بلاگنئون

نقش ناياب منگي جنھن شڪارپور کي پنھنجي فڪر ۾ چٽيو

شڪارپور سنڌ جو تاريخي شهر هئڻ سان گڏ هڪ موضوع به آهي، جنهن تي گذريل ۷۰ سالن کان وٺي تحقيقي ڪم ٿيو آهي، تنهن ڪم تي نظر رکجي ته تاريخ ۽ ادب جي شاگردن لاءِ اهو تحقيقي پورهيو هڪ وڏي هٿي ثابت ٿيو آهي. ان سموري ڪم ۾ “نقش” ناياب منگيءَ جو تحقيقي پورهيو گلاب جي پتين جيان ٽڙيل ته آهي، پر ان جي سُرهاڻ اڄ به قائم آهي. جيستائين هن شهر جي تاريخ لکجندي رهندي، تيستائين تاريخ جي ورقن ۾ سندس حوالو سند طور ايندو رهندو. ڇو جو سندس پورهيو ادبي حلقي ۾ اهڙي مڃتا تڏهن ماڻي چڪو هو، جڏهن سندس تحريرون ڪتابي صورت ۾ به پڌريون نه ٿيون هيون. هو ادارا جوڙيندڙ شخصيت مڃيو ويو، ڇو جو اهڙا ته عملي قدم کنيائين ۽ ساٿين کي همٿايائين، نوجوانن جي ادبي تربيت ڪيائين جو هر هڪ سندس رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ تاريخ جهڙي موضوع ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ايئن به چئجي ته جيڪو وٽس علمي اُڃ اجهائڻ لاءِ آيو اهو پياسو نه موٽيو ۽ ڪامياب ٿي ويو ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي.

اهي به همسفر مليا، جي ڀٽڪن پيا سر منزل،

ڪئي منزل به منزل مون گهڻن جي رهبري آهي.

شڪارپور جي تاريخ ۽ “نقش” ناياب منگي ٻئي هڪٻئي سان جڙيل آهن، شهر جي حوالي سان ڪو اهڙو ڪتاب نه هوندو جيڪو سندن مطالعي هيٺ نه آيو هجي، انگريزي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ شڪارپور جي تاريخ ۽ ان سان سلهاڙيل موضوع تي ڪوبه ڪتاب بچيل نه هوندو، سندس لائبريري جو اڌ حصو آهي ئي شڪارپور! شهر جي تاريخ، شهر مان نڪرندڙ اخبارون، رسالا، اهي ڪتاب ۽ مضمون توڙي مقالا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي شڪارپور سان وابسته آهن، سي سڀ فائيل ٿيل آهن. پنهنجي شهر جي صديون پراڻي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هئس. اهي ڪتاب ۽ ڪٽنگس فائيل پاڻ تائين ڪٿي محدود رکيائين؟ يونيورسٽين جي شاگردن کي جڏهن سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو حڪم ٿيندو هو تڏهن شاگرد وٽس ايندا هئا. انهن شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ سندس ننڊ ڦٽي ويندي هئي، ڪٻٽن مان ڪتابن جا ڪتاب لهي ويندا هئا، سنگتين کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ صلاحون ۽ مشورا پيو ڏيندو هو، ڪنهن تاريخي حوالي تي ڏينهن جا ڏينهن بحث پيا ٿيندا هئا، مقالو لکجي ويندو، پوءِ کين سڪون حاصل ٿيندو هو. اها به پرواهه ڪونه ڪندو هو ته ڪنهن پنهنجي پاران ۾ سندس شڪريو به ادا ڪيو يا نه! ڊاڪٽر قاضي منظر حيات چوندو آهي ته “ڪڏهن ڪڏهن سندس سموري محنت تي ڪنهن ٻئي جي نالي جو گفٽ پيپر به ويڙهيل ڏٺو.”

ڪو تاريخي ڪاغذ ڪا گزٽ ڪنهن کي گهرجي ته آساني سان ساڻس رابطو ٿي ويندو هو، ڏانهس حجت رکندي ادبي ساٿي اچي پيش پوندا هئا، فوٽو اسٽيٽ جي خرچن کان وٺي ماني، چانهه، پان ۽ سگريٽ تائين خرچ “نقش” ناياب منگي پاڻ ڀريندو هو. شڪارپور تي موضوع ڏيئي دوستن کان مضمون ۽ مقالا لکرائيندو هو، ڪتابن جي مدد ڪندو هو، سندن ڪچين ڦڪين تحريرن ۾ تبديليون ڪري ڄڻ ته انهن تحريرن ۾ روح وجهي ڇڏيندو هو. اهوئي سبب آهي جو نياز همايوني مرحوم لکي ويو ته، “نقش سان ملي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ شڪارپور جي شاهي باغ جي توتن بهاري ڏئي ڇڏي هجي.”

“نقش” ناياب منگي شڪارپور جي بهترين شاعرن مان هڪ هو، علم عروض جو به ماهر هو، غزل سندس پسنديده صنف هئي، ماهوار نئين زندگي، ماهوار پيغام، ٽماهي مهراڻ سميت مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري ڇپجي. شڪارپور مان نڪرندڙ ٽن اخبارن: “ناظم”، “قرباني” ۽ “ناياب” ۾ حالات حاضره تي چوسٽا به لکندو هو. نئين دهلي جي “بيسوين صدي”، ڪراچي جي “شمع”، حيدرآباد جي “نئي قدرين” سميت ڪيترن ئي اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس اردو نظم ۽ غزل شايع ٿيندا هئا.

“نقش” ناياب منگي شڪارپور ۾ مرحوم عبدالمجيد منگي جي گهر ۾ ۷ ڊسمبر ۱۹۴۸ع ۾ ڄائو، انٽر پاس ڪري آبپاشي کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ٻن ڇپيل ڪتابن “شڪارپور هڪ اڀياس” ۽ “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾”، ۴ اڻ ڇپيل ڪتابن جو خالق هو، گهڻن ئي ڇپيل ڪتابن جو مرتب ۽ معاون هو. سچ ته اهو به آهي ته عمر جي آخري عرصي ۾ بيمار ڇا ٿي پيو، جن جي مدد ڪندي نه ٿڪبو هو، تن سرڪار کان سندس علاج واسطي اپيلون ڪرڻ شروع ڪيون. ڏاڍو ڏکارو ٿي ويو هو، هڪ خوددار شخص لاءِ اهو وڏو امتحان هو، لوچ پوچ ۾ اهي ڏينهن گذاريائين، ان ڏک واري حالت ۾ اهي دوست به سندس ساٿ ڇڏي ويا، جن جي پاڻ هردم مدد ڪندو رهندو هو. ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي وفات ڪري ويو. افسوس جي ڳالهه آهي ته جن کي گهڻو ڪجهه سيکاري، سمجهائي ۽ ڏئي ويو هو، سي سندس وفات کانپوءِ ادبي مقام کي به ڇيهو رسائڻ لاءِ مختلف قسمن جو ڳالهيون لکي ثابت ڪري ويٺا ته استاد کي چڱائي ۽ رهبري جي موٽ ۾ مُئي پڄاڻان به درد ۽ ايذاءُ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ملي.

علمي ۽ ادبي خدمت ڪندي نقش ناياب منگي پنهنجو مقام پيدا ڪري ويو، پنهنجي شهر سان محبت جي اظهار ۾ هن جيڪي به تحريرون لکيون آهن سي سڀني جي سامهون آهن. اهڙا ڪردار جيڪڏهن پيدا ٿي پون ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي باب مڪمل ٿي سگهن ٿا.

***