ناول ”فارن هائيٽ ايڪونجاھه“ جو خوبصورت ترين جملو آهي: ڪنھن تھذيب کي تباھه ڪرڻ لاءِ ڪتابن کي ساڙڻ جي ضرورت ٿورئي پوي ٿي، توهان انھن ماڻھن کان صرف مطالعو کسي وٺو. جارج مارٽن جي مطابق: ھڪ پڙھندڙ پنھنجي مرڻ گهڙيءَ تائين ھزار زندگيون جِي وٺندو آھي، جڏھن ته نه پڙھندڙ صرف ھڪ ئي زندگي جِي سگھندو آھي. والٽيئر جو قول آهي: اوھان کي ھن ڳالھ جو اِدراڪ ھجڻ کپي ته جڏھن کان ھيءَ دنيا وجود ۾ آئي آھي، ماسوا وحشي نسلن جي، دنيا تي ڪتابن حڪمراني ڪئي آھي. ٿامس ڪئمپن جون خوبصورت سِٽون آھن: جڏھن مان عبادت ڪندو آھيان، تڏھن مان خدا سان گفتگو ڪندو آھيان ۽ جڏھن مان ڪتاب پڙھندو آھيان ته سرجڻھار مون سان گفتگو ڪندو آھي. والٽر مُوزلي جي چوڻي آھي: اهو هاري، جيڪو مطالعو ڪري ٿو، اهو مستقبل جو شهزادو ٿي سگهي ٿو. ھڪ چيني چوڻي موجب: جڏھن ڪو ماڻھو ڏھه ڪتاب پڙھي ٿو ته سمجھو ھو ڏھه ھزار ميل جو سفر طئي ڪري وٺي ٿو. ناوليٽ پتڪڙو شھزادو(Le Petit Prince) تان کنيل سِٽون: جاگرافيءَ جا ڪتاب ٻين سڀني ڪتابن کان وڌيڪ قيمتي ٿيندا آهن. انهن ۾ درج ڳالھيون ڪڏهن به متروڪ يا پراڻيون ناهن ٿينديون. ڇو جو ائين ورلي ٿيندو ته ڪو جبل پنھنجي جاءِ مٽائي يا ڪو سمنڊ پاڻي اوڳاڇي پاڻ کي خالي ڪري ڇڏي. اسان انهن شين جا احوال درج ڪندا آهيون، جن کي جٽاءُ هوندو آهي. ڪلاسڪ ناول ودرنگ ھائيٽس(Wuthering Heights) تان کنيل شاهڪار سِٽون: جيڪي ماڻھو ھن دنيا ۾ نه رهيا هجن، تن جي لکت پڙھي ائين لڳندو آھي، ڄڻ ته اهي اسان جي اڳيان گھمي ڦري رھيا ھجن.