃتا ڏني وڃي ٿي، بلڪه سندن نفسياتي مسئلن تي به ڳالھائڻ گھرجي. تحقيق اھو ثابت ڪيو آهي ته مردن جي مقابلي ۾ عورتون وڌيڪ ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿيون. ڊپريشن ھڪ نفسياتي ۽ جذباتي بيماري آھي، جنھن جي علامتن ۾ اداسي، مايوسي، نااميدي، لاچاري، پاڻ کي ڪمتر سمجھڻ، ننڊ نه اچڻ، ھر وقت روئڻ، بک نه لڳڻ وغيرہ شامل آھن، جيڪا ڪنھن پياري جي موت، طلاق، نوڪري کسجي وڃڻ، ڪنھن تمام گھڻي پياري شيءِ جي گم ٿي وڃڻ جھڙن نڪاري يا ڏکوئيندڙ حالتن جي نتيجي ۾ ٿيندي آھي. عورتن جا ڊپريشن ۾ وڌيڪ مبتلا ھجڻ جا حياتاتي، سماجي ۽ ثقافتي سبب آھن. حياتاتي سببن ۾ جوان ٿيڻ سان، اميدواري سان ۽ مينوپاز سان ٿيندڙ ھارمونز جون تبديليون شامل آھن. سماجي سببن ۾ عورتن جون گھريلو ذميداريون جڏھن سندن روزگار جي ذميدارين سان متاثر ٿين يا گھربل ذميدارين کي صحيح ادا نه ڪري سگھن، گھر اندر يا گھر کان ٻاھر جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿين، شادي کانپوءِ ٻار نه ٿيڻ جو ذميدار به اڪثر عورت کي سمجھو ويندو آھي، اولاد جي تربيت جي صحيح نه ٿيڻ جو ڪارڻ به گھڻو ڪري ماءُ يعني عورت کي ڄاڻايو ويندو آھي، عزت ۽ غيرت جي نالي تي ڪاري ڄاڻائي زندگيءَ جو ڏيئو به عورت جو وسايو ويندو آھي ۽ ان کان علاوہ ٻيا ڪيترائي سبب آهن، جيڪي عورتن ۾ ڊپريشن وڌائين ٿا. 8 مارچ جو ڏينھن عورت جي جدوجھد، محنت ۽ پنھنجن پيارن لاءِ ڪيل جاکوڙ جي مڃتا ۽ عورتن کي درپيش مسئلن طرف متوجهه ڪرڻ جو ڏينھن آھي. ھن ڏينھن ملھائڻ جو مقصد جنسي برابري جي اھميت کي اجاڳر ڪرڻ به آھي. ٻار جي پيدائش وقت معلوم ڪبو آھي ته ڪير ڄائو آھي ڇوڪري يا ڇوڪرو؟ ھن سوال پڇڻ پٺيان ٻين سببن سان گڏ ھڪ اھو سبب به ھوندو آھي ته ڌرتي تي اچڻ واري يا واريءَ جي جسماني ۽ سماجي حيثيت جو تعين ڪري سگھجي. عورت قدرت جي خلقيل ٽن جنسن (عورت، مرد ۽ ٽرانس جينڊر) مان اھا جنس آھي جنھن کي پنھنجي وجود کي ۽ انھيءَ جي اھميت کي مڃرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي آھي. ھن جاکوڙ جي تاريخ جو جائزو وٺجي ته معلوم ٿيندو ته مغرب ۾گذريل ويھين صدي عيسوي عورتن جي آزادي ۽ جنسي برابريءَ لاءِ لاڳيتي جاکوڙ جي صدي ھئي. انھيءَ جاکوڙ جي ابتدا اتر آمريڪا کان ٿي، جتي 1908 ع ۾ نيويارڪ جي سبيل ڪپڙن جي ھڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ عورتن، مناسب اجرت نه ملڻ سبب ھڙتال ڪئي. آمريڪا جي سوشلسٽ پارٽيءَ عورتن جي حقن کي پنھنجي منشور ۾ شامل ڪيو ۽ 28 فيبروري 1909ع تي پھريون عورتن جي حقن جو ڏينھن ملھايو ويو. اتان ھيءَ تحريڪ پوري يورپ ۾ پکڙجي وئي. ھلندي ھلندي جڏھن يورپ ۾ ٻي مھاڀاري جنگ (ورلڊ وار 2) سال 1914 ۾ لڳي تڏھن يورپي عورتن، جنگ جي خلاف ۽ پنھنجن حقن جي حصول خاطر، جدوجھد تيز ڪري ڇڏي. سال 1910ع ۾ فن لينڊ جي پارليامينٽ ٽن عورتن کي رڪنيت ڏني ھئي. انھيءَ ھمت افزائيءَ بعد ۽ مسلسل جاکوڙ جاري رکندي جڏھن روس ۾ (1917) ۾ ڪميونسٽ انقلاب آيو، تڏھن روسي عورتن ھر سال فيبروري مھيني ۾ آخري آچر تي پنھنجي حقن جو ڏينھن ملھائڻ شروع ڪيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي روسي عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو. مغرب جي عورتن 19 مارچ 1911ع تي انھيءَ تاريخ کي پھريون دفعو عورتن جو عالمي ڏيھن مقرر ڪيو ۽ اھو ڏينھن آسٽريليا، جرمني، ناروي، ڊينمارڪ ۽ سوئيٽزرلينڊ ۾ ملھايو ويو. ڊينمارڪ جي گاديءَ واري هنڌ ڪوپن ھيگن ۾ جيڪا عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي انھيءَ ۾ گڏيل قومن واري اداري طرفان فيصلو ڪيو ويو ته اعليٰ طبقاتي حيثيت ۽ اقتدار جي مالڪ عورتن کان علاوہ انھن عام عورتن جي ڪارنامن کي پڻ اجاڳر ڪيو وڃي، جن پنھنجي ملڪ ۽ سماج جي ترقي ۽ ناموس لاءِ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو آھي. سڄي دنيا ۾ مرد کي وڌيڪ غالب، طاقتور ۽ آزاد عورت کي عزت واري، پرورش ڪندڙ ۽ رشتن سان لاڳاپيل مڃيو وڃي ٿو. قدرت عورت کي تخليق ۽ پرورش جي ذميداري ڏيئي کيس محبت ڪندڙ حساس دل سان نوازيو ۽ کيس ھي ٻه اھم ۽ مشقت طلب ڪم ڏئي اھو به ثابت ڪيو ته عورت، طاقت ۽ همت ۾ ڪنھن به طرح مرد کان گھٽ نه آھي. گھڻن معاشرن ۾ مرد کي معاشرتي غلبو حاصل آھي. جڏھن عدالت جا مشير يا ڪنھن ڪمپني جا ليڊر چونڊيا وڃن ٿا ته گھڻي قدر مردن کي عورتن تي فوقيت ڏني وڃي ٿي. مرد کي طاقت ۽ ڪاميابي ۾ وڌيڪ اھم سمجھيو وڃي ٿو. تحقيق مطابق مرد اڳواڻ پنھنجن ماتحتن کي وڌيڪ ھدايتون ڏيڻ وارو، ڪنھن حد تائين آمراڻو رويو رکندڙ ۽ عورت اڳواڻ وڌيڪ جمھوريت پسند، فيصلن وٺڻ وقت پنھنجي زيردستن جي راءِ کي ڀليڪار ڪرڻ واريون ٿين ٿيون. ڳالھائڻ وقت مرد گھڻي قدر پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندو آھي ۽ عورت جو سھڪاري رويو ھوندو آھي، اھي روين جا تفاوت روز مرہ جي زندگي ۾ به واضح طور نظر اچن ٿا. مرد  ڳالھائڻ وقت وڌيڪ يقين سان نظرون ملائي، وچ ۾ ڳالھ ڪٽي، گھٽ مسڪرائي ڳالهائيندو آھي. اھي روز مره جا رويا عورت ۽ مرد جي سماجي طاقت ۽ اھميت جي اڻبرابري کي قائم رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. سياسي چونڊيل اڳواڻ به اڪثر مرد ھوندا آھن. ھنن روين جي تفاوت پٺيان ھڪ اھم ڪارڻ سماجي سکيا آھي، جيڪا ٻار ننڍپڻ کان پنھنجي والدين کان سکندو آھي. نياڻي ۽ پٽ جي تربيت مختلف انداز ۾ ڪئي وڃي ٿي جنھن ۾ نياڻي کي نھٺائي، صبر تحمل ۽ برداشت جو درس ڏنو وڃي ٿو. پٽن کي خود اعتماد، نڊر ٿيڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي. ڪجھ دقيانوسي خاندان نياڻي جي پيدائش تي ناراضگي ۽ ڏک جو اظھار ڪن ٿا ۽ پٽ جي پيدائش تي خوشي ۽ فخر محسوس ڪن ٿا. معاشري کي مثبت ٺاھڻ ۽ قومن جي ترقي لاءِ اھو سمجھڻ ضروري آھي ته مرد ۽ عورت قدرت جي تخليق آھن ٻنھي کي زندگي گذارڻ لاءِ ساڳيا حق حاصل آھن، صلاحيتون ھر انسان جون مختلف گھٽ يا وڌيڪ ٿي سگھن ٿيون، فرض ۽ ذميداريون مختلف ٿي سگھن ٿا، پر انھيءَ جي آڌار تي اھو سمجھڻ ته عورت جي اھميت مرد کان گھٽ آھي يا مرد عورت کان گھٽ آھي اھو سوچڻ جو غلط زاويو آھي. جيڪڏھن اسين انسان ھڪٻئي کي ھر روز اھم ۽ قابل احترام سمجھون ھڪٻئي جي جذبن، احساسن، ڏکن ۽ خوشين کي محسوس ڪيون ته پوءِ شايد سال جو اهو ڏينهن اسان کي ملھائڻ جي ضرورت نه پوي.

***