(يووال نوح هراري جي ڪتاب ”21 هين صدي لاءِ 21 سبق“ جي 16 باب جو ترجمو): انصاف
اسان جي انصاف بابت سمجھه پراڻي ٿي چڪي آهي. ٻين سڀني احساسن ۽ ادراڪن وانگر اسان جي انصاف متعلق سمجھه ۽ احساس جي پاڙ پڻ قديم انساني اِرتقا ۾ جڪڙيل آهي. جڏهن انسان اڃان شڪار ۽ کاڌ خوراڪ گڏ ڪندڙ ننڍن ننڍن ٽولن جي صورت ۾ هئا، تڏهن کان وٺي اهي پنهنجين زندگين ۾ سماجي ۽ اخلاقي المين سان واقف ٿيندا رهيا، جن اڳتي هلي لکن سالن جي ارتقائي مرحلن مان گذري انساني اخلاقيات جي تشڪيل ڪئي. هن تناظر ۾ فرض ڪيو ته آئون توهان سان گڏ شڪار تي نڪتس ۽ مون هڪ هرڻ شڪار ڪيو، پر توهان کي ڪوبه شڪار نه لڳو؛ ته ڇا مان پنهنجي شڪار مان توهان کي به شريڪ ڪري ڪجھه حصو ڏيان؟ يا وري توهان کي کوڙ ساريون کُنڀيون مليون ۽ کُنڀين جي ڀريل ڇٻيءَ سان واپس آيا، ته هن حقيقت جي پيشِ نظر ته مان جسماني قوت ۾ سگھارو آهيان، ان ڪري توهان کان سڀ کُنڀيون ڦري وٺان، ڇا اهو مناسب رهندو؟ يا جيڪڏهن مون کي خبر پئي آهي ته توهان مون کي قتل ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيا آهيو ته ڇا مان توهان جي حملي کان اڳ ئي رات جي اونداهي ۾ ننڊ ۾ ئي توهان جو ڳلو ڪٽي توهان کي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيان؟
آفريڪا جي چراگاهن کان شهرن جي جھنگن کي آباد ڪرڻ تائين بظاهر شيون ايترو گھڻيون تبديل نه ٿيون آهن. بلڪه ائين سوچجي ته شام جي اندروني لڙائي، دنيا جي اڻ برابري ۽ ڌرتي جو وڌندڙ گرمي پد ڄڻ ته ساڳيا پراڻا سوال آهن، پر رڳو سندن دائرو يا پکيڙ وڌيڪ آهي. اهو اصل ۾ اسان جي نظرن جو دوکو آهي. انصاف جي اپٽار ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ دائري يا پکيڙ جو به وڏو عمل دخل آهي. جنهن دنيا ۾ اسان رهون ٿا اسان مشڪل ئي ان کي سمجھي سگھڻ جي سگھه رکون ٿا.
مسئلو قدرن جو نه آهي. قدر چاهي غير مذهبي يا آزاد خيال توڙي مذهبي هجن، ايڪيهين صدي جي ماڻهن وٽ قدرن جي کوٽ نه آهي. جي کوٽ آهي ته اسان جي منجھيل عالمي دنيا ۾ انهن قدرن تي عمل ڪرڻ جي آهي. اهو سڄو ڏوهه انگن اکرن جو آهي. اوائلي دور جي شڪاري ماڻهن جِي انصاف متعلق سمجھه ڏاڍي محدود هئي. چند درجن ماڻهو جيڪي صرف چند درجن چورس ڪلو ميٽرن تائين پکڙيل هئا، اهائي سندن دنيا هئي. جڏهن ته اسان ڪروڙين ماڻهو، جيڪي ستن کنڊن تائين پکڙيل آهيون، جي پاڻ ۾ لاڳاپن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اسان جو دماغ چڪرائجي ويندو آهي.
انصاف فقط ڪن خيالي قدرن جي مجموعي جي هجڻ جي گھُرَ نٿو ڪري، پر سببن ۽ نتيجن تي ٻڌل ٺوس بنيادن جي ادراڪ جي گھُرَ ڪري ٿو. جيڪڏهن توهان پنهنجن ٻارن کي کارائڻ لاءِ کُنڀيون گڏ ڪيون آهن ۽ هاڻي آئون اهي زبردستي توهان کان ڦريان ٿو ته ان جو مطلب آهي ته توهان جي محنت تي پاڻي ڦِري ويو ۽ توهان جا ٻار بک تي سمهندا، جيڪو سراسر نامناسب آهي. اها ٺوس ڳالهه سمجھڻ ۾ سولي آهي، ڇو ته ان مان اسان آساني سان سبب ۽ نتيجي جو ادراڪ حاصل ڪيون ٿا. بدقِسمتيءَ سان اسان جي جديد دنيا ۾ سببن ۽ نتيجن جو ادراڪ تمام ڏکيو ۽ گھڻي قدر منجھيل آهي. مثال طور: مان پنهنجي گھر ۾ پُر امن نموني سان رهان ٿو، ڪنهن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪنهن تي آڱر به نٿوکڻان، پر پوءِ به کاٻي ڌُرَ وارن جي خيال مطابق مان اسرائيلي فوجين ۽ انهن جي نون آباد ڪيل ماڻهن طرفان مغربي پَٽِي يا ويسٽ بينڪ ۾مقامي ماڻهن تي ٿيندڙ ناجائزين ۽ ظلمن ۾ برابر جو شريڪ ۽ حصيدار آهيان. جڏهن ته سماج وادين (سوشلسٽن) مطابق منهنجي آرامده زندگي جي عمارت ٽئين دنيا جي فيڪٽرين ۽ کٽمٺڙن جي دُڪانن تي معصوم ۽ مظلوم ٻارن جي غير قانوني جبرِي پورهئي وٺڻ تي بيٺل آهي. ان کان علاوه، جانورن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ٽولو وري مون کي منهنجي زندگي جِي تاريخ سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ حياتياتي ظلمن سان سلهاڙيل هجڻ جي ياد ڏياريندو آهي ته ڪيئن نه اسان پنهنجي کاڌي جي عياشين لاءِ اربين جانورن کي صرف قُربانيءَ جو ٻڪرو بنجڻ لاءِ زنده رکندا ۽ پاليندا پئي آيا آهيون.
ڇا مان واقعي انهن سڀني ظلمن جو ذميوار آهيان؟ اهو فيصلو ڪرڻ ايترو سولو نه آهي. مون کي پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ ذهن کي جهونجهاڙيندڙ معاشي ۽ سياسي ڄارن تي انحصار ڪرڻو ٿو پوي ۽ عالمي سطح تي سببن ۽ نتيجن جا رشتا ايترا ته ڊگھا ۽ منجھيل آهن جو مون لاءِ هاڻي سادن سوالن جا جواب ڏيڻ به تمام ڏکيو ٿي پيو آهي: منهنجي منجھند جي ماني ڪٿان اچي ٿي يا ڪيئن ٺهي ٿي؟ منهنجا پائڻ وارا بُوٽ ڪير ٺاهي ٿو؟ منهنجي پروويڊنٽ ۽ پينشن فنڊ جي رقم مان ڇا ٿو ڪيو وڃي؟
دريا چورائڻ:
آڳاٽي دور جا شڪاري ۽ کاڌو ڳولهڻ وارا ڀلي ڀت ڄاڻندا هئا ته سندن منجھند جو کاڌو ڪٿان آيو (هن پنهنجو پاڻ هٿ ڪيو). سندن چمڙي جا جُوتا ڪنهن ٺاهيا (هن جي مُڙس ٺاهيا جيڪو هن کان 20 ميٽر پري سُتل آهي) سندن پينشن فنڊ ڇا پيو ڪري (اهو مٽي ۾ کيڏي رهيو آهي، ڇو ته ان زماني ۾ ماڻهن وٽ هڪ ئي قِسم جو پينشن فنڊ هوندو هو سندن ٻار). هينئر مان انهن شڪاري ۽ کاڌو ڳولهڻ وارن کان وڌيڪ اڻڄاڻ ۽ بي خبر آهيان. سالن جي تحقيق مان شايد اهو پتو پوي ٿو ته جنهن حڪومت کي مون ووٽ ڏنو، سا لِڪَ ۾ پنهنجن پالتُو غاصب حڪمرانن جي ٽولي کي هٿيار وڪڻي رهي آهي، جيڪي لڳ ڀڳ اڌ دنيا ۾ جنگ جو ماحول ٺاهيو ويٺا آهن، پر جيستائين اهو سڀ معلوم ٿئي تيستائين مان ٻين ڪيترن ئي اهم رازن جي دريافت کان رهجي چُڪو هوندس. مثال طور: انهن ڪُڪڙين يا مُرغين جي قسمت جو ڇا ٿيندو جن جا بيضا مان رات جي ماني لاءِ کائيندو آهيان.
هي نظام اهڙي طِرز تي بيٺل آهي جو اهي ماڻهو جيڪي سچ ۽ انصاف جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪندا آهن، اهي نسبتن وڌيڪ فائدي ۾ رهندا آهن؛ ۽ وري جيڪي ان لاءِ جاکوڙيندا رهندا آهن تن لاءِ سچائي تائين پهچڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو آهي. چوري کان بچڻ ڪهڙي ريت ممڪن آهي، جڏهن عالمي معاشي نظام منهنجي پاران منهنجي علم کانسواءِ يا مون کي ڄاڻائڻ کانسواءِ مسلسل چوري ۾ ملوِث هجي. ان سان ڪو خاص فرق نٿو پوي ته توهان ڪنهن جي عملن کي ان جي نتيجن سان ڀيٽيو (چوري ڪرڻ غلط عمل آهي، ڇو ته ان جو نتيجو لاڳاپيل ماڻهو جي حالت کي ڳڻتي جوڳو بڻائي ٿو) يا وري توهان بجاءِ نتيجن جي، چوري جي عمل کي ڪنهن ايمان يا عقيدي تحت غلط سمجھو (چوري ڪرڻ غلط آهي ڇوته خُدا ائين چيو آهي). مسئلو اِهو آهي ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون، اهو سمجھڻ بلڪل ئي ڏکيو بڻجي چُڪو آهي ۽ قِصو بيحد منجھي چُڪو آهي.
چوري نه ڪرڻ جو حڪم انهن ڏينهن ۾ ٺاهيو ويو جڏهن چوري جو مطلب ڪا شيءَ جيڪا توهان سان تعلق نٿي رکي ۽ توهان جي نه آهي، اها جسماني طور توهان پنهنجن هٿن سان پاڻ سان گڏ کڻي وڃو. پر اڄ چوري متعلق دليل بلڪل مَٽجي چُڪا آهن. مثال طور، مان $ 10000ڊالر ڪنهن وڏي پيٽروڪيميڪل ڪارپوريشن جي شيئرن (حصص) خريد ڪرڻ ۾ سيڙايا آهن. انهن مان مون کي سالانه پنج سيڪڙو نفعو ملي ٿو. اها ڪارپوريشن تمام منافع بخش آهي، ڇو ته اها ٽيڪس وغيره نٿي ڏئي ۽ ان جا ٻاهريان خرچ تمام گھٽ آهن. اها پنهنجو زهريلو نيڪال وارو مواد ڀرواري درياءَ ۾ اڇلائي ٿي ۽ ان ڳالهه جو ڪو کٽڪو نٿي رکي ته مقامي درياءَ جي پاڻي کي ڪو نقصان ٿيندو، يا پاڻي جي گدلاڻ مان مقامي ماڻهن کي يا جھنگلي جيوت کي ڪو نقصان ٿيندو. اها ڪارپوريشن پنهنجي دولت جو ڪجھه حصو نامي گرامي وڪيلن جي ٽولي تي خرچ ڪري ٿي، جيڪي گدلاڻ جي نقصانن جي تلافي لاءِ ڪجھه سُڄاڻ ڌرين پاران ڪيل گھُرَن يا معاوضن لاءِ داخل ڪيل ڪيسن کي رد ۽ خارج ڪرائين ٿا. اها ڪارپوريشن وڪاميل سياستدانن جي هڪ لابِيءَ به پالي ٿي ته جيئن مضبوط ماحول دوست قانونن جي ٺهڻ ۽ عمل کي ڪاميابي سان روڪي سگھي!
ڇا اسان ان ڪارپوريشن تي درياءَ چورائڻ جو الزام لڳائي سگھنداسين؟ مون بابت ذاتي طور تي توهان جو ڇا خيال آهي؟ مان ڪڏهن به ڪنهن جي گھر ۾ چوري جي ارادي سان نه گھڙيو آهيان ۽ نه ئي وري ڪڏهن مون ڪنهن جا پئسا چورايا آهن يا ڪو ٻٽونءَ ڦُريو آهي. مون کي اها به خبر ڪونهي ته اها ڪارپوريشن ڪهڙي نموني سان ڪمائي پئي. مون کي ته مشڪل سان اها ڄاڻ آهي ته منهنجا ڪجھه پئسا ان ڪارپوريشن ۾ سيڙايل آهن. ان صورت ۾، ڇا مان چوريءَ جو ڏوهاري آهيان؟ جڏهن اسان کي لاڳاپيل حقيقتون معلوم ڪرڻ جو ڪوبه گس ئي نٿو ملي ته پوءِ اسان جو رويو اخلاقي طرح سان ڪهڙو هجڻ گھرجي؟
اسان کي مسئلي کان بچڻ لاءِ “نيتن جي اخلاقيات” تي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. اهم اهو نه آهي ته اسان اصل ۾ ڇا ٿا ڪريون يا اسان جي عمل جو نتيجو ڇا آهي، پر اهم اهو آهي ته اسان ڇا ٿا چاهيون يا اسان جي نيت ڪهڙي آهي، پر ان دنيا ۾، جنهن ۾ هر شيءِ هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهي، اسان کي اعليٰ ترين اخلاقي اصول/حڪم ڄاڻڻ جي اشد ضرورت آهي. جديد تاريخ ۾ انسان ذات طرفان بدترين ڏوهه صرف نفرت ۽ لالچ جي اثر هيٺ نه، پر اڻڄاڻائي، جهالت ۽ عدم دلچسپي سبب رونما ٿيا آهن. مثال طور: ڪنهن وقت ۾، خوبصورت انگيز عورتون ائٽلانٽِڪ ۾ پير رکڻ کانسواءِ لنڊن جي اسٽاڪ ايڪسچينج مارڪيٽ مان دنيا ۾ انساني‐غلاميءَ Slave Trade جي واپار کي مالي هٿي ڏينديون رهيون ۽ پنهنجِي شام واري چانهه کي برف جهڙي ان اڇي کنڊ سان مِٺو ڪنديون رهيون، جيڪا غلامن طرفان بلڪل غير انساني، بلڪه شيطاني پورهئي، تحت ڪمند جي پوک جي نتيجي ۾ ٺهي راس ٿي هئي، جنهن جي باري کين ڪا به خبر نه هئي.
1930 جِي ڏهاڪي جي آخري سالن دوران جرمنيءَ ۾ مقامي پوسٽ آفيس يا ٽپال گھر جو مئنيجر هڪ سڌو سادو ۽ ايماندار شهري تصور ڪيو ويندو هو، جيڪو پنهنجن ملازمن جي سارسنڀال لهندڙ ۽ انهن جو ڀلو چاهيندڙ هو. هُو ذاتي طور تي ماڻهن جي مدد لاءِ، خاص طور تي، سندن وڃايل يا هيٺ مٿي ٿي ويل پارسل وغيره ڳولهڻ ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. هي اهو ماڻهو هوندو هو، جيڪو ڪم تي سڀني کان پهريان پهچندڙ هو ته وري ڪم کان فارِغ ٿيندڙ آخري ماڻهو هوندو هو. برفاني طوفانن ۾ پڻ ٽپال وقت سِر اُڪلائڻ کي يقيني بنائيندڙ پڻ هو. افسوس! سندس موثر ۽ مدد ۾ اڳيان اڳيان ٽپال گھر هِٽلر (جرمني) جِي ظالم نازِي رياست جِي ڄڻ ته شهه رڳ طور استعمال ٿيندو هو. اِهو نالي ماتر ٽپال گھر متعصب قومي ۽ طبقاتي نازِي تحريڪ جي ناپاڪ مقصدن ۾ اڻ سڌيءَ طرح سان ڀرپور نموني سان شامل هو. مثال طور: جرمن فوجين جي ڀرتي جا آرڊر تڪڙا پهچائڻ ۽ مقامي اسپيشل سروسز جي انتظاميه ڏانهن تڪڙيون ۽ سخت هدايتون پهچائڻ وغيره جي ذميداري ٽپال گھر ئي پوري ڪندڙ هو، جيڪي ماڻهو سچ يا حقيقت جي ڳولها لاءِ سچي دل سان ڪابه ڪوشش نٿا ڪن ته يقينن انهن جي ارادن ۽ نيتن ۾ ڪجھه نه ڪجھه فُتور ضرور آهي.
پر “سچِي دل سان سچائي ڄاڻڻ جي ڪوشش” مان ڇا مراد آهي؟ ڇا هر مُلڪ ۾ پوسٽ ماسٽر هر ٽپال کي کولي پڙهي يا پنهنجي استعيفيٰ لکي ڏئي يا سرڪاري پروپيگنڊا جي پروڙ پوڻ تي بغاوت جو عّلم بلند ڪري؟ ڇا ان وقت اِهو ايترو سولو هو جو اسان 1930ع جي نازِي جرمني جي اخلاقيات بابت يقين سان ڪجھه چئي پئي سگھياسون. ڇاڪاڻ ته هن وقت اسان کي خبر آهي ته سببن ۽ نتيجن جون ڪڙيون اسان کي ڪيڏانهن وٺي وينديون. ان ڪري تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ کانسواءِ شايد اخلاقيات جي پڪِي شاهدي تائين پهچڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي. سادن لفظن ۾، دنيا جو ڪڙو سچ اهو آهي ته اسان جي قديم شڪارِ تي ڀاڙيندڙ ذهنن لاءِ اڄوڪي دنيا تمام گھڻو منجھِي چڪي آهي.
هاڻوڪي دنيا ۾ اڪثر ناانصافين جو بنياد اسان جا انفرادي تعصب نه، پر اسان جي معاشرتي ڍانچي جا تعصب آهن. اسان جو شڪاري ۽ کاڌو گڏ ڪندڙ ذهن اڃان ايترو پختو نه ٿيو آهي جو اهو اسان جي معاشرتي ڍانچي جي تعصبن کي ڳولهي نِروار ڪري سگھي. اسان سڀني جو خمير ڪجھه نه ڪجھه ۽ ڪنهن نه ڪنهن تعصب سان ضرور ڳوهيل آهي. اسان وٽ نه ته گهربل وقت آهي ۽ نه وري ايترِي سگهه آهي جو اهي سڀ تعصب ڳولهي سگھون. هي ڪتاب لکندي مون کي ذاتي طور تي هڪ سبق مليو آهي ۽ عالمي مسئلن تي بحث مباحثي دوران مون تي هي ڳالهه چٽي ٿي آهي ته عالمي يا طاقتور سياسي ٽولي جو نظريو اڪثر حاوي رهي ٿو، جڏهن ته ڪمزور طبقن جو نظريو هميشه دٻِيل ئي رهي ٿو. پهريون طبقو پنهنجا مفاد مڃرائي وٺي ٿو، جڏهن ته دٻيل طبقي کي هميشه خاموش ڪرايو وڃي ٿو. ان ڪري انهن کي رڳو نظرانداز ڪرڻ سان وسارڻ به سولو ٿي وڃي ٿو.
مثال طور: تسمانيا (آسٽريليا) جي اصل رهاڪن جي نظريي توڙي سندن مسئلن جي باري ۾ مون کي بلڪل ڪا به ڄاڻ نه آهي. مان ايترو ڄاڻندو هئس ته انهن جو نسل هاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ اُهي هينئر موجود نه آهن، ڇو ته تاريخ جي پنن ۾اهو ورجايو ويو آهي ته ماضي ۾انهن سڀني کي يورپ جي ماڻهن تڙي ۽ ماري ڇڏيو هو، پر حقيقت ۾ هزارين ماڻهو انهن جي نسل مان اڃان به موجود آهن ۽ اهي انيڪ مسئلن ۾ ڦاٿل آهن. سڀ کان اهم مسئلو انهن جي موجودگي کي تسليم ڪرڻ آهي، ڇو ته اڪثر ڪري ۽ بار بار انهن جي نسل کي ختم ٿيل سمجھيو وڃي ٿو. سلام آهي ڪجھه علم وارن محققن کي جن انهن جي هجڻ کي مڃيو آهي ۽ انهن جي حقن جي لاءِ آواز اٿارين ٿا.
جيڪڏهن توهان ذاتي طور تي ڪنهن پوئتي پيل طبقي سان تعلق رکو ٿا ۽ ان ڪري توهان کي ان طبقي بابت ڳُوڙِهي ۽ ڀروسي جي قابل معلومات آهي، پر ان جو قطعي طور تي اهو مطلب نه آهي ته توهان باقي ٻين ڪمزور ۽ پوئتي پيل طبقن جي نظريي کان به چڱي ريت واقف آهيو. هر ٽولو ۽ ان جا ماتحت ٽولا مختلف لِڪ لِڪوٽي جي عجيب ۽ غريب غارن، ٻٽن معيارن، مروج ذلالتن ۽ طبقاتي فرقن ۾ ڦاٿل آهن. هڪ 30 سالن جو آفريڪي مرد جيڪو آمريڪا جو رهائش پذير آهي، ان کي ٽيهه سالن جو صرف اهڙو تجربو آهي جيڪو اهو ٻڌائي ٿو ته آمريڪا ۾ آفريڪن، آمريڪن مرد جي زندگي ڪهڙي هوندي آهي، پر هن وٽ هڪ آفريڪن آمريڪن عورت هجڻ جو ڪو به تجربو نه آهي. ساڳي طرح سان، هن وٽ آمريڪا ۾ رهندڙ بلغاريه جي خانه بدوش يا لاڏائو ماڻهن (روما) جو يا چائنا جي ڪارِي هم جنس پرست عورت جو ڪو به تجربو نه آهي.
مٿيون 30 سالن جو بلغاريائي (آفريقي) مرد آمريڪا ۾ جيئن وڏو ٿيو، تيئن هن کي پوليس پاران اڪثر ۽ هروڀرو تلاشي لاءِ روڪيو ويندو هو. جڏهن ته ڪارِي چائنا جي هم جنس پرست عورت کي ڪڏهن به نه روڪيو ويو، پر ٻئي پاسي آفريڪن، آمريڪن خاندان ۽ پاڙي ۾ جنم وٺڻ جي ڪري اهو اڻٽر هو ته سندس آسپاس جا رهاڪو به هن وانگر ئي هئا، جن جي سماجي بقا جو دارومدار ان ڳالهه جي سکيا تي هو ته اهي اهڙي معاشري ۾ ڪهڙي طرح ڪاميابي سان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندي وڌي ويجھِي سگھيا پئي. ساڳي طرح سان ڪارِي چيني هم جنس پرست عورت جيڪا بالٽيمور (آمريڪا) ۾ رهندڙ آهي، ان نه هم جنس پرست خاندان نه ئي وري اهڙي پاڙي ۾ اک کولِي ۽ شايد ئي ڪنهن ان کي هن دنيا ۾ هم جنس پرستي جا ڪي سبق سيکاريا هجن، سا يقينن هينگزو (چين) ۾ پنهنجن حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هم جنس پرست عورتن جي جدوجهد کي سمجھڻ کان قاصر هوندي.
پراڻن وقتن ۾ انهن سڀني ڳالهين جي اهميت گھٽ هئي، ڇاڪاڻ ته توهان ان وقت دنيا جي گولي تي موجود ماڻهن جي اڌ حصي تي ٿيندڙ ظلمن جا ذميوار نه هئا. ان دور ۾ جيڪڏهن توهان پنهنجي پاڙي ۾ گھٽ خوشقسمت يا پوئتي پيل ماڻهن سان ٿوري به همدردي ڪئي يا اهڙي ڪوشش ڪئي ته ٿلهي ليکي توهان جو اهو عمل ئي ڪافي ۽ بهتر هو، پر اڄڪلهه جي دنيا جا اهم عالمي مسئلا جهڙوڪ: ماحولياتي تبديليون، هٿراڌو ذهانت ۽ ان جا خراب اثر وغيره بيشڪ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر ماڻهو تي اثر انداز ٿين ٿا، چاهي ڇو نه اهو تسمانيا، هينگزو، يا بالٽيمور ۾ ئي رهندڙ هجي. تنهڪري هن ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته انهن سڀني مسئلن ۽ نظرين کي تمام سنجيدگيءَ سان وٺجي، پر اهو هر ماڻهو ڪيئن ڪري سگھي ٿو؟ ڪهڙي ريت ڪو ماڻهو دنيا جي هزارين گروهن جي لکين لاڳاپن وارن پيچيده ڄارن کي سمجھي سگھي ٿو؟
گھٽائجي يا انڪار ڪجي؟
جيڪڏهن سچ پچ ۾ اسان دنيا جي اهم مسئلن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ته ان لاءِ اسان مان گهڻا ماڻهو ان جا اهل ئي نه آهن. ماڻهن جي وچ ۾ موجود مسئلن ۽ لاڳاپن کي سمجھڻ جي سلسلي ۾، ننڍي پيماني تي ٻه يا وڌ ۾ وڌ ويهه لاڏائْو يا وڏي پيماني تي وري ٻه پاڙيسيري قبيلا ان قابل ٿي سگھن ٿا، پر لکين شامِين، 500 ملين يورپ جي رهواسين يا ڌرتيءَ تي آباد سڀني گروهن ۽ انهن جي مختلف برادرين جي لاڳاپن، نظرين ۽ مسئلن کي چڱيءَ ريت سمجھي سگھڻ لاءِ اسان وٽ گھربل سازَ سامان ئي نه آهن.
عالمي سطح تي اخلاقي المين کي سمجھڻ لاءِ ماڻهو اڪثر ڪري هنن چئن طريقن مان هڪ کي چونڊيندا آهن. پهريون طريقو مسئلي جي وسعت يا پکيڙ کي ننڍو ڪرڻ آهي. مثال طور: شام جي گهرو ويڙهه کي سمجھڻ لاءِ بلڪل ائين سوچجي ته ٻن لاڏائو ماڻهن جي وچ ۾ ڪو جهيڙو هلي رهيو آهي. هڪ طرف بشارالاسد (شام جو صدر) ته ٻئي طرف سندس باغين جو ٽولو آهي. هڪڙو صحيح آهي ته ٻيو غلط آهي. هن طريقي سان ويڙهه جي منجھل تاريخي سٽ کي سادي ۽ واضح پلاٽ سان مَٽائبو آهي.
ٻيو طريقو سڄي ويڙهه ۾ انسانن جي جذبن کي سمجھڻ آهي. جڏهن توهان مسئلي جي ڳنڀيرتا کي شمارياتي انگن ۽ اکرن جي صورت ۾ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ته اڪثر ڪري ماڻهو توهان جي ڳالهين کي اهميت نه ڏيندا آهن ۽ نظرانداز ڪندا آهن، پر جڏهن توهان جهيڙِ ۾ متاثر ٿيل ڪنهن ٻار تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جو داستان ٻڌائيندا آهيو ته هڪ ڪُوڙِي اخلاقي سچائي جنم وٺندي آهي. هي ڳالهه، گھڻو اڳ، خيراتي ۽ فلاحي ادارن سمجِھي ورتي آهي. هن سلسلي ۾، سماجي سائنسدانن جو هڪ تجربو ذڪر ڪرڻ جي قابل آهي. جنهن ۾ ماڻهن کي مالديپ جي هڪ ستن سالن جي غربت جي علامت بڻيل ڇوڪرِي رُقيه جي ڪهاڻي ٻڌائي وئي ۽ مدد لاءِ چيو ويو. نتيجي ۾ ڪافي ماڻهو رُقيه جي ڪهاڻي تي جذباتي ٿي ويا ۽ پنهنجين دلين ۽ کيسن کي کولي ان جي مدد ڪيائون، پر ان جي برعڪس، جڏهن محققن ماڻهن کي شمارياتي انگن اکرن وسيلي آفريڪا جي غربت سٽيل ماڻهن جي حقيقي صورتحال کان آگاهه ڪندي انهن کي مدد لاءِ چيو ته اهي ئي ماڻهو اوچتو پاسيرا ٿي بيٺا. اهڙي ئي ٻي تحقيق ۾ ماڻهن کان، سندن ترجيح مطابق، هڪ بيمار ٻار يا اٺَن بيمار ٻارن جي ٽولي لاءِ چندو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تحقيق جي نتيجن ٻڌايو ته ماڻهن اٺَن بيمار ٻارن جي ٽولي جي ڀيٽ ۾ هڪ بيمار ٻار جي مدد لاءِ وڌيڪ چندو ڏنو.
ٽيون طريقو وڏي پيماني تي ٿيندڙ اخلاقي المين بابت سازشي نظريا گھڙڻ آهي. دنيا جي معاشيات ڪيئن هلي رهي آهي ۽ ڇا اها سٺي يا خراب آهي؟ هي مسئلو تمام منجھيل ۽ سمجھه کان مٿي آهي، پر اهو تصور ڪرڻ يا سازش ٺاهڻ آسان آهي ته صرف ويهه کرب پتي ماڻهو ئي آهن جن جي هٿن ۾ دنيا جون سڀ ڏوريون آهن، جن سان اهي عالمي ميڊيا، عالمي جنگيون ۽ عالمي معيشت وغيره کي پنهنجن مفادن تحت پنهنجي مرضي سان هيٺ مٿي ڪندا رهن ٿا. هي سازشي نظريو به اڪثر ڪري ڪوڙِ خيال کانسواءِ ڪجھه به نه آهي. اڄ ڪلهه جي دنيا، ان جي انتظام کي هلائڻ جا گُرَ ۽ انصاف جا تصورَ تمام گھڻا منجھيل آهن. ايستائين جو مٿيان چند کرب پتي ماڻهو، سِي آئي اي جا ادارا، فِريميسن ۽ ايڊرس آف زاين (برطانيه ۽ يهودين جون هڪ ٻئي خلاف جاسوسي ڪندڙ ڳجھيون تنظيمون) جن جي پڻ وس جي ڳالهه نه آهي جو اُهي اِهو سڀ ڪجھه ڄاڻي سگھن جيڪو ڪجھه دنيا جهان ۾ وهِي واپرِي رهيو آهي. تنهنڪري دنيا جون ڏورِيون موثر نموني پنهنجي مفاد ۾ ڇڪڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه آهن.
مٿيان ٽي طريقا دنيا جي منجھيل هجڻ جا انڪاري آهن. جڏهن ته چوٿون ۽ آخري طريقو اهو آهي ته هڪ اهڙو اڀياسي طريقيڪار يا فڪري نظريو ٺاهيو وڃي، جنهن تي اسان سڀني جو اعتبار هجي. اهو اڀياسي طريقيڪار اسان مان ڪنهن سڀ ڪجھه ڄاڻندڙ نظرئي، اداري يا اڳواڻ تي ايمان جي حد تائين يقين پيدا ڪندڙ صلاحيت جو حامل هئڻ گھرجي ته جيئن اهو جيڏانهن به وٺي وڃي اسان ان جي پيروي ڪندا هلون. مذهبي يا ڏند ڪٿائي نظريا اڄ جي سائنسي دور ۾ به اهڙي ڪشش رکن ٿا، ڇو ته اهي اسان کي مايوس ڪندڙ دنيا جي منجھيل سُٽ جِي حقيقت کان فرار اختيار ڪندي هڪ محفوظ جنت جو دلاسو ڏين ٿا. جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آزاد خيالي جون تحريڪون پڻ هن خطري کان خالي نه رهيون آهن. جيڪڏهن توهان مذهبي نظرين کي رد ڪندي سائنسي نظرئي جي هم نوائي سان شروعات ڪيو ٿا ته دير يا سوير شين جي منجھيل هجڻ ڪري ۽ ان مُونجھاري جي مسلسل وڌڻ جي ڪري نيٺ توهان ان نقطي تي پهچو ٿا ته توهان جو نظريو اهڙو واضح هجڻ کپي جو ان تي ڪو به سوال اٿاري نه سگھي. يعني توهان واپس مذهبي نظرئي تي موٽي اچو ٿا. اها ڳالهه صحيح آهي ته اهڙو نظريو ماڻهن کي ذهني سڪون ته ضرور پهچائي ٿو، پر ڇا اهو انصاف به ڏئي سگھي ٿو، اها ڳالهه يقينن غير واضح ۽ بحث طلب آهي.
پوءِ نيٺ ڇا ڪجي؟ ڇا اسان کي آزاد خيالي جي نظرئي تي هلڻ گھرجي ۽ انفرادي ووٽرن ۽ گراهڪن جي گڏيل مشورن ۽ صلاحن تي ڀاڙڻ گھرجي؟ يا شايد انفراديت واري نظرئي کي رد ڪرڻ گھرجي ۽ تاريخ جي قديم تهذيبن وانگر پنهنجن خاندانن ۽ برادرين کي سگھارو بنائڻ گھرجي ته جيئن دنيا کي اجتماعي طرح محسوس ڪري سگھون. مسئلي جو اهڙي قسم جو حل اسان کي فقط انفرادي جهالت جي مرض مان گروهي يا قبائلي تعصب جي باهه ڏانهن ڌِڪيندو. شڪاري ماڻهن جا ٽولا ۽ ڳوٺاڻن توڙي شهري برادرين جا ٽولا پڻ روز مره جي عام مسئلن بابت سوچڻ جي صلاحيت رکن ٿا، پر مسئلو اهو آهي ته هيستائين ڪوبه عالمي ٽولو يا برادرِي پيدا نه ٿي سگھي آهي. نه فيس بُڪ، نه قوميت نه وري مذهب ئي عالمي برادري ٺاهڻ جي ويجهو آهي. موجوده انسانن جا سڀ قبيلا پنهنجين من مستين ۽ مفادن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، ان ڪري انهن کي عالمي سچائي يا عالمي حقيقت نظر نٿي اچي. نه آمريڪا نه وري چين، نه مسلمان نه وري هندو ئي عالمي برادري ٺاهي سگھيا آهن. تنهنڪري انهن جو حقيقت متعلق فهم ۽ اِدراڪ ناقص آهي ته ڇا انصاف ۽ سچائي بابت حقيقت جي فهم جي ڊوڙ ۾ اهو چئجي ته اسان ماڻهن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڇا اهو فيصلو صادر ڪجي ته انسان ذات ان مقصد ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي؟ ڇا اسان با ضابطا طور سچائيءَ واري دور کانپوءِ (Post Truth Era) ۾ داخل ٿي چڪا آهيون؟
References:
Greene, Moral Tribes, op. cit,; Robert Wright, The Moral Animal (New York: Pantheon, 1994).
Kelsey Timmerman, Where Am I Wearing?: A Global Tour of the Countries, Factories, and People That Make Our Clothes (Hoboken: Wiley, 2012); Kelsey Timmerman, Where Am I Eating?: An Adventure Through the Global Food Economy (Hoboken: Wiley, 2013).
Reni Eddo-London, Why I am No Longer Talking to Waite People About Race (London: Bloomsbury, 2017); Ta-Nehisi Coates, Between the World and Me (Melbourne: Text, 2015).
Jose Ensor, “Everyone in Syria Is Bad Now” Says UN War Crimes Prosecutor as She Quits Post; New York Times, 17 August 2017.
For example, Helena Smith, ‘Shocking Images of Drowned Syrian Boy Show Tragic Plight of Refugees’ Guardian, 2 September 2015.
Kogut and I. Ritov, ‘The singularity effect of indentified victims in separate and join evaluations’, Organizational Behavior and Human Decision Process 97:2 (2005), 106-16; D.A Small G. Loewenstein, Helping a victim or helping the victim: Altruism and identifiably, Journal of Risk and Uncertainty 25:1 (2003), 5-16; Green, Moral Tribes, 264.


اسان جي انصاف بابت سمجھه پراڻي ٿي چڪي آهي. ٻين سڀني احساسن ۽ ادراڪن وانگر اسان جي انصاف متعلق سمجھه ۽ احساس جي پاڙ پڻ قديم انساني اِرتقا ۾ جڪڙيل آهي. جڏهن انسان اڃان شڪار ۽ کاڌ خوراڪ گڏ ڪندڙ ننڍن ننڍن ٽولن جي صورت ۾ هئا، تڏهن کان وٺي اهي پنهنجين زندگين ۾ سماجي ۽ اخلاقي المين سان واقف ٿيندا رهيا، جن اڳتي هلي لکن سالن جي ارتقائي مرحلن مان گذري انساني اخلاقيات جي تشڪيل ڪئي. هن تناظر ۾ فرض ڪيو ته آئون توهان سان گڏ شڪار تي نڪتس ۽ مون هڪ هرڻ شڪار ڪيو، پر توهان کي ڪوبه شڪار نه لڳو؛ ته ڇا مان پنهنجي شڪار مان توهان کي به شريڪ ڪري ڪجھه حصو ڏيان؟ يا وري توهان کي کوڙ ساريون کُنڀيون مليون ۽ کُنڀين جي ڀريل ڇٻيءَ سان واپس آيا، ته هن حقيقت جي پيشِ نظر ته مان جسماني قوت ۾ سگھارو آهيان، ان ڪري توهان کان سڀ کُنڀيون ڦري وٺان، ڇا اهو مناسب رهندو؟ يا جيڪڏهن مون کي خبر پئي آهي ته توهان مون کي قتل ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيا آهيو ته ڇا مان توهان جي حملي کان اڳ ئي رات جي اونداهي ۾ ننڊ ۾ ئي توهان جو ڳلو ڪٽي توهان کي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيان؟