حڪومت پاران 5000 استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان
سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ 5000 استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سائنس، رياضي، ڪمپيوٽر ۽ انگلش جي مضمونن لاءِ استاد ڀرتي ڪيا ويندا. تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر پنهنجي آفيس ۾ ٿيل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته صوبي ۾ 5 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويندا جيئن تعليم جو معيار بهتر ٿي سگهي. ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي ۾ گهڻيون موڪلون ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي هن چيف انجنيئر ورڪس کي به هدايت ڪئي ته هو ترقياتي ڪمن تي توجهه ڏي ۽ اسڪولن ۾ سولر پينل لڳائڻ واري پروگرام تي به توجهه ڏني وڃي. SEF بابت ڳالهائيندي هن چيو ته SEF پاران هلندڙ ٻه هزار اسڪولن ۾ ساڍا پنج لک ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.