ايڊيٽوريل

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپا

پاڙيسري ملڪن جا هڪ ٻئي سان تعلقات هميشه اهم هجن ٿا، پر پاڪستان ۽ ڀارت کي وجود ۾ ايندي 75 کان مٿي سال ٿي چڪا آهن، پر بدقسمتي سان ٻنهي جي لاڳاپن ۾ ڪڏهن امن ۽ ڪڏهن جنگ پئي رهي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تعلقات جي تاريخ هميشه ڇڪتاڻ واري رهي آهي. ان ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب ڪشمير جو مسئلو رهيو آهي، انهيءَ مسئلي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگون به ٿيون آهن ۽ ڪارگل جهڙا معرڪا به ٿيا آهن ۽ انهيءَ سموري ڇڪتاڻ جي ڪري اسانجو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. جنهن جو ڏُک موجوده پاڪستان جي عوام کي هميشه پئي رهيو آهي. جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ ماڻهن جي آبادي جي شرح تمام وڌيڪ آهي ۽ انهن وٽ وسيلا به گهٽ آهن. تعلقات جي خرابي جي ڪري ٻنهي ملڪن جو عوام غربت کي منهن ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جي آمدني جو وڏو حصو دفاع تي خرچ ٿيو وڃي ۽ ائين به آهي ته اهڙو دور به آيو آهي جو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عام رواجي تعلقات به نه رهيا آهن. تازو تعلقات جي خرابي جو سبب اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جيئن ئي نريندر مودي ڀارت جو وزيراعظم ٿيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تعلقات خراب ٿي ويا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪي مذاڪرات ٿي رهيا هئا اهي مئي 2014 کان وٺي هيستائين تعطل جو شڪار آهن. جيڪي اڃا تائين عام رواجي لاڳاپن جي سطح تائين نه موٽيا آهن ۽ اڃا به لاڳاپن ۾ وڌيڪ خرابي ڀارت جي انهيءَ قدم سان ٿي ته انهيءَ پنهنجي آئين ۾ ترميم ڪندي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ان کي ڀارت جي آئين جي آرٽيڪل 370 جي تحت تحفظ به حاصل هو. ڪشمير جو مسئلو اقوامِ متحده ۾ اڃا تائين حل طلب آهي ته به ڀارت زوري ڪشمير کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، جنهن کي اتي جي سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ تحفظ ڏئي ڇڏيو آهي. انهيءَ قدم جي ڪري وڌيڪ خرابين جنم ورتو آهي ۽ پاڪستان احتجاج طور 2019 کان ڀارت سان هر طرح جا واپاري لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا آهن ۽ هر طرح جي سفر جي سهولتن تي به سخت پابندي عائد ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت لاڳاپن ۾ ٻنهي طرفن کان هميشه ڇڪتاڻ رهي آهي ۽ هن دفعي به جڏهن ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ته پاڪستان سرڪار وٽ ڪو گس نه هو ته اها دوستي جي سفر کي جاري رکي سگهي. انهيءَ سڀ جي باوجود ٻنهي ملڪن ۾ دوستي جي به هڪ تاريخ آهي. ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ هڪ ٻئي سان ملندا رهيا آهن. جيئن ته اسين پاڙيسري ملڪ آهيون ۽ هڪ ٻئي کانسواءِ رهي به نٿا سگهون. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو شملا معاهدو ڪيو ۽ ميزباني وزيراعظم اندرا گانڌي ڪئي. بينظير ڀٽو صاحبه وزيراعظم هئي ته راجيو گانڌي پاڪستان جو دورو ڪيو. جڏهن پاڪستان جو وزيراعظم نواز شريف هو ته ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي لاهور جو دورو ڪيو ۽ مينارِ پاڪستان جي ڇانو ۾ پاڪستان جي حيثيت کي تسليم ڪيو، اڳتي هلي پاڪستان جي صدر پرويز مشرف به اٽل بهاري واجپائي سان آگري ۾ مذاڪرات ڪيا، پر ٿيو ائين آهي ته وقتي لاڳاپا بحال ٿيا آهن، پر ڪو نه ڪو اهڙو موڙ آيو آهي، اهڙو ڪو واقعو ٿيو آهي جو ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿيندا رهيا آهن ۽ ڪشمير واري لائين آف ڪنٽرول تي هميشه جنگي صورتحال رهي آهي، پر ڪجهه وقت ٿيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن آهي ۽ ڪشمير جي لائين آف ڪنٽرول تي ڪابه جنگي چرپر ڪونهي. اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿيڻ ۾ ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ ضروري آهي. وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڳالهيون ڪري ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي. پاڪستان ۽ ڀارت سال 2021 ۾ انهيءَ تي متفق ٿي ويا ته ڪشمير جي سرحد مستحڪم ۽ پُرامن رهي. استحڪام ۽ امن لاءِ سال 2023 کان لڳي ٿو ته پردي پويان ڪوششون ٿي رهيون آهن. اسين سمجهون ٿا ته ٻنهي ملڪن جي وچ پردي پويان مذاڪرات جي جاءِ تي باقائدگيءَ سان ڳالهيون ٻولهيون ڪيون وڃن. جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بحال ٿئي ۽ سفر جون سهولتون ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي ميسر ٿين. جيئن ته اسين اها ڳالهه ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پُرامن لاڳاپا سندن ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ هٿي وٺرائندا ۽ ٻنهي ملڪن ۾ سياحت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، صنعت، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ پڻ لاڳاپا بهتر ڪري هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا. هڪ ڊگهي عرصي تائين ٻنهي ملڪن جي خراب لاڳاپن جي ڪري ٻنهي ملڪن جو عوام ڪيترين ئي ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسين پاڪستان جي نئين چونڊيل حڪومت جيڪا 8 فيبروري کانپوءِ وجود ۾ ايندي انهيءَ کان اڳواٽ اها اميد ٿا ڪريون ته اها ڪشمير جي عزت ڀرئي حل سان گڏ ۽ ٻنهي ملڪن جي دائمي پُرامن لاڳاپن لاءِ جلد ئي ڳالهين ٻولهين جو آغاز ڪندي، جيئن ٻنهي ملڪن جو عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي سگهي ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي کي فائدو ڏئي خطي کي ترقي وٺرائي سگهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پُر امن دوستاڻا تعلقات قائم ڪري معاشي ۽ سياسي گس تي هلي سگهي ڇو ته ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن وٽ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي.