بلاگنئون ڪهاڻي: خزانو July 11, 2024 Zahida Abro امداد الله وڏيرو چڱن جريبن جي ٻنيءَ جو مالڪ هو، پر سندس حوَس پوري نه ٿيندي هئس، منجھس صبر ۽ قناعت بلڪل نه هئي، هميشه پنهنجي ٻنيءَ جي ٽڪر ۽ پئسن کي وڌائڻ جا منصوبا پيو ٺاهيندو هو، جيڪي وٽس هو انهيءَ تي صبر ۽ شڪر جي بدران پيو چوويهه ڪلاڪ گھاٽ گھڙيندو هو. ڪنجوس به اهڙو هو جو الله جي پناھ، “ڍئو ۾ ته ڄڻ ڪکيون ٿي ڦاٽس” ته به ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي اجايون سجايون تڪليفون ڏسي ۽ گهر ڀاتين کي به ڏيکاري پيو اها لئه ڪندو هو ته، “آئون محنتي ۽ بچت وارو آهيان منهنجي بخت ڀيڙو کاڌو آهي، جيڏانهن ٿو منهن ڪريان، پئسو ئي پئسو آهي.” سندس انهيءَ غرور ۽ گھڻي هلاڪيءَ تي رئيسياڻي پئي ڪنجھندي ۽ ڪرڪندي هئي. هن جو هڪڙو ئي پٽ جانو (جان محمد) پڻ پنهنجي پيءُ مان بيزار هوندو هو. جانو هاڻي جوان هو سندس سنگتي ساٿي کيس آڀاريندا هئا ته “پيءُ کان گاڏي کڻي اچ ته گھمڻ ڦرڻ هلون يا ڪي پئسا هڙ ۾ رک”، پر جي اهي پئسا رئيس امداد مان نڪرن نه!! جانو پريشان رهندو هو، سندس سنگتين گھڻي ئي هنبوڇيون هنيون، ٺڳيو، چوريو، پر اڳيان به امداد الله هو، پٽ کي پئسن لاءِ بيهڻ ڪونه ڏنائين ته جيئن سندس خزاني ۾ ڪا ڪمي نه اچي. اهڙيءَ ريت پيءُ ۽ پٽ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. شروع ۾ جانو پڙهائيءَ ۾ پڻ سٺو ۽ چئي دار پڻ هو، پوءِ سندس پيءُ جي رَوِش هُن جي ذهن تي ناڪاري اثر ڇڏڻ شروع ڪيا ۽ کيس آهستي آهستي انهيءَ نالي جي امير پيءُ کان نفرت ٿيڻ لڳي. جنهن جو سبب سندس سنگت پڻ هئي. گھر ۾ صحيح توجهه نه ملڻ سبب هو غلط دوستن ۾ ڦاسندو ويو. امداد وٽ جيڪا به ملڪيت هئي سا بي شڪ هُن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هئي، پر اولاد ئي ته اصل ملڪيت آهي، اهو سمجهڻ کان هُو قاصر هو. اڄ وٽس جھجھي زمين، ٽريڪٽر، اوطاقون، مال متاع هئا، پر پٽ نافرمان پئي ٿيندو ويو، شروع ۾ ته هُو ٿورو پئسو پاڇي رکندو هو ته آئيءَ ويل ڪم اچڻ لاءِ پئسو ضروري آهي، پر پوءِ جيئن ئي پئسو وڌندو ويو سندس رويي ۾ پئسي جي چُوس وڌي وڃي دنگ ڪيو. هاڻي ته هو ضروري خرچ ڪرڻ کان به لنوائيندو هو. هڪ ڏينهن فجر مهل اگھور ننڊ ۾ چادر تاڻي ستو پيو هو، جوڻس اچي جاڳايس. منهن ڦٽائي پڇيائينس، “ايترو ساجھر ڇو جاڳايو اٿئي؟” رئيسياڻي زيبل روئڻهارڪي ٿي وڏي آواز سان چوڻ لڳي، “ٻڌئي! جانو رات کان گھر ڪونه آيو آهي، اُٿي ڪا پڇا ڪر، اڳي ته ڪڏهن به سڄي رات گھر کان ٻاهر نه رهيو آهي. الائي ڪٿي مصيبت ۾ ته ڦاسي ڪونه پيو آهي؟” رئيس کي ننڊ ڦٽڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، وري ضبط ڪري چادر ڇڪي پاڻ تي وڌائين ۽ اوٻاسي ڏيندي چوڻ لڳو، “مون کي سمهڻ ڏي، اچي ويندو جوان ڇوڪرو آهي. ڪنهن مصيبت ۾ ڪونهي، دوستن سان ڪٿي ٽڪي پيو هوندو” زيبل روئڻ لڳي. سندس رانڀاٽ ٻڌي رئيس سنوَت ۾ آيو ۽ کيس تسلي ڏيڻ لڳو. زيبل پنهنجون آگميل اکيون مٿي کڻي کيس منٿ ڪندي چيو، “ڏس رئيس! توکي الله جو ڏنو جھجھو آهي، پر کمي کاءُ! پٽ تان هٿ کڻندو پيو وڃين. هڪڙو ئي پٽ اٿئي، اهو ئي وارث پڻ اٿئي سندس سڄو سڌارو توتي دارومدار رکي ٿو. آئون زائفان ذات آهيان. جيڪڏهن جانوءَ تي ڌيان نه ڏيندين ته ڌن ڌاريئي جي نه ڌاريئي، ڪوبه فرق نٿو پوي. مون کي سندس سنگت نٿي وڻي ڇوڪرو مئٽرڪ پاس ڪري اڳيان پڙهي به نٿو. کيس زمينن تي به نٿو وٺي وڃين، پيو ٻين جي گھٽين ۽ گھرن ۾ رُلي ۽ کرجي.” رئيس اکين مان چپيون ڪڍندي بي دليءَ سان وراڻيو، “ڇو ٻنين تي نٿو وٺي وڃانس، ڪيترائي ڀيرا هليو آهي، پر ڪم ۾ شوق ئي نٿو ڏيکاري، رُڳا رونشا گھرجن. ڪونهن پئسا مون وٽ شغلن لاءِ.” “آخر ڪجهه ته ڪبو ني، هٿ ته ڪونه کڻبو جوان اولاد تان.” زيبل سندس پلنگ تي ديرو ڄمائيندي چوڻ لڳي. وڏيرو سوچ ۾ پئجي چپ ٿي ويو. جانو دير سان گھر آيو، کانئس رات جو گھر نه اچڻ جو سبب پڇيائين، پر هُو ڪن ٽار ڪري اُتان اُٿي ويو. وڏيري ڄاتو ته هاڻي ته هيءُ پڪو گھڙو ٿيندو وڃي. اکين جي ديد ئي ختم ٿي وئي اٿس. سمجھائي ڇا ڪبو. دل ئي هارجي ويس. جانوءَ جي خراب رَوِش ۾ سڌاري جي بدران هيڪاري وڌيڪ واڌارو ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن کيس خبر پئجي ويئي ته پڻس پنهنجا پئسا ڪهڙيءَ جڳهه تي رکي ٿو. هن ڪنهن طريقي سان اهي پئسا چوري ڪيا ۽ وڃي دوستن سان گڏ محفلون مچايون. وڏيرو جو پنهنجي خزاني کي کولي ته سندس تاڪ ئي لڳي ويا. “مار! ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ڪري جو پئسو جوڙيو سو ڇورو هڪڙي ئي ڌڪ ۾ پار ڪري ويو.” کيس اهڙو ته ڪاپاري ڌڪ لڳو جو ڏندڻجي ڪري پيو. وڏيريءَ زيبل مٿانس اچي پاڻي وڌو. ٻئي زال مڙس اچي جو روئڻ ۾ ڇٽڪيا، چون ته ڪهڙي بدنصيبي سامهون آئي آهي جنهن لاءِ ڪک پن پيا ميڙيون، اُهو ته صفا لاهي پائي بيٺو آهي. وڏيري منٿون ڪندي امداد کي چيو، “رئيس! ڳالهه ٻڌ، هن نينگر جو ڪٿي نڪاح ڪرائي ٻه ٻول پڙهائينس، وني ڏسندو، اولادي ٿيندو، ارڏايون ڇڏي ڏيندو.” رئيس پاڻي پيئندي وراڻي ڏنس، “زيبل ڏاڍي ڪا زورآور آهين جو پاڻ ٻار آهي سو ڪٿان گھر جون جوابداريون کڻندو!” زيبل آڱرين تي حساب ڪري آسائتي انداز سان چيو، “رئيس ماشاءَالله پورن ويهن ورهين جو، شاديءَ لائق آهي. هرو ڀرو ٿو پڙ ڪڍي بيهين.” وڏيرو وڏيءَ سوچ ۾ پئجي ويو، ڪجهه دير کانپوءِ ڄڻ ڪو فيصلو ڪري ورتائين. هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي تيزيءَ سان ڪمري مان نڪري ويو. جانوءَ جي دوست گلڻ جي شهر مان ايندي جيپ خراب ٿي پئي. سنگت صلاح ڪئي ته شهر مان ڪو مستري وٺي اچجي. ٻه ڄڻا ڪنهن گاڏيءَ کان لفٽ وٺي شهر مستريءَ لاءِ روانا ٿيا ۽ جانو ۽ گلڻ جيپ ۾ ئي ويٺا رهيا. مٿان اچي سانجھي ٿي، ٿوريءَ دير ۾ هڪ وڏي پيجارو گاڏي اچي سندن ڀر ۾ بيٺي ۽ گلڻ جا هٿ پير ٻڌي هن کي روڊ تي اُڇلي جانوءَ کي ڪپڙي لٽي مان آسودو سمجھي پاڻ سان کڻي ويا. سندن منهن تي ٻُٽون ٻڌل هيون. جانو خوف ۾ ڏڪڻ لڳو ڳالهه سمجھي ويو ته هي اغوا جا پئسا گھرندا ۽ بابو ڪونه ڏيندو، پَڪَ سان مون کي ماري ڇڏيندا. هُن موت کي پنهنجي سامهون پئي ڏٺو. اڳيان هلي پجيرو روڊ کان جھنگ ۾ رستو ٺاهيندي وئي ۽ پريان جھنگ ۾ جتي ڪچو رستو ختم ٿيو، گاڏي بيهي رهي. جانوءَ کي مٿي جي وارن مان ڇڪي هيٺ لاٿائون. سندس هٿ پير ٻڌل هئس. کيس پنڌ ڇڪيندا ويا تان جو هنن جو ٺڪاڻو آيو. جتي هڪ ننڍي جھوپڙي ٺهيل هئي، ٻه کٽون ۽ هڪ مَٽ، پاڻيءَ جو ۽ گلاس. ٻيو ڪجهه به نه هو، ان جھوپڙيءَ ۾، اهڙيءَ ريت هُن کي هتي پندرهن ڏينهن ٿي ويا، پر نه ڌاڙيلن کيس ڇڏيو ۽ نه ئي کيس ڪا خبر پئي سگهي ته هنن سندس پيءُ سان ڪو واسطو رکيو آهي يا نه؟ پنهنجي دل ۾ پڪو پهه ڪيائين ته جي هن جزا جهڙي جيون مان آجو ٿي گھر پهتس ته هميشه لاءِ ابي ۽ امان جو غلام ٿي گذاريندس. هڪ ڏينهن ٽنهي ڌاڙيلن ۾ ڦڙ ڦوٽ هئي سندن ڳالهائڻ مان جانوءَ ٻڌو ته پوليس جا ڇاپا پيا لڳن ۽ آپريشن ٿي رهيو آهي، هُو ٻئي ڪنهن هنڌ منتقل ٿي ويندا. سردار کين چئي رهيو هو ته، “هن نينگر مان جان ڇڏايو ته اڳيان وڌڻ آسان ٿئي. ان ريت ڪارا ڪپڙا پاتل ڌاڙيلن کيس کٽ جي پاڳي کان ڌار ڪيو، اکين تي پٽي ٻڌي اڳيان روڊ ڏي وٺي هليا، هٿ ٻڌل هئس. ٻاهر رستي تي ٿڦون هڻي اڇلي ويس.” ڌَڪَ ۽ ڌِڪي کائڻ کانپوءِ جانوءَ جي جسم ۾ سور جون سٽون اڀرڻ لڳيون. هٿن تي ٻڌل رسن زخم ڪري ڇڏيا هئا، اکيون کولي نٿي سگھيو. روڊ پاسي هڪ وڻ هيٺ ويٺو هو. ڳچ دير کانپوءِ پوليس موبائيل اُتان گذري، جنهن مان هڪ پوليس واري نڪري رسيون ڪتري کيس آزاد ڪري گاڏيءَ ۾ ويهاري گھر پهچايو. بک، اڃ ۽ اوجاڳي سان هيڻن حالن ۾ جانو حياتي بچڻ تي زار زار روئڻ لڳو. پانڌ ڳچيءَ ۾ پائي پيءُ ماءُ کان معافيون گھريائين. سندس حياتي ئي بدلجي ويئي. هن دکدائڪ واقعي پير اُکيڙي ڇڏيا هئس. ڇا جون سنگتون، ڇا جون محفلون، سڀني کان توبھ تائب ٿيو. وڏيري سندس واپس اچڻ تي وڏو جشن ڪيو ۽ ڳراٺڙي پائي کيس پنهنجي سڄي ملڪيت جي سنڀالڻ جي واڳ ڏيئي ڇڏي ۽ پنهنجي ئي حيثيت برابر رئيس محمد عليءَ جي گھر سندس مائيٽي ڪئي. سڱ ٿيڻ ۽ زمين جي ذميداريءَ کانپوءِ جانل سمجھدار ٿي ويو، سندس مائٽن به سُک جو ساھ کنيو. وڏيري امداد ڪڏهن به زال کي ڪونه ٻڌايو ته اهي ڌاڙيل ڪير هئا؟!!. *** Post Views: 63