نئون

سائنسدانن جو ڪارنامون مقامي ٻج سان پاڪستان مڪئي جي پيداوار ۾ خود ڪفيل

پاڪستاني ٻج، پرڏيهي ٻج کان سستو ۽ معياري آهي جنهن سان پيداوار کي وڌائي سگهبو. پاڪستان کي زرعي طور تي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ پاڪستاني سائنسدانن ۽ ملڪي ڪمپنين ملٽي نيشنل ۽ غير ملڪي فرمن تي پهريون دفعو برتري حاصل ڪندي مڪئي جي شعبي ۾ پاڻ ڀري پيداوار حاصل ڪرڻ جي تجربي ۾ 100 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. زرعي سائنسدان ۽ سيڊ ايسوسئيشن آف پاڪستان جي ترجمان شفيق الرحمان پاران ايگريڪلچر ايسوسئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ مقامي وسيلن سان اعليٰ ڪوالٽي جو ٻج تيار ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ مڪئي جي پيداوار 61 لک ٽن سالانه کان به وڌي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ ان ۾ 100 کان 300 سيڪڙو اضافو به ممڪن ٿي ويو آهي. پاڪستان اندر تيار ٿيندڙ ٻج پرڏيهي ٻج کان به بهتر آهي جنهن سان پيداوار کي به وڌائي سگهجي ٿو. واضح رهي ته ڪڻڪ ۽ چانورن کانپوءِ مڪئي ٽئين نمبر تي وڏو فصل آهي جنهن جي ملڪي پيداوار جو 85 سيڪڙو پنجاب ۾ پيدا ٿيندو آهي. جڏهن ته 13 لک 34 هزار ايڪڙن تي پيدا ٿيندڙ مڪئي جو ملڪي سموري زرعي پيداوار ۾ 0.5 سيڪڙو جو حصو آهي.