نئين قسم جي ٽرانزسٽر جي ايجاد ڪئي وئي آھي، جيڪو 8000 وولٽس برداشت ڪري سگھي ٿو.

برقي ٽرينن، گاڏين ۽ جھازن کي ممڪن بڻائڻ واري ھڪ نئين ايجاد سامھون اچي وئي آھي، جنھن سليڪان کي پويان ڇڏي ڏنو آھي. ماھرن ھڪ ٽرانزسٽر ٺاھيو آھي جيڪو 8000 وولٽس تائين بجلي برداشت ڪري سگھي ٿو. اسان کي برقي ڪارن جو شوق ته آھي پر اسين وزني بيٽريون گڏ کڻي وڃڻ نٿا چاھيون، ڇاڪاڻ ته ڪار ھجي يا برقي جھاز، اھي بيٽريون گھڻي جڳھ والارينديون آھن. ان لاءِ يونيورسٽي آف بفيلو جي سائنسدانن گيليئم آڪسائيڊ تي ٻڌل ٽرانزسٽر تيار ڪيو آھي. ان جا تفصيل آءِ اي اي اي اليڪٽرون ڊوائس ليٽر ۾ شايع ٿيا آھن. ان ۾ ماھرن سمورن تفصيلن جي متعلق ٻڌايو آھي ته ڪھڙي طرح ھڪ ننڍڙو برقي سوئچ 8000 وولٽس سنڀالي سگھي ٿو. ان ايجاد سان بجلي جي وڏي مقدار کي سنڀالڻ وارن نون نظامن جي تياري ۾ مدد ملندي. ان شعبي کي پاور اليڪٽرانڪس چيو ويندو آھي. ٻيو فائدو ھي ٿيندو ته وڌيڪ فاصلي تائين سفر ڪرڻ وارين برقي سوارين جي تياري ۾ وڌيڪ مدد ملندي. ان تي ڪم ڪرڻ واري ماھر اتم سنگي سيٽي چيو آھي ته ٽرانزسٽر بجلي جي وڏي مقدار سنڀالي سگھي ٿو ۽ ان جي بنياد تي مائيڪرو گرڊ ۽ سالڊ اسٽيٽ ٽرانسفارمر ٺاھڻ جو رستو به کلندو. ماھرن ان لاءِ ھڪ خاص طبعي (فزيڪل) ڪيفيت تي غور ڪيو آھي، جنھن کي (بينڊ گيپ) چيو ويندو آھي. ان جو مطلب ھي آھي ته بجلي جي گذر دوران ھڪ اليڪٽرون کي حرڪت ڏيڻ لاءِ ڪيتري توانائي گھربل ھوندي. جن نظامن جو بينڊ گيپ وڌيڪ ھوندو آھي، اھي وڌيڪ ننڍي جسامت ۾ وڌيڪ بجلي برداشت ڪري سگھندا آھن. ان ضمن ۾ گيليئم آڪسائيڊ جو بينڊ گيپ غير معمولي طور تي وڌيڪ ھوندو آھي. ان کان سواءِ ٽرانزسٽر جي حفاظت لاءِ ان جي سطح کي خاص پوليمر ۽ ايس يو 8 نالي پرت سان ڍڪيو ويو ته خبر پئي ته 8032 وولٽس برداشت ڪري ويو.
