ادب

شاعري

نثري نظم

احمد شاڪر

هي لاش رقاصه جو آهي!

اهڙو چهرو، جنهن کي

ڪنولَ جي گُل

۽ چنڊ سان تشبيهه ڏيڻ کان اڳ

اهو سوچڻو پوندو ته

ڇا ان کان به وڌيڪ

ڪا اَڇُهي ۽ نڪور تشبيهه ٿي سگهي ٿي؟

هُن جي چپن تي

جهڙوڪ

مُرڪ جو محل جَرڪي رهيو آهي

۽ اکين مان آبشار جو

آخري قطرو ڪري رهيو آهي

سندس ڳلَ تي

وارن جِي چڳ

هينئر به پهرو ڏئي رهي آهي

سندس کاڏيءَ جو تِر

اڄ به

حُسن جو مرڪز آهي

اڄ هُوءَ

مائيُن جي گهيري ۾

۽ سُڏڪن جي پاسي آهي

جڏهن هُوءُ جوان هئي ته

مُڙسالن جي گهيري ۾

۽ ٽهڪن جي طرف هئي

هُن جو ٿڌو جسم

کٽ تي پيو آهي

ڪنهن وقت

ٿڙڪندو رهندو هو

۽ ڪيترين ئي دلين کي

ڌڙڪندو ڇڏي ويندو هو

هُن جي پيرن جي پايل

جڏهن ڇمڪندي هئي ته

تارا رقص ڪرڻ لڳندا هئا

۽ جڏهن رقص ڪندي هئي ته

چنڊ جهمريون وجهندو هو

هُن جي ڪهڙي تعريف ڪجي

جيڪا جڏهن جوان هئي ته

هر شاعرَ جِي

شاعريءَ جو محور هئي

هيءُ لاش ڪنهن جو آهي؟

اُهي پُڇي رهيا آهن

جيڪي راتيون رنگين ڪندا هئا

هُن جي ڪوٺي تي

۽ وحشي بڻجي

هُن جي ڪُونئري جسم کي

وَل جئن وڪوڙي ويندا هئا

اڄ.

هُن جي ڏوليءَ کي

چار ڪُلها نه ٿا ملن

جنهن کي ڪنهن وقت

هٿن تي ماڻهو کڻندا هئا

اڄ هُن جي جنازي نماز

پڙهڻ لاءِ

ڪو به تيار ناهي

جنهن جي حُسن آڏو

ڪڏهن،

ڪيئي مرد سجدا ريز هوندا هئا

هيءُ لاش

اُن رقاصا جو آهي

جنهن جي رقص سان

بازار جا

فانوس ٻَرندا هئا

هيءُ لاش

اُن رقاصا جو آهي

جنهن جي دم سان

هڪ گهر جِي چُلهه ٻَرندي هئي

۽ گهڻن جي جسم جي باهه

ٺَرندي هئي!

***

نظم

جميل حسين

ساجن بنا سونھن ۾ بھ صحرا ڏٺوسين

ھاءِ صحرا ڏٺوسين

خزان جي موسم لڪائي اندر ۾

بھارن کي مرڪون ونڊيندي ڏٺوسين

ھاءِ صحرا ڏٺوسين

ساھن جي سڏڪن جي محفل اندر

چاھ جو چنگ چرندي ڏٺوسين

ھاءِ صحرا ڏٺوسين

رليا رند جيڪي موکي جي مڌ لئه

انھن جي ھٿن ۾ جامِ ڪوثر ڏٺوسين

ھاءِ صحرا ڏٺوسين

من جي نگر ۾ سدا جنھن جو ديرو

پوءِ به در در سين ھڻندي ڏٺوسين

ھاءِ صحرا ڏٺوسين!

***

غزل

غلام نبي ڪولاچي

اوندہ اوندہ، سارو جڳ،

ڪوھيئڙي جان، ڪارو جڳ.

گھر گھر ديپڪ، راڳ ھلي،

ڪيئن سڙي پيو، سارو جڳ.

آءُ ته لُڙڪ، لڪايون جاني،

تنھنجو منھنجو، مارو جڳ.

لائق لُچ جا، ڳيجھو بڻيا،

ٽھڪ ڏئي پيو، سارو جڳ.

پيار وارن جا، ڀَرم ڀُري پيا،

ٿي پيو، پارو پارو جڳ.

روپا ھٿ ۽، سونيون ڳچيون،

ڪيئنءَ ڪپي ويو، ڪارو جڳ.

ڪيسين تائين ڪيس، ھي رھندو،

نيٺ ته ڏيندو، وارو جڳ.

***

غزل

اسير اياز چنه

نيھن جو رک نڀاءُ او جانان

حسن جو ڏي هُڳاءُ او جانان

ديد جا تاڪ  کول درشن لا

سونهن جو  رک سڀاءُ او جانان

وصل جي وقت کي وڌائي وڌ

چاھ کي ڏي چتاءُ او جانان

روحَ ڌرتيءَ تي هميشه لا

رک نه پورن پڙاءُ او جانان

هن وفادار جي محبت جو

رک ذرا رک رکاءُ او جانان

قرب جي ڪوٺ تي اسير ڪري

ڏي نه غم کي وڌاءُ او جانان

***