ڪووين انويسٽمينٽ بينڪ جي نئين رپورٽ موجب آءِ فون 12 سيريز جي لانچنگ تقريب وڌيڪ 2 مھينا ملتوي.

ڪووين انويسٽمينٽ بينڪ جي نئين رپورٽ موجب آءِ فون 12 سيريز جي لانچنگ تقريب وڌيڪ 2 مھينا دير جو شڪار ٿي وئي آھي. ھاڻي ان جو انعقاد نومبر جي آخر ۾ ٿيندو. ان کان پھرين ھڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ھو ته آءِ فون 12 سيريز ڪووڊ-19 عالمي وبا سبب ھڪ مھينو دير سان لانچ ڪيو ويندو. نئين رپورٽ ۾ پيشن گوئي ڪئي وئي آھي ته سال 2020 جي ٻئين ٽن مھينن ۾ آءِ فون جا 35 ملين يونٽ تيار ڪري سگھبا. ھي گذريل سال جي انھي عرصي جي پيداوار کان 13 سيڪڙو گھٽ آھن. آءِ فون 12 سيريز ۾ ٽي ماڊل پيش ڪري سگھجن ٿا. ھي سمورا فائيو جي کي سپورٽ ڪندا. انھن جا ڊسپلي سائز 5.4 انچ، 6.1 انچ ۽ 6.7 انچ ھوندا. ان سيريز جي ٻن ماڊلن جا ڊسپلي سائز 6.1 انچ ھوندا. ايپل ھن دفعي آءِ فون 12 سيريز ۾ٽي ايس ايم سي جا 5 اين ايم پروسس بيسڊ اي 14 چپ سيٽ استعمال ڪري سگھي ٿو. اينٽري ليول 5.4 انچ ۽ 6.1 انچ ماڊلن ۾ ريم 4 جي بي کان شروع ٿيندي جڏھن ته پريميم 6.1 انچ ۽ 6.7 انچ ماڊل ۾ 6 جي بي ريم ۽ 512 جي بي انٽرنل اسٽوريج ھوندي. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته موجوده 64 جي بي بنيادي اسٽوريج آپشن کي ھن دفعي 128 جي بي ڪيو پيو وڃي.

 

 

 

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments