بلاگنئون

يوناني فلاسافر عورتون: ديوتيما آف مانتينيا: فڪر جي شاعراڻي ديوي

تاريخ جي لهرن ۾ جڏهن مردن جي آواز تي صدائون گونجي رهيون هيون، تڏهن هڪ نرم، ساهه جهڙو آواز به هوائن سان هليو، جنهن جو نالو هو ديوتيما هڪ اهڙي عورت، جيڪا نه فقط يوناني فڪر جي پيچيدگين کي سمجهي سگهي، پر انهن کي شاعراڻي حسن سان نئين معنيٰ پڻ ڏنائين. ديوتيما نه رڳو فلسفي جي ميدان ۾ مردن جي برابريءَ تي بيٺي، پر محبت، حسن ۽ روحاني واڌاري بابت پنهنجي فڪر ذريعي يوناني فڪر کي نئين روشني پڻ ڏني ھئي.

ديوتيما جي شناخت: حقيقت يا تمثيل؟:

ديوتيما جي شخصيت بابت پهريون سوال ئي ان جي وجود جي حوالي سان آهي. هوءَ سڀ کان پهرين ۽ اهم حوالن سان پليٽو جي “Symposium”  نالي مقالي ۾ سامهون اچي ٿي، جتي سوڪريٽس ديوتيما کي پنهنجو استاد تسليم ڪري ٿو.

پرڇانئينءَ جيان هلندڙ ديوتيما، تاريخ ۽ ادب جي سنگم تي بيٺل آهي، ڪن تاريخدانن لاءِ هوءَ حقيقتي وجود آهي ته ڪن لاءِ فقط فڪري تخليق، پر پليٽو جي انداز بيان مان اهو پڌرو ٿئي ٿو ته ديوتيما فقط ڪا خيالي ڪردار نه هئي، پر هڪ اهڙي عظيم عالمه هئي، جيڪا سوڪريٽس جهڙي فلاسافر کي به فڪر جي اونهاين ۾ وٺي وئي.

ديوتيما کي يوناني فلسفي ۾ خاص جاءِ ان ڪري حاصل آهي جو هوءَ ايڪليڪٽڪ فڪر (Eclectic Thought)  جي علمبردار هئي، جنهن ۾ فلسفي جي ڪنهن هڪ اسڪول آف ٿاٽ تي هلڻ بجاءِ مختلف فڪري روايتن کي جوڙي نئون فڪر ڏنو ويندو آهي.

پر سندس عظيم ترين ورثو “محبت” جو فلسفو آهي، جنهن کي پليٽو “ديوتيما جي پڙهيل محبت” سڏي ٿو.

ديوتيما موجب محبت ڇا آهي؟:

ديوتيما محبت کي فقط جسماني خواهش نٿي سمجهي، بلڪه ان کي روح جي اڏام، عقل جي پرواز ۽ حسن جي جستجو سمجهي ٿي. محبت لاءِ سندس فڪر هيٺين مرحلن ۾ ورهايل آهي:

جسماني حسن جي محبت  ظاهري خوبصورتيءَ کان آغاز.

سڀني خوبصورت جسمن جي محبت  حسن جي عموميت جي سڃاڻپ.

روح جي خوبصورتيءَ جي محبت عقل، فڪر ۽ اخلاق جي قدرن سان عشق.

علم جي محبت حقيقي سچ جي جستجو.

ابدي حسن جي محبت جيڪا نه ڪي تبديل ٿئي، نه ڪي فنا ٿئي؛ جيڪا خود حسن آهي.

اهو فڪر نه رڳو محبت جي بلند ترين معنائن تائين وٺي ٿو وڃي، پر انساني واڌاري جو به رستو ڏيکاري ٿو.

ديوتيما جو اسلوب: فڪر جي شاعراڻي تصوير:

ديوتيما جي فڪر جي خاصيت ان جي ادبي جماليات آهي. هوءَ لفظن کي ڄڻ ته خوشبوءَ جيان استعمال ڪري ٿي. جنهن مان فڪر جي خوشبو، صدين کانپوءِ به محسوس ٿئي. سندس بيان ڪيل “محبت جي واٽ” صرف فلسفياڻي نه، پر روحاني ۽ جمالياتي ڪهاڻي وانگر محسوس ٿئي ٿي.

سوڪريٽيس، جيڪو پاڻ عقل جو مجسمو هو، ديوتيما کي نه رڳو مڃي ٿو، پر سندس ڳالهين کي اهڙي ادب سان پيش ڪري ٿو، ڄڻ هوءَ فلسفي جي ديوي هجي، جنهن جي گفتگوءَ ۾ حسن، سچ، ۽ معنيٰ جا سڀ رنگ موجود هجن. ديوتيما اُن دور ۾ فڪري گفتگوءَ ۾ شريڪ ٿي، جنهن ۾ عورتن لاءِ علم ۽ فڪر جا دروازا تقريبن  بند هئا. اتي ديوتيما فقط شرڪت ڪندڙ نه هئي، بلڪه استاد هئي، جنهن سوڪريٽيس کي به واڌاري جي راھ ڏيکاري.

اهو صرف عورت جي ذهني سگهه جو نه، پر فلسفياڻي قيادت جو ثبوت آهي. ديوتيما يوناني فڪر ۾ عورت جي موجودگيءَ جو اهو روشن مثال آهي، جيڪو صديون پوءِ جي عورتن لاءِ الهام بڻجي سگهي ٿو.

جيڪڏهن شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهاري جي سڃاڻپ، حسن سان عشق ۽ روحاني وحدت کي ڏسون ته ديوتيما جو فڪر به ساڳي ئي تلاش کي ظاهر ڪري ٿو.

اهڙيءَ ريت ديوتيما چوي ٿي ته حسن جي سچائي صرف جسم تائين محدود نه آهي، پر اها روح جي اڏام جي منزل آهي. حسن، محبت ۽ روح جي اتمتائي جي تلاش لطيف جي راڳن وانگر ديوتيما جي فڪر ۾ به سمايل آهي.

ديوتيما جي فڪر جو اثر صرف پليٽو تائين محدود نه رهيو. بعد ۾ ايندڙ فلاسافرن، خاص طور تي نيئو پليٽونسٽن، سندس “محبت جي واٽ” کي روحاني واڌاري ۽ صوفياڻي فڪر سان ڳنڍيو.

اڄ جي دور ۾ ديوتيما جي فڪر کي فيمنسٽ فلسفي، صوفيات ۽ جديد نفسيات جي شعبي ۾ به ڏٺو پيو وڃي. هوءَ محبت جي اڻپڇايل راهن جي رهنمائي ڪندڙ آهي، جتي عقل، احساس ۽ حسن گڏجي وڃن ٿا.

ديوتيما آف مانتينيا ڪا معمولي فڪر ڪندڙ عورت نه هئي، بلڪه هوءَ فڪر جي سڀني وقتن تي حاوي هڪ پراسرار نور هئي. سندس شخصيت، جنهن جي باري ۾ اڃان به سوال کڙا ٿين ٿا، دراصل فلسفي جي اڻ مئي روشني آهي. هوءَ انساني روح کي ٻڌائي ٿي ته محبت فقط جذبو نه، پر عقل، جمال ۽ سچ جو ميلاپ آهي.

ديوتيما جي زندگيءَ جا تفصيل ڀلي نه ملن، پر سندس فڪر جا ڪنگورا اڄ به بلند آهن. هوءَ فقط سوڪريٽيس جي استاد نه هئي، بلڪه پوري فلسفياڻي انسانيت لاءِ استاد هئي ۽ شايد انهيءَ ڪري، هوءَ فڪر جي ڇانوَ ۾ ايتري دير تائين زنده رهي آهي.

References:

  1. Plato, Symposium

  2. Nehamas, Alexander (2007). The Art of Living: Socratic Reflections from Plato to Foucault.

  3. Waithe, Mary Ellen (1987). A History of Women Philosophers, Vol. I: Ancient Women Philosophers 600 B.C.500 A.D. Springer.

  4. Allen, R.E. (1991). The Dialogues of Plato Volume II: Symposium. Yale University Press.

  5. Gould, Thomas (1988). Platonic Love. Oxford University Press.

  6. Hypatia: Journal of Feminist Philosophy

  7. Hadot, Pierre (1995). Philosophy as a Way of Life. Blackwell Publishing.

***