بلاگنئون

اجرڪ جي رنگن جو فيشن جي دنيا ۾ ظھور

فيشن ڊزائين اهم مضمون آهي ۽ انزل خواجه انهيءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. هن ريجنٽ يونيورسٽي لنڊن مان گريجوئيشن ڪئي آهي. سندس برطانيه ۾ تعليم جو عرصو 2019 کان 2023 تائين آهي. جيئن ته اسين سڀ سمجهون ٿا ته فيشن جي دنيا هڪ وسيع ۽ خوبصورت دنيا آهي.

هن کي اندازو نه ھو ته هن کي يونيورسٽي ٽيڪسٽائيل ڊزائيننگ ۾ اجرڪ ۽ سنڌ جي دستڪارين ڏانھن وٺي ويندي. ريجنٽ يونيورسٽي جا ڪلاسز ۽ لنڊن جي زندگي جنھن کي پنھنجي انوکي تاريخ ۽ تھذيبي ورثو آھي. ايئن چئجي ته تعليم جو عمل ته برطانوي يونيورسٽي ريجنٽ ۾ مڪمل ٿيو. شاگرد جي شناخت مشرقي هئي. انهيءَ ڪري اجرڪ جا رنگ ۽ سنڌ سان لاڳاپيل دستڪاريون هن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري رهيون هيون.

يونيورسٽي ۾ ڪلاسز جي دوران مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ پنھنجي نسل، شڪل ۽ شبيهه ۾ الڳ، پنھنجي ٻولين ۾ جدا ھجڻ جي باوجود اهي سڀ شاگرد ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم جي اعليٰ مقصد لاءِ ان يونيورسٽي ۾ گڏ ٿيا ھئا. ھڪ نياڻي جنهن جو تعلق ۽ پسمنظر حيدرآباد سنڌ آھي، تعليم به ساڳي شھر مان حاصل ڪئي آهي ۽ پوءِ برطانيه عظميٰ جو شھر لنڊن هن کي ڪھڙا نه نادر موقعا ڏئي رهيو هو. ريجنٽ يونيورسٽي تعليم ۾ هن کي پنهنجي اصل (Origin) سان واقف ڪيو. سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت سان نيئن سر اها ويجهڙائي هن لاءِ نادر موقعو کڻي آئي.

سال 2022 ۽ 2023 ۾ لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪندي، ريجنٽ يونيورسٽي جا ڪلاسز اٽينڊ ڪندي هن لاءِ علم جا نوان جھان ظاھر ٿيا ۽ اھو عجب اتفاق ھو ته هن کي رھڻو ته لنڊن ۾ ھو ۽ پڙھڻو ريجنٽ يونيورسٽي ۾ ھو، سڄي ڳالھ ھڪ نئين سڌريل تعليمي ماحول ۽ مزاج جي آھي، پر هن سان اڃان به ڏاڍي دلچسپ ڳالھ ٿي ۽ علم جا نوان در کلي پيا. هن جي اُستادن کيس سنڌ سان لاڳاپيل اجرڪ ۽ ٻين دستڪارين جو علم حاصل ڪرڻ لاءِ چيو، منھنجي ٽيڪسٽائيل ڊزائيننگ جي ڪورسن ۾ جڏھن اجرڪ اچي وئي. اجرڪ جا رنگ فيشن ڊزائننگ جي ڪلاسن ۾ لهرائي رهيا هئا ۽ ٽيمس درياءَ هن کي سنڌو درياءَ جيان لڳي رهيو هو. ان ڳالھ کي ائين بيان ڪجي ته هن جي مان وارن استادن ۽ کيس پڙھائيندڙ محترم شخصيتن جڏهن کيس پڙهايو پئي ته ائين لڳي رهيو هو ته هوءَ ڄڻ تھذيب جي شروعات ۾ سفر ڪري رهي هئي. جڏھن اجرڪ جي ڳالهه ٿي تڏهن لازمي آهي ته تاريخ ۽ تهذيب تي ڳالهه ٻولهه ٿي، انهيءَ معنيٰ ۾ ته اجرڪ ۽ سنڌ ڄڻ پاڻ ۾ لازم و ملزوم آھن.

