(ثمينه واحد جي شعري مجموعي ”ٻرندڙ لفظ“ تي هڪ نظر)
انسان جي وڏي ۾ وڏي تخليق باھ ۽ لفظ رهيا آهن. انسان صدين جي ارتقا کان پوءِ پنهنجي بي معنيٰ آواز کي لفظن جي معنيٰ بخشي تهذيب جو بُنياد وڌو. ايئن اُن تهذيب جي سفر ۾ انسان پنهنجي شعور جي شعائن سان اَڻڄاڻائيءَ جي اُوندھ ۾ لاٽون پکيڙي زندگيءَ جي نئين صبح جو آغاز ڪيو ته سندس اظهار جا محدود پاسا ڦھلجڻ شروع ٿي ويا ۽ پوءِ انسان هڪ کان هڪ نيون دريافتون ڪري دنيا کي حيرت انگيزين جي سحر ۾ جڪڙي هاڻ خود به تَجسس جي هڪ گُمنام جهنگ ۾ ڀٽڪي رهيو آهي.
فن، انساني زندگيءَ جي اعليٰ تخليق آهي. فن جي دنيا جا رنگ ۽ رُوپ ڏاڍا نِرالا ٿين ٿا.
اُنهن سڀني وِٿن ۾ شاعريءَ جو جهان به لفظن جي عجيب فني جوڙ جَڪ ۽ اظهار جي اُتم انداز واري حوالي کان هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو.
ڏٺو وڃي ته لفظ اُس به آهن ته ڇانوَ جو ٿڌيرو احساس به، امرت جو ذائقو به آهن ته وِھُ جي ڪَڙاڻ به. اُهو سڀ لفظن جي استعمال تي رکيل آهي ته اُهي ڪهڙي پاسي جي چونڊ ٿين ٿا.
شاعري آزاد هُجي يا پابند، اصل ۾ اُنهن ٻنهي حالتن ۾ شاعري جو هُجڻ پهرين شرط آهي.
نثري نظم جھڙي لفظي مَعنائن ۾ مُتضاد صنف به عجيب صنف آهي. نثر ۽ نظم معنيٰ آزاد ۽ پابند. آزاد بندش يا پابند آزادي ڪيڏو نه خوبصورت تخيل پيدا ٿئي ٿو ۽ شاعري به ماڻهوءَ جي من جو تضاد آهي. هر اُهو احساس، خيال، ڪيفيت توڙي تَصور جڏهن به زندگيءَ جي تضادن جي تلخين سان ڀَرجي ويندو آهي ته اُهو شاعريءَ جو رُوپ ڌاري من مان ڦُٽي پوندو آهي ۽ فن يا ڏانءُ ٻئي مرحلي ۾ بي ساخته اندر جي اُڇل مان ايندڙ سٽن يا لفظن سان سلهاڙجي ويندو آهي. ٽي ايس ايليٽ چواڻي ته ”جيڪڏھن اوھان ڪنھن نثري سِٽ ۾ ڀرپور اظھار ڪري سگهو ٿا ته زوريءَ اُن سِٽ کي شعر بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪريو. ڇو ته حقيقي شاعريءَ جو معيار ئي اُهو آهي ته اُها ڪنهن به مشهور لاڙي جي مَٽجڻ کان پوءِ به زنده رهندي آهي.“
ڊاڪٽر ثمينه واحد جي نثري شاعري ”ٻَرندڙ لفظ“ به پاڻ ۾ زندگيءَ جون تلخيون سمائي، دل کي رِجهائي وجهن ٿا. ڇو ته ”لفظ“ سارتر جي آتم ڪٿائي سلسلي جا هُجن يا شيخ اياز جي شاعريءَ جا، اُنهن ۾ فن، فڪر ۽ تخيل جو گڏيل سنگم ڏاڍو دل آويز ٿي پوي ٿو. جيئن اياز جا نظماڻا لفظ آهن ته،
”پهريون پهريون لفظ خدا جو
ڪُن فَيڪُون
شاعر، موسيقار مُصور
سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون
ڪُن فَيڪُون“
اهڙي ئي جوش ۽ جنون جي تِک ثمينه واحد جي ”ٻَرندڙ لفظ“ ۾ به ڪُجهه ڪُجهه محسوس ڪري سگهجي ٿي. ڇو ته سندس شاعراڻي اِدراڪ مان جڏهن ”زندگي ڇا آهي“ جھڙو سَوال ڪَر کڻي، پنهنجي جواب طلبي ڪري ٿو ته ”مَنصور جھڙو درد“ سندس اکين مان اُڀري لفظن ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن ”او منهنجا سپنا“ جي ڪئنواس تي نِروار ٿيندڙ عڪس، ڌرتيءَ تي ساھ کڻندڙن کي ”اچو ته نيرو آسمان ڏيون“ جو پَڙاڏو بڻجڻ لاءِ، پنهنجن سمورين زميني حقيقيتن کي پاڻ ۾ سمائي گُونجي وڃن ٿا ته ڀيٽائن جو ڀَرم رکندڙ ”تون ته خوشبو آهين“ جھڙو خيال، ڪنهن معصوم صدا جيان، ساهن جي صحرائن ۾ ڦھلجي وڃي ٿو.
روسي ليکڪ بورس پاسترناڪ جي لفظن ۾ ته ”ادب معمولي ماڻهن جي لاءِ ڪا غير معمولي شيءِ دريافت ڪرڻ ۽ معمولي لفظن سان غير معمولي ڳالھ ڪرڻ جو فن آهي.“ ۽ اهڙو فن جڏهن ڪنهن به شاعريءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو ته پوءِ عالگميريت شاعريءَ ۾ جنم وٺي ٿي ۽ هڪ تخليق جي دنيا پنهنجين سمورين حُسناڪين سان نِکري نِروار ٿئي ٿي.
ثمينه واحد جي شاعريءَ جي ڪتاب ”ٻَرندڙ لفظ “۾ به دل جون ڳالهيون ۽ ڪيفيتون ڏاڍي سادي ۽ سلوڻي نموني اظهاريل ملن ٿيون. شاعري مُسلسل جستجوءَ جو هڪ اهڙو جهان آهي جنهن ۾ شاعر کي پاڻ رولي تخيل جي نِڪور دريافت ڪرڻي پوي ٿي. جنهن ۾ داخليت سان گڏ خارجيت جو سنگم بِنھ ضروري آهي.
اُن تناظر ۾ ثمينه واحد پنهنجن ٻَرندڙ لفظن ۾ زندگيءَ جي دردن ۽ حادثن کي اظهارڻ جي سفر ۾ ڪٿي گھري لٿي آهي ته ڪٿي وري سطحي نموني شاعريءَ ۾ پنهنجو اظهار ڪري سگهي آهي.
ثمينه واحد دل جي اظهار لاءِ رڳو لفظن تي نٿي ڀاڙي، پر من جي ڪومايل ڪيفيتن کي به سڀ کان اهم ڄاڻي ٿي ۽ هوءَ شُهرت جي مصنوعي شاهراھ کان پرڀرو پنهنجي شعريت جي ٿڌين شعائن جا جُگنو دل جي دامن ۾ سنڀالي زندگيءَ جي ڏُکن جو سفر، لُڙڪن هاڻي مُرڪ چپن تي سجائي ڪري ٿي. شايد اهو به ارونڌتي راءِ چواڻيءَ وارو هڪ ڪارڻ هجي ته،“ بي پرواهه لفظن جو اِهو ئي ڪمال آهي ته ماڻهو توهان کي ٿورو يا گھڻو پيار ڪندا آهن.“
ثمينه واحد، پنهنجي دل جي اظهار لاءِ جڏهن شاعريءَ جي چونڊ ڪئي آهي ته سندس من ۾ هڪ حُسن پَرست شاعره پنهنجون خُماريل اکيون کڻي پنهنجي داخليت مان خارجيت يا ٻاهر کان اندر جو سفر ڪيو هوندو. تڏهن اُن ۾ ڪيترائي خواب جُڙيا ۽ ٽُٽا هوندا ۽ اُن جوڙ ٽوڙ جي درد کيس خاموشين ۽ اڪيلاين جو مُسافر ڪري ٻَرندڙ لفظن جو سلسلو اَرپيو هوندو جنهن سلسلي جي بَٺيءَ ۾ ”ٻَرندڙ لفظ“
ڪُجهه پَڪا ته ڪُجهه ڪَچا ئي ڪاڳر جي چَڪ تي چڙهي آيا آهن.
ثمينه واحد جي نظمن جا عنوان ڏاڍا نفيس ۽ شاعراڻا آهن. مثلن، اي سنگتراش، نئين باک جي آجيان، زندگي، مي رقصم، اُداسي، اکين جا ڪنول، وشال آسمان جھڙو پيار، خاموشيءَ سان پيار، هڪ بيخبر بادل، الوداع، دل جو دروازو، لفظن جي ڀاڪر ۾، منهنجا خواب، اُڏار جي حسرت، اُداس دل کي تمنا ڏي، خودڪلامي، پاڻ ۾ شاعراڻي صلاحيت رکن ٿا، پر اُنهن عنوانن وارن نظمن ۾ گهٽ ئي موضوعاتي نڀاءُ ملي ٿو نه ته اُهي عام ڳالهيون آهن يا وري روايتي نموني واري شاعراڻي رنگ ۾ رچيل آهن. تنهن ڪري به شايد البرٽو مينگوئل چيو هو ته، ”مان اِن پَڪ سان ئي ڪنهن به ڪتاب ڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندو آهيان ته اُن ۾ مون کي ڪا اهڙي سِٽَ ضرور ملندي، جيڪا صدين کان منهنجي اوسيئڙي ۾ هوندي.“ ۽ رائنر ماريا رلڪي چواڻي ته، ”پهريون ڀيرو ڪتاب پڙھڻ سان توهان کي ڏاڍو مزو ايندو ۽ توهان خوابن جھڙي حيرت جي جهان ۾ پهچي ويندا.“ ۽ سچ ته مان ثمينه واحد جو ڪتاب ”ٻَرندڙ لفظ“ پڙهي حيرتن جي جهان ۾ ته ڪونه پُهتس، پر ڪٿي ڪٿي سندس شاعريءَ جا نفيس ۽ دل کي اُداس ڪري ڇڏيندڙ ڪجهه خيال ضرور مليا جيڪي ثمينه واحد جي هڪ سنجيده شاعره جو تعارف پيش ڪن ٿا.
مجموعي طور تي ثمينه واحد هڪ حساس ۽ دُکي دل شاعره آهي. هوءَ اندر اور ڪرڻ سان گڏ سماج جي مُختلف پاسن تي به نظر رکي ٿي ۽ پنهنجي وطن ۽ وطن واسين سان مُحبت جو اظهار به ڪري ٿي ته انسانيت جي گڏيل ڏُک کي پنهنجو ڏُک به سمجهي ٿي. هوءَ عورت سان ٿيندڙ صدين پُراڻي ظلم ۽ ڏاڍ کي به نندي ٿي ته سنڌ جي سورن کي به پنهنجن ٻرندڙ لفظن ۾ سموئي ٿي. ڇو ته غلام محمد گراميءَ چواڻي ته ”شاعري انسان جي ضمير جو آواز آهي.“ ۽ هوءَ پنهنجي ضمير جي آواز کي دَٻائڻ بَجاءِ اُن کي بي خوف شاعريءَ ۾ اوتي ٿي ۽ سقراط جي خيال جيان ”لفظن جي غلط استعمال کي سڀ کان وڏو گـــناهه سمجهي ٿي!“ اِن تناظر ۾ ثمينه واحد پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ ڪٿي به ڪنهن غلط لفظ جي استعمال کان پري رهي ٿي ۽ نج اندر مان اُڀري ايندڙ لفظن کي سَويڪار ڪري ٿي. ڇو ته شاعري، شعور جي اعليٰ سطح جو هڪ انوکو ڪرشمو هوندي آهي ۽ ڪارل ساگان جي سٽن جيان ته، ”لکڻ انسان جي سڀ کان وڏي ايجاد ٿي سگهي ٿي، ڇو ته هي اُنهن ماڻهن کي گڏائي ٿي جيڪي ڪڏهن به هڪ ٻئي کي نه سُڃاڻيندا هئا ۽ مُختلف دورن ۾ مُختلف جاين تي رهندا هئا.“
ڏٺو وڃي ته لکڻ به انسان جي اندر جي اُپٽار آهي. ڇاڪاڻ ته هي لکڻ جو تعلق، احساسن جي تند سان جُڙي، پوري ڪائنات ۾ ڦھلجي، ساڻس سلهاڙجي وڃي ٿو. هڪ شاعر من جي ڪيفيتن کي لفظن ۾ اظهارڻ جي ڏانءُ کي وڌيڪ پُر اثر بڻائي ٿو ۽ اُن جي احساسن جي گھراين تائين رسائي، انساني جذبن ۾ هڪ تحرڪ پيدا ڪري کين معنيٰ خيز بڻائي ٿو.
ثمينه واحد جا ”ٻَرندڙ لفظ“ دراصل ”اکرن جي اَنگاس تي ٽنگيل احساس“ آهن جن کي پڙهندي اهڙو تحرڪ يا ڇِڪ محسوس ڪري سگهجي ٿي، جيڪا اکين جي مالهائن کي ڇِني وجهڻ جو هُنر رکي ٿي.ڇو ته شاعر جڏهن زندگيءَ سان لاڳاپيل شين تي نگاھ وجهي ٿو ته اُنهن جي اهميت وڌي وڃي ٿي ۽ اُهي وڌيڪ توجهه طلب بڻجي وڃن ٿيون ۽ اُنهن جا لِڪل پاسا اُجاگر ٿي ڏسندڙن يا محسوس ڪندڙن لاءِ وڌيڪ کُلي سامهون اچي وڃن ٿا.
***