2 محرم ڏينهن خميس:
شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن ڪربلا جي زمين تي تشريف فرما ٿيا، اهلبيت جا خيما درياءِ فرات جي ڪناري نصب ڪرايائون، پر حضرت غازي عباس علمدار غصي ۾ اچي ويو ۽ حر سان لڙائي لئه تيار ٿي ويو، پر شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چوڻ تي صبر ڪيائون ۽ خيما درياءَ جي 3 يا 4 ميلن جي مفاصلي تي کوڙيا ويا، شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جنهن تي خيما نصب ڪرڻ جو فرمايو اها زمين خريد ڪيائون.
3 محرم ڏينهن جمعو:
3 محرم تي عمر بن سعد 22 هزار لشڪر وٺي ڪربلا پهتو، شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن ابن سعد کي چيو ته جيڪڏهن اهلِ ڪوفه منهنجي اچڻ ۾ خوش نه آهن ته مون کي واپس وڃڻ ڏنو وڃي، ابن سعد اها ڳالهه ابن زياد کي لکي ڏني جنهن جواب موڪليو ته شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن کان يزيد جي بعيت ورتي وڃي يا مرڻ لاءِ تيار ٿئي، انهيءَ ڏينهن هڪ اصحابي حبيب ابنِ مظاهر قبيله اسد وارن ڏانهن شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي حمايت ڪرڻ لاءِ ويو، 90 جانباز امداد لاءِ تيار ٿي آيا، ٻئي رستي ۾ ابن زياد جي چار سئو سپاهين انهن کي روڪي ڇڏيو ۽ اها مدد به شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن تائين رسي نه سگهي.
4 محرم ڏينهن ڇنڇر:
4 محرم تي ابن زياد هڪ مسجد ۾ خطبو ڏنو جنهن ۾ ماڻهن کي شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي خلاف ڀڙڪايو ويو ۽ دولت جي آڇ به ڏني وئي، جنهن ۾ ڪافي ماڻهو ڪربلا وڃڻ لاءِ تيار ٿيا پهرين شمر ملعون وڃڻ لاءِ درخواست ڏني تنهنڪري ان ئي ڏينهن شمر ملعون کي 4 هزار ابن رڪاب 2 هزار بن نمير 4 هزار ابن رهينه 4 هزار ابن خرشه 2 هزار سوار ڏئي روانو ٿيو.
5 محرم ڏينهن آچر:
5 محرم تي سبت ابن ريعي کي 4 هزار عروه ابن قس 4 هزار ابن انس کي 10 هزار ابن اشعفت کي هڪ هزار ابن حصين کي هڪ هزار لشڪر ڏئي ڪربلا روانو ڪيو ويو.
6 محرم ڏينهن سومر:
6 محرم الحرام تي ابن يزيد ابن زياد کي هڪ خط لکيو ته مون کي خبر پئي آهي ته تون رات جي لڪ چوري ۾ شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن سان ملين ٿو اهي حرڪتون ڇڏي ڏي، تمام اهلبيت جو پاڻي بند ڪري ڇڏ ۽ جلدي اهلبيت ۽ شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن کي مارڻ جي ڪوشش ڪر.
7 محرم ڏينهن اڱارو:
7 محرم الحرام تي عمر ابن حجاج کي پنج سئو سوارن سميت نهرِ فرات تي مقرر ڪيو ويو ته جيئن خيامِ اهلبيت تائين پاڻي جي بندش ٿي وڃي. جنهن تي غازي عباس علمدار کي جوش اچي ويو ۽ خيمي کان 19 قدم اڳتي ضرب هنئي ته چشمو جاري ٿي پيو. شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن غازي عباس علمدار کي فرمايو ته اسان معجزا ڏيکارڻ لاءِ نه آيا آهيون، پر امتحان ڏيڻ آيا آهيون.
8 محرم ڏينهن اربع:
8 محرم تي خيامِ اهلبيت مان العتش العتش جون صدائون اچڻ لڳيون، پاڻي 7 محرم کان اڳ ختم ٿي چڪو هو. غازي عباس علمدار کي حڪم ڏنو ويو ته پاڻي آندو وڃي دشمنن جي سختين جي ڪري پاڻي ملڻ مشڪل ٿي ويو هو. شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن غازي عباس علمدار کي کوهه کوٽڻ جو حڪم ڏنو، پر پاڻي نه ملي سگهيو.
9 محرم ڏينهن خميس:
9 محرم جي رات شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن ۽ ابن سعد جي وچ ۾ آخري ملاقات ٿي. شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن حجتون سموريون پوريون ڪيون، پر نتيجو نه نڪري سگهيو. شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن تي ٿوري غنودگي طاري ٿي ته ڏٺائون حضرت محمد صه جن فرمائي رهيا آهن ته حسين پيارا تون سڀاڻي اسان وٽ پهچي ويندين پاڻ غنودگي کان بيدار ٿيا ۽ اها ڳالهه پنهنجي همشيره (ڀيڻ) سانئڻ زينب سلام الله عليها جن سان ڪيائون ته سانئڻ روئڻ لڳي، مولا غازي عباس علمدار دشمنن جي اچڻ جو اطلاع ڏنو، شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن هڪ ڏينهن جي مهلت لاءِ چيو، هڪ ڏينهن مهلت جو مليو جنهن رات پاڻ عبادت ڪيائون.