وزير اعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ بي نامي جائيداد خلاف ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڏيئي ڇڏي

وزيراعظم هائوس پاران جاري ٿيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي حڪم تي ملڪ جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊولپمينٽ اٿارٽين جي اڳواڻن کي بي نامي جائيدادن جي نشاندهي ڪرڻ جي ذميواري رکي وئي آهي. وزير اعظم پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سڀئي آفيسر 30 سيپٽمبر تائين پنهنجي رپورٽ چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو کي جمع ڪرائڻ جا پابند آهن ۽ وزيراعظم آفيس کي به اها رپورٽ موڪلي ويندي. رپورٽ ۾ نشاندهي نه ڪيل جائيداد بابت بعد ۾ معلوم ٿيڻ تي واسطيدار آفيسر کي ذميدار قرار ڏنو ويندو ۽ بعد ۾ ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم هائوس مطابق بي نامي جائيداد جي حوالي سان 20 آگسٽ 2019 تي ٿيڻ واري اجلاس ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بي نامي جائيداد جي نشاندهي جي لاءِ ترت قدم کڻڻ ضروري آهي ۽ ان حوالي سان صوبائي حڪومتون متحرڪ ڪردار ادا ڪن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت پاران اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي وئي هئي جنهن جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ تي ملڪ ۾ بي نامي جائيدادن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.   

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *