خاص

ملڪي معيشت کي فروغ ڏيڻ لاءِ گھٽ مدي واري حڪمت عملي تيار

وزير اعظم جي خزاني واري صلاحڪار عبد الحفيظ شيخ ڪورونا سبب پيدا ٿيل معاشي صورتحال جي جائزي واري اجلاس ۾ چيو ته وفاق سان گڏ صوبائي حڪومتن پاران مالي، مالياتي ۽ ٻين حڪمت عملين جي رد عمل کي ڊيزائن ڪرڻ جي تجربي مان سکڻ جي ضرورت آھي. اجلاس ۾ گھٽ، درمياني ۽ اعليٰ معاشي اثرن سان گڏ ھڪ کان وڌيڪ عمل جوڳن موضوعن جي نشاندھي ڪري منھن ڏيڻ جو طريقو وضع ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن 6 ترجيحي شعبن جي نشاندھي ڪئي، جيڪي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندا. انھن ۾ سماجي تحفظ، غذائي تحفظ، فراھمي جي تحفظ، بينڪن جي ڪردار ۾ اضافو، گھٽ لاڳت وارن گھرن جي تعميري منصوبن جي شروعات، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام کي مزدورن لاءِ اثرائتو بڻائڻ ۽ ڪاروبار جي سھولت شامل آھن. وزير اعظم جي ٿنڪ ٽينڪ پروگرام معيشت کي فروغ ڏيڻ لاءِ گھٽ مدي واري حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي، جڏھن ته سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ تبديلي ۽ ري فنڊ سميت ٻين مالياتي تجويزن تي ايف بي آر سان تفصيلي ڳالھيون ڪيون وينديون. اجلاس ۾ وزير اعظم جي اقتصادي پئڪيج تي عملدرآمد جو باقاعدگي سان جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو