خاصنئونناول

سمرقند (قسط ٽيهين)

ترجمو: زاهده ابڙو
جڏهن آئون ترابزون وڃڻ واري جهاز تي سوار ٿيس ته ڪارو سمنڊ ان وقت تمام گهڻو پُرسڪون هو- هلڪي هير هلي رهي هئي ۽ ماڻهو سامونڊي پٽيءَ جي هڪ ئي ٽڪري، هڪ ئي جبل جي چوٽي ۽ اناتوليا جي هڪ ئي جهنگ (بيشي) کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين محو ٿي ٽڪ ٻڌي ڏسي سگهيو ٿي- منهنجي شڪايت ڪرڻ نامناسب هجي ها، ڇو ته جيڪو ڳرو ڪم سرانجام ڏيڻو هو، ان جي مهربانيءَ سان مون کي ڪجهه عافيت ۽ خاموشي جي ضرورت هئي: خيام جي ترجمي نگار موسيو نيڪولا جي فارسي تحرير فرانسيسي مڪالمن جو پورو ڪتاب ياد ڪرڻ- مون پورو ارادو ڪيو هو ته مان پنهنجن ميزبانن سان سندن زبان ۾ گفتگو ڪندس- مان ان کان ناواقف نه هئس، ته ايران ۾، جيئن ترڪي ۾، ڪيترائي دانشور، تاجر ۽ وڏن عهدن تي فائز فرانسيسي ڳالهائندا هئا- ڪيترا ته انگريزي به ڄاڻندا هئا، جيڪڏهن ماڻهو گهريو ٿي ته محلن ۽ سفارت جي محدود حلقي کان ٻاهر نڪري، ۽ وڏن شهرن جي ٻاهر سفر ڪري يا ان جي ٽٽل ڦٽل علائقن ۾ وڃي ته ان کي فارسي ضرور اچڻ گهرجي-
ان زور آزمائيءَ مون کي جوش به ڏنو ۽ لطف به- فارسي ۽ پنهنجيءَ ٻولي ۾ هڪجهڙائي دريافت ڪري مونکي ڏاڍي فرحت محسوس ٿي، ۽ لاطيني مان نڪتل مختلف ٻوليون )السنه رومانس( جي وچ ۾ به- ”فادر“، ”مدر“، ”برادر“، ”ڊوٽر“، فارسي ۾ ”پدر“، ”مادر“، ”برادر“ ۽ ”دختر“ هئا ۽ مشترڪه هند- يورپي مادن جو ان کان بهتر مثال ڏيڻ مشڪل آهي، ايستائين جو ”گوڊ“ کي ايران جا مسلمان خدا جي نالي سان سڏيندا آهن، هڪ لفظ جيڪو ”الله“ جي مقابلي ۾ انگريزي ”گوڊ“ يا جرمن ”گوٽ“ جي وڌيڪ ويجهو آهي- ان مثال جي باوجود وڌيڪ اثر عربيءَ جو رهيو آهي، جيڪو ڏاڍو عجيب طريقي سان عمل ۾ آيو آهي: ڪيترن ئي اصلي فارسي لفظن کي ڪيترائي اصل فارسي لفظ ان جي عربي مترادفن سان بدلايا ويا آهن- اها هڪ طرح جي ثقافتي وڏائي آهي، دانشور ان جا شوقين آهن، ۽ اهي پنهنجي گفتگو ۾ نه رڳو عربي لفظ، پر پوري جا پورا عربي جملا ڇڙڪيندا ويندا آهن- هڪ عمل جيڪو جمال الدين کي خاص طور پسند هو-
مون عربي سان زور آزمائي جو فيصلو مستقبل تي ڇڏي ڏنو هو، في الوقت موسيو نيڪولا جي ڪتاب سان مٿو هڻي رهيو هئس، جيڪو ڪافي هو، جيڪو فارسي سيکارڻ کان بنهه هٽي ڪري، ايران بابت مون کي ڪيتريون ئي قيمتي ڳالهيون پهچائي رهيو هو- اهو ڪتاب هن قسم جي مڪالمن سان ڀريل هو:
”ايران مان ڪهڙي ڪهڙي پيداوار پرڏيهه اماڻي سگهجي ٿي؟“
”ڪرمان جون شالون، نفيس موتي، فيروزه، قالين، شيراز جو تماڪ، مازندران جو ريشم، ڄرون، چيري جي ڪاٺ جا پائپ-“
”سفر دوران بورچي گڏ رکڻ گهرجي؟“
”ها، ايران ۾ بورچي، بسترو، قالين ۽ نوڪر کان بنا حرڪت نٿي ڪري سگهجي“
”ايران ۾ ڪهڙا غير ملڪي سڪا استعمال ٿيندا آهن؟“
”روسي امپيريل، ولنديزي ڪاربووان ۽ دوڪات، انگريزي ۽ فرانسيسي سڪا بيحد ناياب آهن-“
”موجوده بادشاهه جو نالو ڇا آهي؟“
”ناصرالدين شاهه-“
”چون ٿا ته هو ڏاڍو نفيس بادشاهه آهي-“
”ها- غير ملڪين لاءِ نهايت سخي ۽ مهربان-“ ڏاڍو پڙهيل لکيل آهي، تاريخ، جاگرافي ۽ ڊرائنگ جو علم حاصل اٿس، فرانسيسي ڳالهائيندو آهي ۽ اوڀر جون ٻوليون عربي، ترڪي ۽ فارسي روانيءَ سان ڳالهائيندو آهي-“
ترابزون پهچي مون ”هوتيل ديتالي“ ۾ ڪمرو ڀاڙي تي ورتو، شهر جو هڪ ئي آرام ده هوٽل، جيڪڏهن ماڻهو مکين جي جٿن کي فراموش ڪري سگهي جيڪي هر طعام کي نه ختم ٿيندڙ ۽ بيزار ڪري ڇڏڻ واري رقص ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿيون- مون چاهيندي نه چاهيندي اتي ايندڙ ماڻهن جي پيروي ڪندي هڪ نوجوان کي ڪجهه سڪن جي عيوض نوڪر ڪري رکيو، جنهن جو ڪم ونجهڻي هڻي هنن مکين کي اڏائڻ هو- سڀ کان ڏکيو ڪم هن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ هو ته منهنجي اکين آڏو ڪبابن ۽ ٻوٽين جي وچ ۾ ان جو مليدو ٺاهڻ کان بغير انهن کي ميز تان پري ڪري- هن ڪجهه دير تائين ته ان تي عمل ڪيو، پر پوءِ جيئن ئي سندس دهشتناڪ هٿيار جي سامهون ڪا مک آئي ٿي ته ان کي نه ٿي ڇڏيائين، ۽ جهٽ سان سندس ڪچونبر ڪڍي ٿي ڇڏيائين-
چوٿين ڏينهن مونکي هڪ مال بردار جهاز تي جڳهه ملي وئي، جيڪو ”مار کان -قسطنطنيه-ترابزون“ جي لائين تي هلندو هو- اهو مونکي ڪاري سمنڊ جي اوڀر ۾ روسي بندرگاهه باطون تائين کڻي آيو، جتان مان قزوين سمنڊ ۾ باڪو لاءِ ”ٽرانس ڪاڪيشن ريلوي“ پڪڙي- اتي ايراني ڪائونسل مون کي ڏاڍي گرم جوشيءَ سان ڀليڪاريو جو کين جمال الدين جو خط ڏيکارڻ ۾ ٿوري هٻڪ محسوس ٿي- ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته آئون هڪ بي نام مسافر بڻجي وڃان ۽ ڪنهن جي شڪ شبهي کي جنم نه ڏيان؟ تڏهن به، منهنجا اخلاقي اصول هئا- ٿي سگهي ٿو ته ان پرچيءَ ۾ مون کان هٽي ڪري ڪنهن ٻي شيءِ جي لاءِ ڪو پيغام ڏنل هجي، ان لاءِ مون کي اهو حق نه آهي ته آئون هن کي پنهنجو پاڻ تائين رکان- پوءِ مون يڪدم فيصلو ڪيو، ۽ ڏاڍو رازدارانه انداز ۾:
