پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ تي قومپرست اڳواڻن جي مخالفت
مختلف سنڌي قومپرست اڳواڻن وزيراعظم پاران بنگالي ۽ افغانين کي سي اين آءِ سي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل تي اعتراض واريو آهي. قومي عوامي تحريڪ صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته 25 لک پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ جي صورت ۾ اهي مستقبل ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندا. ڪالهه پنهنجي ڏنل بيان ۾ اياز لطيف پليجو چيو ته ايترا ماڻهو صرف ڪراچي مان ئي پنهنجا 20/25 اميدوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ موڪلي سگهن ٿا. هن سنڌ حڪومت کي درخواست ڪئي ته اها هن معاملي تي مختلف پارٽين وچ ۾ ڪانفرنس گهرائي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پرڏيهي سازشن ۾ گهيريل آهي ۽ اهڙي حالت ۾ غير قانوني پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ جي صورت ۾ ملڪ جي لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. جيئي سنڌ محاذ جي رياض چانڊيو چيو ته هڪ طرف ڪالا باغ جهڙا پروجيڪٽ هلائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي غير ملڪين کي شهريت ڏيئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ اندر پي ٽي آءِ جي قانون دانن کي سنڌ مان غير ملڪين کي ڪڍڻ گهرجي ته جيئن انهن جي سنڌ سان وفاداري ثابت ٿي سگهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو چيو ته پي ٽي آءِ جي مينيفيسٽو ۾ ٿي به لکيل نه آهي ته اها پارٽي اهڙو قدم کڻندي. هن وڌيڪ چيو ته اهي غير قانوني پرڏيهي ماڻهو ملڪي ۽ صوبائي ترقي لاءِ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن.

