خاص

هارين لاءِ خوشخبري، وزيراعظم وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف “ هاري پئڪيج “ تحت هارين کي 1800 ارب رپين جا قرض ڏيڻ اعلان ڪيو آهي. هاري پئڪيج نيوز ڪانفرنس دوران هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اهو قرض چار سئو ارب رپيا وڌيڪ آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ هارين جي روزگار جي بحالي لاءِ خاص پئڪيج تيار ڪرايو آهي. هن چيو ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بنا زمين وارن ڪُڙمين لاءِ پنج ارب رُپيا سبسڊائزڊ قرض ڏنا ويندا. جڏهن ته زرعي شعبي ۾ سمال ۽ اينڊ ميڊيم انٽرپرائز لاءِ ڏهه ارب رُپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڊي اي پي، جي في ٻوري جي اگهه ۾ 2500 رُپيا لاٿ ڪرائي وئي آهي. جڏهن ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي ٻج جي پنج لک ٻورين جي ورڇ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته متاثر علائقن ۾ ننڍن هارين جا قرض معاف ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته ٻاهران پنجن سالن تائين پراڻن ٽريڪٽرن جي درآمد جي اجازت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٽريڪٽر جا اگهه گهٽ نه ٿيڻ سبب اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو، ان کانسواءِ هن ٻڌايو ته پنج لک ٽن يوريا درآمد ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻه لک ٽن يوريا درآمد ڪري چڪا آهيون. سندس چوڻ هو ته بيروزگار نوجوانن لاءِ جيڪي زرعي شعبي ۾ پنجاهه ارب رُپين جا قرض رکيا آهن ۽ ان لاءِ حڪومت ڇهه ارب چاليهه ڪروڙ رُپين کان وياج جي شرح ۾ سبسڊي ڏيندي کين سستو قرض ڏيندي.