”شايد اسانجو هڪ دوست مشترڪ آهي-“
”مون لفافو ڪڍيو- ڪائونسل ان کي ڏاڍي احتياط سان کوليو، ان ميز تان پنهنجي سوني فريم واري پڙهڻ جي عينڪ کنئي ۽ خط پڙهي رهيو هو ته اوچتو مون ڏٺو ته سندس آڱريون ڪنبي رهيون هيون- هو اٿي بيهي رهيو، ڪمري جي دروازي تائين ويو، ڪاغذ تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيائين ۽ چند گهڙين تائين ان حالت ۾ بيٺو رهيو، ڄڻ ڪنهن عالم ۾ غرق ٿي ويو هو- پوءِ هو مون وٽ آيو، ۽ مون سان ائين ڀاڪر پائي مليو، ڄڻ منهنجو سڳو ڀاءُ هجي، جيڪو بحري جهاز جي تباهيءَ مان بچي نڪتو هجي-
هن پاڻ کي پرسڪون ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن ملازمن کي گهرايو، ۽ منهنجي صندوق کڻڻ جو حڪم ڏنو، مون کي هڪ بهترين ڪمرو ڏيڻ جو ۽ شام جو هڪ پُرتڪلف دعوت جو اهتمام ڪيو ويو- مان اتي ٻه ڏينهن رهيس، ۽ مون سان وقت گڏ گذارڻ ۽ آقا بابت پڇا ڪرڻ خاطر هن پنهنجن سڀني ڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو- سندس صحت ڪيئن آهي، مزاج ڪيئن اٿس، خاص طور تي هو ايران جي صورتحال بابت ڇا ٿو چئي، وغيره وغيره- جڏهن منهنجي وڃڻ جو وقت آيو، هن ”ڪوڪيسٽ مرڪيورلائن“ تي هلڻ واري روسي جهاز ۾ منهنجي لاءِ هڪ ڪيبن جو انتظام ڪيو- ان کانپوءِ مون کي پنهنجي بگي واري جي حوالي ڪيائين ۽ کيس هدايت ڪيائين ته قضوين تائين هو مون کي ڇڏي اچي ۽ اوسيتائين مون سان گڏ رهي جيسيتائين مون کي سندس خدمتن جي طلب رهي-
بگي واري جلد ئي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو ڏاڍو وسيلن وارو، ۽ ڪيترين جاين تي ته ناقابل بدل ماڻهو آهي، مون کي اها خبر نه هئي ته ان مُڇن واري ڪسٽم آفيسر جي هٿ تي ڪجهه پئسا رکيا وڃن، ته هو ڪجهه گهڙين لاءِ پنهنجي حقي کي ڇڏي منهنجي گرانڊيل ولسلي صندوق جو معائنو ڪرڻ جي زحمت ڪري- ۽ اهو بگي وارو ئي هو جنهن شاهراهن جي انتظاميه سان ڳالهين ٻولهين جو انتظام ڪيو، حالانڪه آفيسر اسان کي ڏاڍي حاڪماڻي انداز ۾ ٻئي ڏينهن تي اچڻ لاءِ چيو هو، ۽ هڪ صفا ڀڳل ٽٽل ۽ مشڪوڪ قسم جي سرائي وارو جيڪو گهڻو ڪري سندس ڳٺجوڙيءَ وارو هو، اسان کي پنهنجون خدمتون آڇي رهيو هو-
انهن سڀني مشڪلاتن تي مون پنهنجو پاڻ کان پهرين سفر ڪرڻ وارن جي تڪليفن جو سوچي دلاسو ڏنو- 13 سال پهرين ايران وڃڻ جو واحد ذريعو ڪاروانن جو قديم رستو هو، جيڪو ترابزون کان شروع ٿي ارز روم کان ٿيندو تبريز ٿي پهتو، پنهنجين چاليهه منزلن سان گڏ جن کي طئي ڪرڻ ۾ ڇهه ڏاڍا ٿڪائيندڙ هفتا لڳا، ۽ جيڪي مسلسل قبيلائي مار ڌاڙ سبب واقعي ڏاڍا خطرناڪ هئا- ”ٽرانس ڪوڪيشن“ )ريلوي لائين( معاملن ۾ انقلاب آندو هو- ان ايران کي دنيا لاءِ کولي ڇڏيو هو ۽ ماڻهو باڪوءَ کان اينزلي بندرگاهه ذريعي ان سلطنت تائين بي ڊپو آرام سان پهچي ٿي سگهيو، پوءِ اتان تهران پهچڻ لاءِ گاڏين ذريعي صرف هڪ هفتو ٿي لڳو-
اولهه ۾ توپ اهو واحد جنگي هٿيار آهي، جيڪو جنگ دوران يا جشن جي موقعن تي استعمال ٿيندو آهي، ايران ۾ اهو اذيت ڏيڻ وارو هٿيار آهي- جيڪڏهن مان ان جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، ته ان لاءِ جو تهران جي شهر جي حدن اندر پهچڻ دوران مون کي هڪ توپ کي منهن ڏيڻو پيو، جيڪا تمام وڏي هئي ۽ ڏاڍي هيبتناڪ مقصد لاءِ استعمال ٿي ڪئي وئي- هڪ ماڻهو، جيڪو ٻڌل هو ۽ سندس جسم مان صرف سندس منهن نظر ٿي آيو، باقي سندس جسم ناليءَ اندر داخل ڪيو ويو هو، کيس اتي ئي رهڻو هو، کيس سج جي گرميءَ ۾ بغير کاڌي پيتي اتي ئي رهڻو هو تان جو موت اچي وڃيس، ان تي به مون کي اهو ٻڌايو ويو هو ته رواج اهو هو ته ان جي جسم کي هڪ طويل عرصي تائين کليل ڇڏيو ٿي ويو ته جيئن ماڻهو عبرت حاصل ڪن ۽ شهر جي دروازي کان گذرڻ وارن ماڻهن جي دلين ۾ هيبت ۽ دهشت ويهي رهي-
جيڪڏهن ايران جي تختگاهه مون تي پنهنجو تمام گهٽ جادو ڪيو ته ان جو سبب ڇا اهو ئي هو؟ اوڀر جي شهرن ۾ ماڻهو هميشه هلندڙ وقت جا رنگ ۽ ماضيءَ جا سايا ڳولهيندو آهي- تهران ۾ مون کي ان مان ڪجهه به نه مليو- مون هتي ڇا ڏٺو؟ وڏا ويڪرا رستا، جيڪي اترين علائقن جي امير ماڻهن کي ڏکڻ جي غريب علائقن جي ماڻهن سان ڳنڍين ٿا، هڪ بازار جيڪا اُٺن، خچرن ۽ ڀڙڪيلي شين سان ٽٻٽار هئي، پر جنهن جو قاهره، قسنطنطيه، اصفحان يا تبريز جي بازارن سان به مشڪل سان ئي مقابلو ڪري سگهجيو ٿي- جتي نظر ٿي پئي بيشمار سرمئي رنگ جون عمارتون ڏسڻ ۾ ٿي آيو-
اهو سڀ نئون هو تهران جي تاريخ ڏاڍي ننڍي آهي! هڪ ڊگهي عرصي تائين هي عالمن جي محترم شهر ري جو، جيڪو منگولن جي زماني ۾ ڊاهيو ويو هو، صرف هڪ گمنام ننڍڙو تعلقو هوندو هو- ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ وڃي ترڪمانن جو هڪڙو قبيلو، قاجار، هن علائقي تي قابض ٿيو- سڄي ايران کي تلوار جي زور تي زير ڪرڻ کانپوءِ هن خاندان هن واجبي جڳهه کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو- ان وقت ملڪ جو سياسي مرڪز ڏکڻ ۾ هو، اصفحان، ڪرمان يا شيراز ۾- ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي، ان شهر جي رهڻ وارن لاءِ ”اتر جي جنگلين“ جي حق ۾ چوڻ لاءِ ڪا خير جي ڳالهه نه هئي، جيڪي مٿن حڪمراني ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي جهالت ۾ سندن زبان به شامل هئي- اقتدار هٿ ۾ ايندي ئي حڪمران شاهه کي پنهنجي رعايا کي مخاطب ڪرڻ لاءِ هڪ ترجمان جي ضرورت پئي- بهرحال، لڳي ٿو ته ان کانپوءِ هن فارسيءَ جي بهتر تعليم حاصل ڪئي-
اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ائين ڪرڻ لاءِ وٽس چڱو خاصو وقت هو- جڏهن مان اپريل 1896 ۾ تهران پهتس، شاهه پنهنجي 50 سالن جي حڪمرانيءَ جو جشن ملهائڻ جون تياريون ڪري رهيو هو- ان تقريب لاءِ شهر کي قومي نشان، شينهن ۽ سج جي علامت، سان سينگاريو ويو هو- سڀني صوبن کان معزز ماڻهو آيل هئا، ڪيترائي غير ملڪي وفد به، ۽ جيتوڻيڪ گهڻو ڪري سرڪاري مهمانن کي بنگلن ۾ ٽڪايو ويو هو، يورپين لاءِ ٻئي هوٽل، ”البرت“ ۽ ”پريوو“، ٻئي غير معمولي طور ڀريل هئا، ان ٻئين هوٽل ۾ آخرڪار مون کي به رهڻ لاءِ ڪمرو ملي ويو-
منهنجو ارادو سڌو فاضل وٽ وڃڻ جو هو، ته جيئن خط سندس حوالي ڪري سگهان ۽ پڇانس ته مرزا رضا تائين ڪيئن پهچي سگهجي ٿو، پر مون پنهنجي بي صبريءَ تي قابو پائي ورتو- مشرقي روايتن کان ناواقف هئڻ جي باوجود، مون کي خبر هئي ته جمال الدين جو چيلو مون کي پاڻ سان گڏ رهڻ جي دعوت ڏيندو، ۽ مون نهڪر ڪري کيس رنج نه ٿي پهچائڻ چاهيو، پر مان ان جي سياسي سرگرميءَ ۾ حصو وٺڻ جو خطرو به نه ٿي کڻي سگهيس، ۽ ان کان به گهٽ سندس آقا جي سرگرميءَ ۾- ان ڪري مان هوٽل ”پريوو“ وڃي ترسيس، جنهن کي جنيوا جو هڪ سوئس ماڻهو هلائي رهيو هو- صبح جو مون هڪ پوڙهي گهوڙهي ڪرائي تي ورتي، ته جيئن ”بولوار ديزيمبسي ديور“ تي آمريڪي لِگيشن ٿي اچان- خوش اخلاقيءَ جو هڪ عملي ڪم- ان کانپوءِ آئون جمال الدين جي هڪ پياري شاگرد سان ملڻ ويس- پنهنجن سنهڙين مُڇن، پنهنجي ڊگهي اڇي چُغي، مٿي کي شاهاڻي انداز ۾ بلند رکڻ وارو انداز ۽ سرد مُهريءَ جي شڪ سان گڏ، فاضل پنهنجي ان پيڪر تي اکر به اکر پورو لٿو جيڪو قسطنطنيه ۾ جلاوطن مون کي ڏيکاريو هو-
اسين دنيا ۾ سڀ کان بهترين دوست ٿيڻ وارا هئاسين، پر رابطي ۾ فاصلو هو ۽ سندس زبان جي بيباڪي مون کي پريشان ۽ نالان پئي ڪيو هو- ائين جڏهن اسان مرزا رضا جي ڳالهه ڪئي:
”ممڪن حد تائين اوهان جي مدد ڪندس، پر مان هن چريي ماڻهو سان ڪوبه واسطو نه ٿو رکڻ چاهيان- آقا چيو هو ته هو هڪ زنده شهيد آهي- مون جواب ڏنو مانس: ته بهتر ٿيندو ته هو مري وڃي! مون ڏانهن ائين نه ڏسو، مان ڪو شيطان نه آهيان، پر ان ماڻهوءَ ايتري تڪليف برداشت ڪئي آهي، جو سندس روح مڪمل طور تي ٽُٽل آهي، جڏهن به پنهنجو وات ٿو کولي، اسان جي مقصدن کي نقصان ٿو رسائي-“
”اڄ ڪٿي آهي؟“
”هفتن کان شاهه عبدالعظيم جي مقبري ۾ پيو آهي، اتي عمارتن جي وچ ۾ باغين جي راهدارين ۾ لِڪ ڇُپ هلندو وتي، ماڻهن کي جمال الدين جي حراست بابت ٻڌائيندو آهي ۽ انهن کي شاهه خلاف ٿيڻ لاءِ منٿون پيو ڪندو آهي، کين پنهنجي اذيتن جو احوال پيو ٻڌائيندو آهي، رڙيون ڪندي پنهنجا هٿ پير اڇلائيندو آهي- هو جمال الدين کي کلم کلا ‘مهدي’ چوڻ کان باز نه ٿو اچي، حالانڪه هن کيس اهڙي چريائپ جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان جهليو آهي- مون کي سندس رفاقت ۾ ڏٺو وڃي، الله شاهد آهي ته منهنجي اهڙي ڪابه خواهش ڪونهي-“
”اهو واحد شخص آهي جيڪو مون کي ان هٿ سان لکيل ڪتاب جي باري ۾ معلومات ڏئي سگهي ٿو-“
”خبر آهي- مان توکي ان وقت وٺي هلندس، پر هڪ لمحي لاءِ به توهان ٻنهي سان گڏ نه ترسندس-“
ان شام فاضل جي والد، جيڪو تهران جي امير ترين ماڻهن مان هڪ هو، منهنجي عزت افزائي لاءِ هڪ دعوت جو اهتمام ڪيو- هو جمال الدين جو جگري دوست هو، جيتوڻيڪ هو هر قسم جي سياسي سرگرمين کان پري رهندو هو، هو منهنجي ذريعي آقا جي تڪريم جو گهرجائو هو، هن لڳ ڀڳ سئو ماڻهن کي دعوت ڏئي گهرايو هو- گفتگو جو مرڪز خيام هو- هر ڪو روانيءَ سان رباعيون ٻڌائي رهيو هو يا دلچسپ قصا، گرما گرم بحث ٿي رهيا هئا، جيڪي ڪڏهن سياست جي پاسي ٿي ويا، هر ماڻهو ڏاڍي سولائيءَ سان فارسي، عربي ۽ فرانسيسي ڳالهائيندي نظر ٿي آيو ۽ انهن مان تمام ٿورا اهڙا هئا، جيڪي ترڪي، روسي ۽ انگريزي ڳالهائي رهيا هئا- مان پنهنجو پاڻ کي اڃا وڌيڪ جاهل محسوس ڪري رهيو هئس، ڇو ته هو مونکي تمام وڏو رباعين جو ماهر سمجهي رهيا هئا، جيڪو تمام گهڻو وڏو بلڪه مون لاءِ ته ايتري تائين چوندس جو انتهائي درجي جو ڪوڙ هو، پر مون کي ان ڳالهه جو کلم کلا اظهار ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ کي روڪڻو پيو، ڇو ته اتي ويٺل سڀ اهو سمجهي رهيا هئا ته مان ڪسرِ نفسي کان ڪم وٺي رهيو آهيان، جيئن هر ماڻهو سمجهندو آهي ته هڪ سچو دانشور ائين ئي هوندو آهي-
سج لهڻ سان شام جو آغاز ٿي چڪو هو، پر منهنجي ميزبان ان ڳالهه تي زور ڀريو هو ته مان ٿورو پهرين پهچي وڃان، هن مونکي پنهنجي باغ جون رونقون ڏيکارڻ ٿي چاهيون- هڪ ايراني، چاهي اهو هڪ محل جو مالڪ ئي ڇو نه هجي، جيئن فاضل جو پيءَ هو تمام گهٽ ماڻهن کي ان جو سير ڪرائيندو هوندو- پر هو پنهنجي باغ جي لاءِ ان سوچ کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سندس فخر جو واحد موضوع اهو ئي هوندو آهي-
جيئن جيئن مهمان ايندا ويا هڪ جام ٿي کنيائون ۽ چشمن جي ويجهو ڪنهن جاءِ جي تلاش ۾ نڪتا ٿي ويا، ٻنهي قسمن جا چشما، قدرتي ۽ هٿرادو، جيڪي سفيدي جي وڻن جي وچ مان ور وڪڙ کائيندا ويهي رهيا هئا- مهمان جي ترجيح مطابق ته هو قالين تي ويهڻ ٿو چاهي يا وهاڻي تي ٽيڪ ڏئي، ملازم کيس پنهنجي دل گهري جاءِ تي وٺيو ٿي ويا، پر ڪيترا ڪنهن کليل ٽڪريءَ جي مٿان ٿي ويٺا، ايراني باغن ۾ گاهه جا ٽڪرا ناهن هوندا، جيڪا ڳالهه ڪنهن آمريڪي جي نظر ۾ ان کي اجڙيل اجڙيل بڻايو ڇڏي-
ان رات اسان اعتدال جي حد ۾ رهي شراب پيتو- وڌيڪ تقويٰ وارا چاءِ تي گذارو ڪندا رهيا، جن لاءِ هڪ گرانڊيل سماوار کي 3 نوڪر کڻي کڻي گهمندا ٿي رهيا، ٻه ان کي سنڀالڻ لاءِ ۽ ٽيون چانهه پيش ڪرڻ لاءِ- گهڻي ڀاڱي ماڻهن عرق نوش ڪرڻ ٿي چاهيو، ووڊڪا يا شراب، پر مون کي انهن مان ڪنهن به قسم جي بد اعتباري نظر نه آئي، انهن مان گهڻا رڳو سازندن جي سنگت تي جهونگاري رهيا هئا ۽ خوش ٿي رهيا هئا، سازندا جن کي صاحبِ محفل ڀاڙي تي گهرايو هو جن مان هڪ تار نواز، هڪ ضرب جو ماهر فن ۽ هڪ بانسري نواز، هڪ طبلي جي فن جو ماهر، هڪ بانسري وڄائڻ وارو شامل هئا، پوءِ رقاص به آيا، جيڪي گهڻو ڪري نوجوان ڇوڪرا هئا- دعوت ۾ ڪنهن عورت جو وجود نظر نه آيو-
اڌ رات جو وڃي کاڌو لڳايو ويو- سڄي شام اسان پسته، بادام ۽ مختلف قسمن جا لوڻيل ٻج ۽ مٺايون کائيندا رهياسين ۽ ماني ان تقريب جو آخري نقطو هو، اهو ميزبان جو فرض هو ته جيترو ٿي سگهي دير سان ماني لڳرائي، ڇو ته جڏهن خاص پڪوان آندو ويو جيڪو ”جواهر پلاءُ“ هو- مهمان سڄي جو سڄو ڏهن منٽن اندر چٽ ڪري ويا، هٿ ڌوئي موڪلايائون، جڏهن اسان نڪتاسين ته بگيءَ وارو ۽ مشعل بردار دروازي تي ميڙ ڪيو بيٺا هئا ته جيئن پنهنجيون پنهنجيون سواريون کڻي سگهن-
اڳئين ڏينهن تي فجر جي وقت فاضل مون سان گڏ گاڏيءَ ۾ شاهه عبدالعظيم جي درگاهه جي دروازي تائين آيو، هو اڪيلو ئي اندر داخل ٿيو ۽ هڪ پريشان حال عجيب شڪل ۽ صورت واري ماڻهوءَ سان گڏ واپس وريو: ڊگهو قد، پر حد کان وڌيڪ ڪمزور ۽ هيڻو، ڏاڙهي جا وار گهاٽا، پر بي ترتيب، هٿ مسلسل ڪنبي رهيا هئا- هن کي هڪ ڊگهو ۽ سوڙهو جبو پاتل هو، جنهن ۾ چتيون لڳل هيون، ۽ هڪ بد رنگ ۽ بي ڊولو ٿيلهو کنيل هئس، جنهن ۾ شايد سندس ڪُل ملڪيت هئي- سندس اکين ۾ اوڀر جو سڄو ڏُک صاف پڙهي ٿي سگهجيو-
جڏهن کيس خبر پئي ته مان جمال الدين وٽان آيو آهيان، ته هو پنهنجي گوڏن ڀر ڪري پيو ۽ منهنجا هٿ پڪڙي ورتائين ۽ انهن کي چُميون ڏيڻ لڳو- فاضل جيڪو اُن وقت سخت بيچيني محسوس ڪري رهيو هو، معذرت ڪري اتان نڪري ويو-
مون آقا جو خط مرزا رضا جي اڳيان رکيو- جيڪو هن جهڙو جهٽي کنيو، جيتوڻيڪ اهو ڪيترائي صفحا ڊگهو هو، جنهن کي هُن ڏاڍي آرام سان پڙهيو، منهنجي موجودگيءَ کان هو مڪمل طور تي غافل ٿي ويو- مان پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ سندس خط کي پڙهي ختم ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيو هئس- پر هو مون سان گاڏڙ فارسي ۽ فرانسيسيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو، جنهن کي سمجهڻ ۾ مون کي ڏکيائي ٿي رهي هئي-
”ڪتاب هڪ ڪرماني سپاهيءَ وٽ آهي- مان به ڪرمان جو ئي آهيان- هن مون سان ٻه ڏينهن اڳ يعني جمعي واري ڏينهن تي هتي ملڻ جو واعدو ڪيو آهي- مون کي کيس ڪجهه پئسا ڏيڻا پوندا- ڪتاب خريدڻ لاءِ نه، پر ڪتاب واپس ڪرڻ تي سندس ٿورن جي طور، پر افسوس جو مون وٽ ٽڪو به ڪونهي-“ مون بغير ڪنهن انتظار ڪرڻ جي پنهنجي کيسي مان اهو سونو سڪو ڪڍيو، جيڪو جمال الدين هن لاءِ موڪليو هو ۽ ان جي برابر پنهنجي کيسي مان رقم ملائي، ان کي ڏني- هو ان مان مطمئن نظر آيو-
”ڇنڇر جي ڏينهن اچجئين- انشاءَالله مون وٽ اهو ڪتاب هوندو ۽ اهو تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيندس- آقا کي قسطنطنيه ۾ ڏئي ڇڏجائين-“
***