سنڌ جو جڏھن ذڪر اچي ٿو ته پنج ھزار سال پراڻي تهذيب موھن جي دڙي جو ذڪر ضرور ٿئي ٿو. موھن جي دڙي جي تھذيبي ورثي تي سڄي دنيا کي فخر آهي. دنيا ۾ ٻه تھذيبون قديم ترين آھن، ھڪ سميري تھذيب ۽ ٻي موھن جي دڙي جي تھذيب. اھا عظيم تھذيب ۽ موھن جو دڙو هن کي لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران مدد ڪندو رھيو. جڏھن هوءَ پنھنجي ٽيڪسٽائيل ڊزائين جو ڪم The forgotten Valley “وساريل ماٿري” جي عنوان تحت ڪري رھي ھئي، تھذيب ۽ تاريخ جو پنج هزار سال پراڻو سفر هن جي ذهن ۾ هو، جڏھن هوءَ موھن جي دڙي جي “ڪنگ پريسٽ” کي اجرڪ ۾ ڏسي رھي ھئس. سنڌ صدين کان انهيءَ شاگرد جي خون ۽ ورثي ۾ شامل رھي آھي، ھاڻي ان جي رنگا رنگ تھذيب ۽ تاريخ کي سڄي دنيا مڃي ٿي. انهيءَ تهذيبي ارتقا ۾ جيڪي مصنوعات آهن، سڀ خوبصورت آھن، پر اجرڪ انھن ۾ مثالي حيثيت رکي ٿي. اها سنڌ جي پنج ھزار ساله تاريخ و تھذيب جو حوالو آھي.

اھو اتفاق چئجي يا سندس نصيب جو يونيورسٽي جي ٽيڪسٽائيل ڊزائيننگ جي ڪورس ۾ هن کي جيڪو ڪم مليو اھو سنڌ جي حوالي سان آھي ۽ اجرڪ انھيءَ جو بنيادي خيال آھي، جنھن خيال کي وٺي هن پنھنجي ڪورس ۾ نئين ٽيڪسٽائيل ڊزائيننگ ڪئي ۽ انهن لباسن تي، The forgotten Valley “وساريل  ماٿري” جي عنوان هيٺ ڪيٽ واڪ ٿي، انهن لباسن جي ڊزائيننگ به هن ڪئي، جن ۾ اجرڪ جا نرالا رنگ هئا، ۽ ھتي اھا ڳالھ ٻڌائبي ته لباس جي جيڪا حساسيت آھي ۽ عورت ۽ مرد وٽ انھي جي جيڪا معنيٰ آھي، لباس جي جيڪا بنيادي حساسيت آھي، انھيءَ ۾ اجرڪ وري تخليق ٿي آهي ۽ اجرڪ هن جي ڊزائين ڪيل لباسن کي نوان رنگ ڏنا آھن. جڏھن “وساريل ماٿري” جي عنوان تحت اھا ڪيٽ واڪ ٿي رھي ھئي، تڏھن هن کي لڳو ته ريجنٽ يونيورسٽي ۽ لنڊن شھر اجرڪ جي رنگن ۾ رنگجي ويا ھئا. ھتي اھا ڳالھ به ڪجي ته انھيءَ ڪيٽ واڪ ۾ ڇھ 6 ٻيا به ڊزائينر شاگرد ۽ شاگردياڻيون شامل ھئا، لباس جي موجوده وقت ۾ جدت ۽ ان جي حقيقت اهم آهي، دنيا ۾ لباسن جا لاتعداد برانڊ آهن، ۽ هوءَ چاهي ٿي ته هوءَ مستقبل ۾ هڪ ڊزائينر جي طور تي ۽ هڪ برانڊ جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ۽ مستقبل ۾ به منهنجي ڊزائيننگ جي ڪم ۾ اجرڪ ھڪ مرڪزي خيال جيان موجود هوندي. ريجنٽ يونيورسٽي ۾ به سندس ڪم سڀني کان وڌيڪ نمايان هو. شايد ان جو سبب مشرق ۽ مغرب جو سنگم ھو. هن جي تخليق ڪيل لباس ۾ اجرڪ ئي ھئي جنھن کيس ٻين ڊزائينرز کان مختلف ثابت ڪيو ھو.

ريجنٽ يونيورسٽي لنڊن ۾ اجرڪ جي ذڪر ۽ رنگن ھڪ سمان پيدا ڪري ڇڏيو ھو. اسانجي تھذيبي ۽ تاريخي سفر ۾ پنج ھزار سال ايترا گھڻا نه آھن، تڏھن ته اجرڪ اڄ به موجود آھي، پنھنجي اصل صورت ۾ ھتي هاڻ به ٺھي رھي آھي، پر جديد لباس تي اجرڪ جو رنگ ۽ انهيءَ جو بنيادي ڊزائين حيران ڪندڙ آهي ۽ نئون به آهي ۽ جديد پڻ آهي، ۽ انھيءَ جا اثر ٽيڪسٽائيل ڊزائين جي دنيا تي به پئجي رھيا آھن ۽ انزل خواجه جو انھيءَ ميدان ۾ ڪيل ڪم اجرڪ جي صنعت جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو آھي. اجرڪ جي ري ڊزائين ۽ تخليقيت هرهڪ کي وڻندي.

(ڊزائينر انزل خواجه جي تخليقي ڪم ۽ برطانيه ۾ مڪمل ڪيل گريجوئيشن جي متعلق ليکڪ سان ڳالهه ٻولهه).

***