سنڌ اندر 21500 اين ٽي ايس پاس استاد مستقل ڪيا ويندا بل منظور
سنڌ اسيمبلي ڪالهوڪي اجلاس ۾ اين ٽي ايس پاس ڪندڙ ڪانٽريڪٽي استادن کي مستقل ڪرڻ وارو بل منظور ڪري ورتو. هن بل تحت 21500 استاد پڪا ڪيا ويندا. جڏهن ته استادن لاءِ ڪارڪردگي جو شرط لاڳو هوندو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سينئر وزير نثار کهڙي پاران 21500 ڪانٽريڪٽي استادن کي پڪو ڪرڻ جو بل پيش ڪيو ويو. اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته 2008 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ 2014 ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو هو. اين ٽي ايس جا لڳ ڀڳ 16 هزار استاد آهن ۽ 6 هزار استاد سنڌ يونيورسٽي جو ٽيسٽ پاس ڪندڙ آهن. هن وڌيڪ چيو ته هنن استادن کي پڪي ڪرڻ جو هي بل به ٽي مهينا اڳ ئي پيش ڪيو وڃي ها پر ڪجهه قانوني ڪاررواين سبب هن کي روڪيو ويو. هن بل تحت اهڙا استاد پاس ڪيا ويندا جن ٽي سال ڪانٽريڪٽ مڪمل ڪيا هوندا ۽ انهن جي ڪارڪردگي بهتر رهي هوندي، اهڙا استاد ايندڙ ٽن سالن لاءِ پنهنجي پوسٽ تان بدلي نه ڪرائي سگهندا. واضح رهي ته هن بل تي اپوزيشن پاران اعتراض پڻ واريا ويا جيڪي هن ريت آهن: اهڙن استادن جي ٻهراڙي ۽ شهري سيٽن جو تعداد بل ۾ لکيل نه آهي; ايم ڪيو ايم, تمام ڀرتي ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي ها; پي ٽي آءِ, تمام سٺي ڳالهه آهي پوسٽنگ پڪو ڪرڻ هو ته پوءِ انهن تي واٽر ڪينن ۽ لٺ بازي ڇو ڪئي وئي. حالانڪه ڀرتي مهل ئي پاليسي واضح ڪئي وڃي، فنڪشنل ليگ. بل کي اسيمبلي ۾ اڪثر راءِ سان منظور ڪيو ويو، جنهن تي مهمانن واري گيلري ۾ موجود استادن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو.