زمين تي موجود برف جي رجڻ کي معلوم ڪرڻ لاءِ  سيٽلائيٽ تيار

زمين تي گلوبل وارمنگ سبب وڌندڙ گرمي ڪارڻ برف جا ذخيره رجي رهيا آهن جنهن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ناسا جو سيٽلائيٽ  ايندڙ مهيني خلا  ۾ موڪليو ويندو. آئيس سيٽ ٽو جو پورو نالو آئيس ڪلائوڊ لينڊ ايليويئيشن سيٽلائٽ ٽو( Ice, Cloud, Land elevation satellite 2)  آهي. جنهن کي سيپٽمبر جي وچ ۾ خلا ۾ موڪليو ويندو. هي سيٽلائيٽ هر موسم ۾ برف جي گهٽتائي ۽ واڌ کي نوٽ ڪندو رهندو. ۽ برف جي ذخيري ۾ هڪ انچ جي پنجاهين حصي جي گهٽتائي يا واڌ کي به مانيٽر ڪري سگهي ٿو. آئيس سيٽ ٽو ۾ جديد قسم جا ليزر ۽ ٽيڪنالوجي جا اوزار لڳل آهن. هي سيٽلائيٽ ٽن سالن تائين برف جي چادرن ۾ تبديلي تي گهري نظر رکندو. آئيس سيٽ ٽو بابت ناسا جي سائنسدان ٽام ويگنر جو چوڻ آهي ته هي سيٽلائيٽ آمريڪا کان به وڏي علائقي تي نظر رکي سگهندو ۽ اتي موجود برف جو مطالعو ڪندو. ان کان علاوه هي سيٽلائيٽ  زمين جي قطبن تي به نظر رکندو جنهن ۾ موجود برف جي تهن تي تحقيق ڪئي ويندي، جيڪي تمام تيزي سان رجي رهيا آهن.۽ انهن جي رجڻ سان عالمي سمنڊن جي سطح وڌڻ جو خدشو آهي. هن جديد ترين سيٽلائيٽ تي هڪ کرب ڊالر جي رقم خرچ ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ موجود ليزر سان زمين تي موجود برف جي گهٽجڻ يا وڌڻ جون ٿري ڊي تصويروڻ ٺاهي سگهبيون. هن سيٽلائيٽ ۾ موجود ليزر زمين تي موجود برف تي موڪليا ويندا جيڪي واپس سيٽلائيٽ طرف ويندا جتي انهن جون تصويرون ٺهنديون. ماهرن جو چوڻ آهي ته  برف ۾ گهٽتائي يا واڌ کي معلوم ڪرڻ جي لاءِ هي  هن وقت تائين جو بهترين طريقو آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments