مهذب معاشري قانون ان ڪري ٺاهيا آهن جيئن انهن قانونن تي عمل ڪري معاشري ۾ رهندڙ ماڻهو سک سان زندگي گذاري سگهن، اگر ڪو ڏوهه ٿئي يا ڪنهن تي ڏوهه جو الزام هجي ته الزام هيٺ آيل ملزم کي قانون پنهنجي گرفت ۾ آڻي ان کي عدالت مان سزا ڏياري، پر غير مهذب معاشرو صرف ڏاڍ ۽ طاقت جي زور تي قانون مڙهيندو آهي ۽ قانون جا محافظ پڻ قانون جا قتل ڪندي نظر ايندا آهن، جيڪو ڪنهن به مهذب معاشري لاءِ قابل قبول نه آهي. ڏاڍ جي قانون جو اهو ڪاروهنوار سنڌ ۾ عام جام آهي، پوليس جيڪا قانون ۽ عوام جي محافظ آهي ان وٽ صوبي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ جو هڪ ئي رستو نظر اچي ٿو عدالت کان مٿانهون قتل. ڏوهه جي الزام ۾ آيل ملزم کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانسواءِ ڪوڙو مقابلو ڏيکاري مارڻ.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ جي امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. روڊ رستا عوام جي هلڻ لاءِ محفوظ نه آهن. ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ٿيو وڃن ٿا، ڌاڙا، ڦرون، چوريون، روڊ سنيچنگ، موبائل ۽ موٽرسائيڪل جو ڦرجڻ معمول بڻجي چڪو آهي. جڏهن عوام جي طرفان اهو دٻاءُ پوليس جي مٿان اچي ٿو ته پوليس آفيسر ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ ئي منصف بڻجي سزائون ڏيڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا، جنهن جي قانون کين اجازت نٿو ڏئي. ايئن ڪرڻ سان وقتي طور تي امن امان جي صورتحال ڪنهن حد تائين بهتر ٿئي ٿي، پر ڪجهه وقت کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر ڏوهه ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا. انهيءَ جا ڪيترائي سبب آهن، هڪ سبب پوليس جو ڏوهارين سان شامل هجڻ به آهي. ڪٿي ڪٿي ته ايئن به ٿيو آهي ته پوليس وارا خود ڏوهه ڪندي گرفتار ٿيا آهن. امن امان قائم ڪرڻ جو صرف اهو رستو نه آهي ته پوليس پاڻ عدالت بڻجي ڪوڙا مقابلا ڏيکاري الزام هيٺ آيل ماڻهن کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏي. جيڪڏهن اهو سندس قانوني اختيار آهي ته پوءِ عدالتن کي ڇو نه بند ڪيو وڃي؟ ڇو ته عدالتن تي عوام جا اربين رپيا خرچ ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن اهي انصاف نٿيون ڏيئي سگهن ته پوءِ انهن جي هجڻ جو جواز به نه هجڻ گهرجي. اهڙو ئي هڪ واقعو ضلعي سکر ۾ روهڙي شهر جي علائقي ۾ ٿيو آهي، جتي هڪ نوجوان رضا زنگيجو کي پوليس ماوراءِ عدالت مبينا ڪوڙو مقابلو ڏيکاري قتل ڪري ڇڏيو آهي. ان جي مائٽن لاش کي روڊ تي رکي جڏهن احتجاجي ڌرڻو هنيو ته 115 ماڻهن جي مٿان جن ۾ 15 عورتون پڻ شامل آهن پوليس ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، جن ۾ پوليس مٿان حملي دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا آهن. خبرون آهن ته انهيءَ نوجوان کي راڻيپور وٽان سندس ڀيڻ سان گڏ بس مان لاهي گرفتار ڪيو ويو هو هو ڪراچيءَ کان پنهنجي ڳوٺ اچي رهيا هئا. نوجوان جي قتل کانپوءِ سوشل ميڊيا جي دٻاءُ سبب ايس ايس پي سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر کي مجبور ٿي هڪ پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئجي وئي، جنهن ۾ هو تسلي بخش جواب پڻ نه ڏيئي سگهيا. ايس ايس پي جي چوڻ مطابق ته مارجي ويل نوجوان 15 مختلف ڪيسن ۾ نامزد ٿيل هو، پر هن اهو نه ٻڌايو ته ڇا ڪيسن ۾ گهربل ماڻهو کي ڪوڙو ان ڪائونٽر ڪري ماري سگهجي ٿو؟ جڏهن ايس ايس پي سکر رضا زنگيجو جو نالو کنيو ته کيس نالو کڻڻ به نه آيو ۽ رضا کي راجا زنگيجو چوندو رهيو. شايد ان کي اها خبر نه هئي ته روهڙي، سنڌ پنجاب جو بارڊر نه آهي، ان جي باوجود هو چوندو رهيو ته بين الصوبائي علائقي ۾ ڌرڻو هڻڻ سان ٻن صوبن جي وچ ۾ آمد رفت ۾ اٽڪاءُ پيدا ٿئي ٿو.
واضح ڪيون ته سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد وٽ آهي جيڪو روهڙي کان 170 ڪلو ميٽر پري آهي. ان نوجوان جي عدالت کان مٿانهين قتل جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڻ جاري نه ڪئي وئي آهي ۽ اهڙا ڪيترائي سوال آهن جيڪي پوليس جي ان مقابلي کي ڪوڙو مقابلو سمجهڻ تي مجبور ڪن ٿا، ڇو ته ان مقابلي ۾ پوليس طرفان پوليس جو ڪوبه اهلڪار زخمي نه ٿيو آهي. پوليس اها به دعويٰ ڪري ٿي ته ساڍا 14 لک رپيا روڪ رقم جي رڪوري پڻ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ساڳي پريس ڪانفرنس ۾ ايس ايس پي سکر چوي ٿو ته ڪجهه ڏينهن پهرين هي مقتول هڪ ڪروڙ جي ڌاڙي ۾ پڻ ملوث هو. جيڪڏهن سندس ڳالهه کي سچ سمجهجي ته پوءِ باقي 85 لک 50 هزار ڪيڏانهن ويا ۽ ڇا مقتول ايتري رقم پاڻ سان گڏ کڻي گهمندو رهيو ۽ پويس سان مقابلو ڪيو جنهن ۾ مارجي ويو؟ انهن سوالن جو به جواب نه ملي سگهيو، ايئن ته ناهي ته پوليس کي هڪ ڪروڙ رڪوري ٿي هجي، 14 لک ظاهر ڪري باقي 86 لک پنهنجي کيسي خرچي ڪري ڇڏي هجي؟ اسين اهو نٿا چئون ته قتل ٿيل نوجوان ڏوهاري هو يا نه هو، پر اهو ضرور چئون ٿا ته پوليس کي ڪوبه حق نه آهي ته ڪوڙا مقابلا ڏيکاري نوجوانن کي ماريو وڃي. سندس فرض آهي ته هنن کي عدالت ۾ پيش ڪري ۽ عدالت هنن کي سزا ڏئي. ٻئي طرف جڏهن رضا زنگيجو جي ڀيڻ جو بيان هليو آهي ته ان جي گهر جي حالت مان سندن غربت واضح نظر اچي رهي آهي ۽ شايد هنن وٽ ته ٻه وقت جي ماني کائڻ جيتري به طاقت نه آهي. اسان جو مطالبو سنڌ حڪومت کان آهي، سنڌ جي هاءِ ڪورٽ کان آهي ۽ آءِ جي پوليس سنڌ کان آهي ته هن معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن پوليس آفيسر ڪوڙي مقابلي ۾ ملوث آهن ته انهن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي.