سي پيڪ: گوادر ۾ 50 لک گيلن ڊي سيلينيشن جو پلانٽ تيار
سي پيڪ هيٺ هلندڙ منصوبن ۾ گوادر اندر 50 لک گيلن ڊي سيلينيشن جو پلانٽ تيار ٿي ويو.هن پلانٽ ۾ سمنڊ جي پاڻي کي صاف ڪري پيئڻ لائق بڻايو ويندو.جيڪواتان جي مقامي آبادي کي وڪرو ڪيو ويندو. پاڻي بغير منافعي جي 80 پئسا في گلين گوادر جي عوام کي وڪرو ڪيو ويندو. چائنا پورٽ هولڊنگ جي سربراهه مطابق پهرين جنوري تي ڊي سيلينيشن پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويندو، جنهن بعد گوادر جي عوام کي آساني سان پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ٿيندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گوادر ۾ ايڪسپو سينٽر جي تعمير به مڪمل ٿي وئي آهي ۽ 28 جنوري جو ان جو به افتتاح ڪيو ويندو.