2ڊسمبر ۽ سنڌ جا ثقافتي رنگ

اياز کھاوڙ/ميرپورماٿيلو

سنڌي ميڊيا فورم طرفان 2 ڊسمبر تي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڪيل اعلان کي سڄي سنڌ مان زبردست موٽ ملڻ لڳي آهي. سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي حلقا ان ڏينهن کي ڀرپور ملهائڻ جو چئي رهيا آهن. سنڌ جيڪا ٻولي، ٽوپي ۽ اجرڪ ثقافت جي حوالي سان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. ان جو پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان پيار به منفرد آهي. سنڌ جون ثقافتي شيون اجرڪ ۽ ٽوپي پوري دنيا ۾ مشهور آهن ۽ اهڙيون سهڻيون شيون ٻئي ڪنهن به هنڌ تي ڪونهن. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو شان ۽ مان انتھائي مٿانهون آهي. جيتوڻيڪ هي ڏينهن  ٽوپي ۽ اجرڪ جو آهي. سنڌ جا ماڻھو بنا ڪنهن مخصوص ڏينهن جي روزانو ٽوپي ۽ اجرڪ پائين ٿا ۽ اهو سندن روز مره جي لباس جو حصو آهن، پر ان ڏينهن کي ملهائڻ واري روايت بلڪل ئي منفرد آهي. اهو ڏينهن ملهائڻ سان نه رڳو پوري دنيا اڳيان سنڌ جي ثقافت نروار ٿئي ٿي. ھتان جي ماڻھن کي پنهنجي ثقافت سان پيار جو کليل نموني مظاهرو ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. سڄي سنڌ اجرڪن ۽ ٽوپين سان خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿي، پر ان سان گڏ جيڪو ٻيو فائدو ٿئي ٿو، اهو ان هنر کي ھٿي وارو آهي. فيشن جي نت نئين ڊزائينن جي ڪري ٽوپي ۽ اجرڪ استعمال ۾ گھٽتائي اچي رهي هئي. خاص ڪري نوجوان نسل ان پاسي گهٽ دلچسپي ڏيکاري رهيو آهي. جنهن ڪري هن فن سان لاڳاپيل ماڻھن جي روزي روٽي به متاثر ٿي رهي هئي ۽ اجرڪ ۽ ٽوپي واري صعنت کي سخت ڇيهو رسيو هيو، پر هن ڏينهن ملهائڻ جي ڪري هن صعنت کي هڪ ڀيرو ٻيهر هٿي ملي آهي. هن ڏينهن تي لکن جي تعداد ۾ ٽوپيون ۽ اجرڪَ ورتا وڃن ٿا ۽ ھن هنر سان لاڳاپيل ماڻھو کي سٺو منافعو ٿئي ٿو، جنهن مان هي پنهنجون مختلف ضرورتون پوريون ڪرڻ جهڙا ٿين ٿا.

”سنڌي ميڊيا فورم” جو هي تاريخي ڪم آهي، جنهن تي کيس مبارڪون نه ڏيڻ ناانصافي ٿيندي.

سنڌ جي ماڻھن جو ٽوپي ۽ اجرڪ سان تمام گهڻو پيار آهي.

سالن کان وٺي آيل جو آڌرڀاءُ ٽوپي ۽ اجرڪ پارائڻ سان ڪيو ويندو آهي.

اجرڪ نه رڳو شادين جي موقعي تي گهوٽ پائين ٿا.پر ساھ جو سڳو ٽٽڻ کانپوءِ به اهو اجرڪ ئي عقيدت جي اظھار طور مڙھن مٿان وڌو وڃي ٿو.

اجرڪ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. دنيا جي ٻئي ڪنهن به خطي ۾ ھن جهڙي شيءِ ناهي. نه صرف سنڌ جا ماڻھو فخر وچان اجرڪ ٽوپي پائن ٿا، پر ملڪ جي ٻين صوبن جا ماڻھو به سنڌ جي هيءَ سوکڙي پاڻ سان گڏ کڻي وڃن ٿا. هر سال وانگر هن سال به 2 ڊسمبر تي ثقافتي رنگ رچندا. هر پاسي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ نظر ايندا. هر چهري تي رونق هوندي. هر دل خوشيءَ سان ٽمٽار هوندي. ان ڏينهن تي سنڌ جا ماڻھو پنهنجا ڏک درد هڪ پاسي رکي پنهنجي جذبن جو ڀرپور نموني اظھار ڪندا. آخر ۾ دعا آهي ته سنڌ جي ثقافت سان اسان جو پيار ائين ئي سلامت هجي ۽ ھي ديس شاد ۽ آباد رهي.

ثقافت جي لاءِ لکيل غزل جو آخري بند

اياز جي هي آ تمنا

اچو سڀ سنڌ جا سڏايون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *