پھرين نسل جي جھالت، ٻئي نسل جي روايت ۽ ٻئي نسل جي روايت، ٽئين نسل جي عقيدت بڻجي پوندي آھي. عورت کي پردي پٺيان رکڻ واري ڪرت ۾ به اھائي حقيقت لڪل آھي. نقاب ۾ بيھارڻ واري اعتقاد تائين پھتل روايت کي مستقبل قريب ۾ سماج مان خارج ڪرڻ تمام گھڻو مشڪل ئي نه، پر ناممڪن آھي. جيتوڻيڪ فطرت ھر انسان کي الڳ الڳ صورت جو مالڪ ان وجهه سان بڻايو آھي ته جيئن سندس سڃاڻپ کي ممڪن بڻائي سگھجي، مگر موجودہ دور ۾ عورت کي برقعي ۾ رکڻ واري عمل ھڪ عجيب صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي. دور جديد ۾ ھڪ پاسي نياڻيءَ کي پڙھائڻ جو رجحان وڌي رھيو آھي ته ٻئي پاسي معاشي گھرجن جي پيش نظر کيس خدمتون ڏيڻ لاءِ پڻ مختلف ڪم ڪرڻ جي جاين تي وڃڻو پئجي رھيو آھي. نياڻين جا جدا تعليمي ادارا جوڙي کين مرد کان ته الڳ رکيو وڃي ٿو، مگر ڪم ڪرڻ واري جاين تي عورتن کي نقاب پارائي پردو ڪرڻ وارو عمل ماحول ۾ ھڪ عجيب قسم جو ھيجان پيدا ڪري رھيو آھي، جتي پردو سڪيورٽي ۽ حاضري سبب فيس ريڊنگ ۾ رڪاوٽ وجھي رھيو آھي، اتي ڪم ڪرڻ واري ماحول کي پڻ آلودہ ڪري رھيو آھي. عورت کي پردو ڪرائڻ پٺيان ڪھڙو تاريخي منطق آھي، ان ڪارستاني کي سمجھڻ کان سواءِ مسئلو حل ڪونه ٿيندو.
دنيا ۾ ايندڙ ھر تبديلي شعوري مفاد سان سلھاڙيل ھوندي آھي. ان جو نتيجو منفي نڪري اھو عقل جي ڪوتاھي سان لاڳاپيل ھڪ الڳ بحث آھي. انسان جي بنيادي ضرورت جون شيون ھجن، لذت جو سامان يا وري جمالياتي احساسن سان لاڳاپيل اسم، سڀني چيزن اندر انساني تسڪين ۽ سندس مفاد شامل آھي. ڪاٺ سان باھ ٻارڻ واري مشڪل عمل کان وٺي لائيٽر ذريعي باھ کي دکائڻ واري آسائش تائين ھر مرحلي نه صرف اسان کي آساني سان ملاقات ڪرائي، بلڪه سندس مفاد کي پڻ ٽيڪ ڏني آھي. ماچس جي تيلين ۽ لائيٽر جو استعمال نه صرف صنعت جي مالڪ جو منافعو آھي، بلڪه ڪيترن ئي انسانن جي روزگارن سان پڻ جڙيل آھي. ڪنھن به گھرج ۾ جدت ۽ تبديلي وقت سان گڏ ان صورت ۾ ايندي ويندي، جڏھن ان مان وڌيڪ منافعو ۽ فائدو وٺي سگھجي. جيڪڏھن اسين ان بيان جو حاصل مطلب اھو ڪڍون ته “اسان جي استعمال جي ھر شيءِ ۾ ايندڙ بدلاءُ اسان کي پنھنجي آسانيءَ سان گڏ مفاد سان ملاقات ڪرائي ٿو” ته غلط نه ٿيندو يعني اھا طئي ٿيل حقيقت آھي ته آساني حاصل ڪرڻ انسان جي ضرورت ۽ ان منجھان مفاد حاصل ڪرڻ انسان جي فطرت آھي. شين کي سنھنجو، آرامدہ بنائڻ ۽ منجھن خوبصورتي پيدا ڪري ان شيءِ جو ملھ پيدا ڪرڻ واري تبديلي انسان جي ھميشه مفاد ۾ رھي آھي.
جيئن پيٽ پوڄا ۽ ڪپڙو لٽو انسان جي بنيادي ضرورت رھي آھي، تيئن ئي اجھي انسان جي جياپي لاءِ ابتدائي گھرجون پوريون ڪيون آھن. انھن ۾ وڌيڪ جدت ۽ آسانيون پيدا ڪري، انسان پنھنجو پاڻ کي، ان کي اپنائڻ لاءِ ھرکايو آھي ۽ ان مان منافعو ڪمايو آھي. اھو مرحلي وار چڪر صدين کان جاري آھي ۽ اھوئي انساني ارتقاءَ جو سبب به آھي. مارڪيٽ اندر چٽاڀيٽي جي صورت ۾ شيءِ جو معيار وڌائڻ کان علاوہ پنھنجي شيءِ جو واھپو ۽ ملھ وڌائڻ لاءِ اھڙا طريقا پڻ استعمال ڪيا ويا، جيڪي سندن مفادن جي نه صرف حفاظت ڪري سگھن، بلڪه کين وڌيڪ فائدو پڻ وٺي ڏين. اھو زراعتي دور ۾ تڏھن عمل ھيٺ آيو، جڏھن ڪنھن فصل مان وڌيڪ منافعو ڪمائڻ واسطي ذخيرہ اندوزي ڪئي وئي. اھو مارڪيٽ اڪانامي جو اصول صدين کان جيئن جو تيئن جاري و ساري آھي.
انسان جون گھرجون ٻن قسمن جون آھن، ھڪ جسماني سڪون ۽ ٻيو ذھني تسڪين. طبعي گھرجن يعني جنسCommodity مان ڪمائڻ ۽ ان مان جائز يا استحصال وسيلي فائدو حاصل ڪرڻ جي گــر کان انسان ھميشه بخوبي واقف رھيو آھي، ليڪن ان سان گڏ ذھني تسڪين جي پوئيواري مان پڻ ھن سدائين پنھنجو مالي مفاد ڳولهي ڪڍيو آھي. عبادت، راڳ، رقص، ڊرامه يا فنون لطيفه سان وابسته ھرھڪ عمل نه صرف پنھنجي شوق، رمز ۽ تسڪين لاءِ اپنايو آھي، بلڪه پنھنجي پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ پڻ ان کي مارڪيٽ ڪيو آھي. جسماني ضرورتون پوريون ٿيڻ بعد جڏھن ذھني تسڪين کي پاڻي ڏيڻ جو وقت آيو ته انسان جي جمالياتي حس جي گھرجن کي پورو ڪرڻ واسطي ان مان به پنھنجو مالي فائدو ڳولهي استحصال جا رستا ڳولهي لڌا. جيئن ته عورت جمالياتي ۽ جنسي تسڪين جو امتزاج آھي، تنھنڪري مرداني سماج عورت منجھان پڻ مالي فائدو حاصل ڪرڻ شروع ڪيو. تاريخي طور تي مرداڻي سماج ۾ عورت کي هڪ ڪموڊٽيCommodity طور پيش ڪيو ويو، جتي هوءَ صرف جنسي تسڪين، اقتصادي مفادن ۽ سماجي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ مذھب، ثقافتي روايتون ۽ اقتصادي نظام سڀني ملي جلي ان استحصال کي جائز قرار ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آھي.
مرداڻو سماج اقتصادي فائدو حاصل ڪرڻ واسطي، پنھنجن زراعتي جنسن کي بھتر ڪرڻ ۽ ان کي بھتر اگھ اندر وڪرو ڪرڻ جي ھميشه ڪوشش ۾ رھيو آھي. جيئن ھن خوب کان خوب تر جي تلاش ۾ رھي معاشري کي پنھنجي استعمال ۾ ايندڙ ھر شيءِ جو ھر دور ۾ ھڪ نئون ويزن ڏنو، تيئن ئي ھن عورت کي به وڌ کان وڌ خوبصورت ۽ دلڪش بنائڻ واسطي پنھنجا سڀ حربا استعمال ڪيا. عورت به پنھنجي پاڻ کي مرد جي خوشنودي ۽ معاشري ۾ پنھنجي قدر و قيمت وڌائڻ واسطي پاڻ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ تي توجهه ڏنو. فطري چونڊ Natural Selection جي عمل ھيٺ عمومي طور تي ھر ساھواري جو مذڪر يعني نرينو وڌيڪ سھڻو ڏسڻ ايندو آھي، ڇاڪاڻ ته ھو مادہ کي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنھنجا طريقا استعمال ڪندو اوسرEvolve ٿيو آھي، مگر انسان ذات ان جي بلڪل ابتڙ آھي. جيئن ته مرداڻي سماج عورت کي ھڪ شيءِ ۽ ملڪيت طور کڻي پنھنجي ماتحت رکيو ۽ پردي ۾ رکي محدود دائرن اندر بند ڪيو. تنھنڪري عورت پنھنجي مالڪ (مرد) جي خوشنودي حاصل ڪرڻ واسطي پنھنجي سونھن ۽ سوڀيا لاءِ پرڪشش طريقا اپنايا. مرداڻي سماج به اقتصادي مفاد حاصل ڪرڻ واسطي عورت کي جنسي تسڪين جو سامان بنائڻ لاءِ کيس وڌيڪ سونھن، سوڀيا حاصل ڪرڻ ۽ پرڪشش ٿيڻ لاءِ اڪسايو.
مذھب، روايتون، سياست ۽ اقتصاديات ھڪ ٻئي سان بنيادي طور ڳنڍيل ۽ سماج ھلائڻ جا اوزار آھن ۽ انھن تي قابض فرد ئي سموري رياست کي ڪنٽرول ڪرڻ جا مجاز! انھن اسمن کي ھلائڻ جا ماھر ھڪ ٻئي جي مفادن کي تحفظ پھچائڻ لاءِ پاڻ ڳنڍيل ۽ تعاون ۾ رھن ٿا. وچئين دور ۾ مذهبي قدرن جي نالي تي عورت جي جنس سازيءَcommodification کي وڌيڪ طاقتور ڪيو ويو ۽ مذھبن ۾ عورت جي پردي کي عزت، غيرت ۽ قرباني سان جوڙي سندس آزادي تي وڌيڪ ڌڪ لڳايو ويو. مرداڻي ۽ استحصالي سماج جو عورت کي ڍڪ ۾ رکڻ ۽ قيد ڪرڻ پٺيان پڻ اھو ئي جواز لڪل ھو ته عورت کي عزت ۽ غيرت جي علامت طور گھر اندر رکي معاشري کان ڪٽي رکجي ۽ سندس گھرج ۾ اضافو ڪري قدر و قيمت کي وڌائي سگھجي ۽ ضرورت پوڻ تي کيس بطور ھڪ چيز commodity طور استعمال ڪيو وڃي. استحصالي قوتن سماج جي اخلاقي قدرن کي احڪام الاھي جي دائرن ۾ قيد ڪري، مذھبي جوڙجڪ ذريعي سماج کي ڪنٽرول(Social Control) ڪرڻ لاءِ رياستي طاقت کي اوزار طور استعمال ڪيو. مختصرن ايئن چئون ته اخلاقيات، خدا جي رضا ۽ سماجي قانونن کي مذھبي ڌارا ۾ آڻي عورت جي جسماني commodification کي نيچرلائزيشن(Naturalization) وارو چوغو اوڍايو ويو ۽ عورت کي مقدس روايتن جو حصو بڻائي، مرداڻي سماج جو تسلط برقرار رکيو ويو.
ابتدائي سماجن ۾ ته عورتون ديوي ۽ قدرتي شڪتين ۽ زرخيزيءَ طور سماج جو حصو رھيون، مگر جيئن جيئن مرداڻي طاقت وڌي، مذهبن جي شڪل به تبديل ٿيندي وئي. اھا چٽِي حقيقت آھي ته مذهب قدرتي قوتن جي وضاحت ڪرڻ لاءِ نه، پر استحصالي پدر شاھي طبقي جي طاقت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيو، جنھن جو پھريون شڪار عورت رھي. استحصالي طبقي، مذھب کي پدر شاھي نظامPatriarchal Hierarchy قائم ڪرڻ واسطي، اوزار طور استعمال ڪيو، جنھن سان عورت جي حيثيت محدود ٿي وئي. مذهبي حڪمن سان عورت کي جنسي سامان Commodity بنائڻ لاءِ ڪيترائي جواز گھڙيا ويا ۽ غير اخلاقي ۽ قانوني اقدامن کي احڪام الاھي سان جوڙي عورت جي استحصال کي لونڊيون، ننز، حرم، ڪنڪيوبائنز ۽ مندر جون داسيون بنائيCommodification کي جائز بڻايو ويو. پدر شاھي نظام برقرار رکڻ لاءِ ضروري ھو ته عورت کي سماج کان پري رکيو وڃي ۽ کيس سماج کان ڪٽي ھڪ الڳ ڪميونٽي ٺاھي ڏني وڃي جنھن ۾ مرد پنھنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪري سگھي. مذهبي اخلاقيات جي نالي تي مردن جي خواهشن کي قانوني تحفظ ڏنو ويو، جهڙوڪ: لونڊي رکڻ جو حق، مرد لاءِ چار شاديون، عورت جي وراثت تي حدون، هندو مت ۾ ستي پرٿا، پدر شاهيت، عورتن جو جنسي استحصال، عيسائيت ۾ ننز جو جنسي غلامي لاءِ استعمال، ڪليسائي قانونن ذريعي عورت جي آزادي تي پابندي، خدا جي رضا جو تصور ۽ عورت تي ڪنٽرول مذهبي نظامن خدا جي رضا کي مرداڻي خواهشن سان جوڙي ڇڏيو.
وقت گذرڻ سان گڏ مرداڻي سماج، سياسي ۽ مالي تسلط برقرار رکڻ ۽ عورت جو استحصال ڪرڻ لاءِ پنھنجي جنسي خواهشن کي “فطري” ۽ “جائز” سڏيو، جڏهن ته عورت جي خواهشن کي “شيطاني” ۽ “خطرناڪ” سڏيو. عورت جي آزادي يا جنسي خود مختياري کي “گناھ” ۽ عورت کي “فتنو” قرار ڏئي، جنسي مارڪيٽ تي ڪنٽرول قائم رکيو. تاريخي طور تي مذهبي اڳواڻن (پادرين، مولوين، برهمڻن) اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ انهن اهڙا اخلاقي قدر جوڙيا، جن سان عورت جي جسم تي ڪنٽرول ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ عورت جي قانوني، جنسي ۽ اقتصادي آزادي تي پابنديون لڳائي، مرداڻي اقتدار کي قائم رکيو وڃي. مذهب صرف عورت جي جنسي استحصال لاءِ نه، پر اقتصادي فائدو وٺڻ لاءِ به استعمال ٿيو اسلامي سلطنتن ۾ باندين جي واپار تي حڪومتن جي اجارا داري هندستان ۾ ديو داسيون، جن کي مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي نالي تي جنسي غلام بڻايو ويو، ڪليسائي عورتن کي زبردستي راھبا بڻائڻ ته جيئن عورتون آزاد رھي نه سگھن. هن سموري جوڙجڪ جو مقصد طاقتور طبقن (مذهبي اڳواڻن، حڪمرانن، وڏيرن، سرمائيدارن) جو اقتدار برقرار رکڻ هو.
پردي ۽ عزت جو نالو وٺي عورت کي قابو ڪرڻ لاءِ مذهب عورت کي “عزت” ۽ “غيرت” جو محافظ بڻايو، پر ان جو اصل مقصد عورت تي ڪنٽرول برقرار رکڻ هو. حجاب، برقعو ۽ ٻين لباسن کي مذهبي جبر طور استعمال ڪيو ويو. مرداڻي سماج عورت جي جسماني استحصال کي “اخلاقيات” جي نالي تي قابو ۾ رکيو. هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن ۾ مذهب، ثقافت، سياست ۽ معيشت اهم ڪردار ادا ڪيو. وقت سان گڏوگڏ عورت جي حيثيت تبديل ٿيندي رهي، پر بنيادي تصور ساڳيو رهيو عورت جو جسم ۽ خوبصورتي هڪ پراڊڪٽ وانگر وڪرو ٿيندي رھي. جيتوڻيڪ جديد دور ۾ به عورت جي آزادي جو نعرو بلند ٿيو، پر حقيقت ۾ فيشن، ميڊيا ۽ سرمائيداري عورت کي نئين انداز سان Commodify ڪري ڇڏيو. اڄ به عورت جي جسم جي نمائش کي مارڪيٽنگ ٽول طور استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ اڄ به اربين رپين جو ڪاروبار عورت جي جسم جي نمائش ۽ جنسيت جي وڪري جي طبعي توڙي آن لائين ڪاروبار سان لاڳاپيل آھي.
عورت جي تعليم، شعور ۽ قانوني حقن ۾ واڌ سان مذهب جو عورت تي قبضي جو اثر گھٽجي رهيو آهي. فمينزم، سوشلسٽ نظريو ۽ تنقيدي سوچ جي واڌ سبب عورت پنهنجي جسماني استحصال خلاف آواز اٿاري رهي آهي. هاڻ عورت جي تعليم، شعور ۽ تحريڪن سان هيءُ طاقت جو ڍانچو زوال پذير ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ عورت جي استحصال کي برقرار رکڻ لاءِ نوان حربا استعمال ٿي رهيا آهن، مگر مرداڻو سماج معاشري ۾ آٽوميشن ۽ جديد طرز زندگيءَ سبب پنھنجا اختيار وڃائڻ تي مجبور ٿي رھيو آھي. مگر اھا به حقيقت آھي ته پدر شاھيءَ جي ھزارن سالن جي تسلسل سان عورت کي ھڪ جنس يا شيءِ طور متعارف ڪرڻ سبب سندس اوسرEvolution اهڙي سمت ۾ گھڙجي وئي آھي جو کيس انهن دائرن مان ڪڍڻ لاءِ شايد اڃان ڪيترو ئي وقت لڳي وڃي.
پردي پٺيان لڪل عورت جي استحصال جي تاريخ سمجھائي ٿي ته مرداڻو سماج سدائين پنهنجي طاقت، مذهبي جبر ۽ اقتصادي مفادن کي برقرار رکڻ لاءِ عورت کي قابو ڪرڻ جا نوان طريقا ڳولهي لڌا آهن. جيتوڻيڪ جديد دور ۾ عورت جي آزادي، تعليم ۽ شعور جي واڌ سبب سندس سماجي حيثيت ۾ بهتري آئي آهي، پر پدر شاهيت جي پاڙ ايتري ته مضبوط آهي جو عورت جي مڪمل آزاديءَ تائين پهچڻ لاءِ اڃان گهڻو سفر باقي آهي. مرداڻو اقتدار عورت تي پنهنجو تسلط برقرار رکڻ لاءِ نيون حڪمت عمليون اختيار ڪري ٿو، پر عورت جي شعوري بيداري، قانوني حقن جي تسليم ٿيڻ ۽ سماجي تبديليءَ جي ارتقائي عمل سان پردي پٺيان لڪل استحصال جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو. سماج جي حقيقي آزادي تڏهن ممڪن ٿيندي، جڏهن عورت کي عزت ۽ غيرت جي علامت بڻائڻ بدران، هڪ خود مختيار انسان طور تسليم ڪيو ويندو.