اسان جي سماج جو الميو اهو آهي ته هتي سچ ڳالهائڻ سڀ کان وڏو ڏوھ بڻجي ويو آهي، جيڪو به ظلم خلاف آواز اٿاري ٿو، جيڪو به حق ۽ سچ لکي ٿو، اهوئي ڏوھاري سڏجي ٿو. ڇا سچ ڳالهائڻ هن سماج ۾ وڏو ڏوهه آهي؟ جيڪڏهن هن سماج ۾ ڪنهن شيءِ کي سڀ کان وڏو ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو ته اهو سچ ئي ڇو آهي؟ اهو سچ جيڪو اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائي ٿو، جيڪو مفادن جي محل کي ڏار وجهي ٿو، جيڪو طاقت، دولت ۽ اختيار جي پويان لڪيل چهرن کي بي نقاب ڪري ٿو. اهڙو سچ هتي ناقابل معافي ٿي وڃي ٿو. افسوس اھو آهي ته هتي ڪوڙ کي آساني سان قبول ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو ڪوڙ نه ڪنهن کي نقصان پهچائي ٿو، نه ڪنهن جي ڪرسي کي جهڪائي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن ضمير کي جاڳائي ٿو، پر سچ سوال پڇي ٿو، جواب گهري ٿو ۽ ماڻهن کي جوابده رکي ٿو، پر هي نظام ذميدارن کان جوابدهي پسند نٿو ڪري. اڄ، سچ اڪيلو آهي. ڪڏهن ان کي باغي سڏيو ويندو آهي، ڪڏهن بدنام ڪندڙ، ڪڏهن مسئلو پيدا ڪندڙ چئي کيس خاموش رهڻ لاءِ چيو ويندو آهي ۽ کيس “صورتحال کي سمجهڻ” جي صلاح ڏني ويندي آهي، پر حقيقت ۾ صورتحال کي سمجهڻ جي نالي تي ضمير جو واپار ڪيو ويندو آهي. سچ جو ڏوهه اهو آهي ته اهو منافقت کي برداشت نٿو ڪري، هن نظام لاءِ خطرو آهي، جيڪو ناانصافي، ڪرپشن ۽ فريب تي بيٺل آهي. اهوئي سبب آهي ته سچ کي هن سماج ۾ دٻايو ۽ چيڀاٽيو ويندو آهي. گهڻو ڪري سچ ڳالهائڻ وارن کي مجرم ثابت ڪيو ويندو آهي، پر تاريخ شاهد آهي ته هر دور ۾، سچ کي آزمائشن مان گذرڻو پيو آهي. هر سچ ڳالهائيندڙ کي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي. تڏهن ته آخر ۾ سچ جي فتح ٿيندي آهي. ڪوڙ جا محل ڪرندا آهن ۽ سچ جا نالا وقت جي سيني تي لکيل هوندا آهن. سچ انساني گڻ ۽ صفت هئڻ سان گڏ هڪ اعليٰ سماجي ۽ اخلاقي قدر پڻ آهي، جيڪو سماج سچ جو ساٿ ڏيندو آهي، اهو دنيا ۾ اتم مقام ماڻيندو آهي. ياد رکو سچائيءَ جو رستو ڏکيو ضرور هوندو آهي، پر اهو دائمي آهي. دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته وڏا وڏا ڏاها، فلسفي، دانشور ۽ صوفيت سان سرشار شخص سچ جي رستي تي ثابت قدمي سان هليا ۽ پنهنجي سرن جو نذرانو ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو. سقراط سچ جي زهر جو پيالو پيتو، حضرت عيسيٰ عه کي سچ جي خاطر صليب تي چاڙهيو ويو، امام حسين عه کي سچ جي خاطر ڪربلا جي رڻ ۾ ساٿين سميت شهادت جو جام پياريو ويو، منصور حلاج، سرمد، شاهه عنايت، مخدوم بلاول ۽ ٻين ڪيترن ئي عظيم ڏاهن انسانن کي سچ جو سلامي هجڻ ڪري سختيون ڏيندي ماريو ويو، انهن سرويچن سچ خاطر پنهنجا سر ته فدا ڪيا، پر ڪوڙ جا ساٿاري نه بڻيا. سچ جي راهه مشڪل به ان ڪري ئي آهي جو اها قرباني گھري ٿي. سچ، مثبت سماجي تبديليءَ لاءِ هڪ اهم قدر جي حيثيت رکي ٿو. سرويچن جي نظر ۾ سچ هڪ املهه قدر آهي، جنهن وسيلي معاشري جو نقشو تبديل ڪري سگھجي ٿو. ڪوڙن ۽ ڪُڌن ماڻهن کي سچ جي اهميت جو اندازو نه هوندو آهي، اهي نه رڳو اهڙي سچ جي بيمثال قوت کان اڻ واقف هوندا آهن ۽ ان کي قبول ڪرڻ کان به انڪار ڪندا آهن، پر ان قوت کان خوفزده ٿي ان تي وار به ڪندا آهن. استاد ٻارن کي سچ ڳالهائڻ جو عادي ڪيئن بڻائي، مان توهان سان هڪ ساٿي استاد جي حيثيت سان ڳالهائي رهيو آهيان. هيءَ ڪا ڪتابي ڳالهه ناهي، پر ڪلاس روم جي تلخ حقيقت آهي ته استاد ٻارن جي ڪري نه ٿڪجن ٿا، اهي پنهنجن بي قابو جذبات جي ڪري ٿڪجن ٿا. جيڪڏهن توهان ڪڏهن ڪاوڙ ۾ پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي ۽ بعد ۾ شرم محسوس ڪيو آهي، جيڪڏهن نه ته پوءِ هنن شين تي عمل ڪريو. فوري طور تي رد عمل نه ڏيو، پهرين پاڻ کي روڪيو. ڇو ته شاگرد توهان کي ناراض ڪرڻ جا ماهر آهن، پر ياد رکو، توهان جو پهريون رد عمل اڪثر توهان جو بدترين رد عمل هوندو آهي. توهان ٽن سيڪنڊن لاءِ خاموش رهو ۽ هڪ ڊگهو ساهه کڻو. ٻار جي معصوميت کي ڏسو، انهن جي رويي کي نه. هي ننڍڙو وقفو توهان جي عزت ۽ توهان جي نوڪري ٻنهي کي بچائي سگهي ٿو. ٻيو ته توهان انهن ننڍڙين شين کي پنهنجي ذات جو مسئلو ڪري نه ڏسو. اهو ٻار توهان جي بيعزتي نه، پر ٻئي ڪنهن سبب ڪري توهان کي تنگ ڪري رهيو آهي، شايد هن کي بک لڳي آهي، شايد هو پريشان آهي يا اڃان ئي ٻيو ڪو سبب هجي. شايد هو صرف توهان جو ڌيان چاهي ٿو. هاڻي توهان ٻار جي نفسيات جي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي ان جي ڪيفيت کي سمجهو ۽ پنهنجو پاڻ کي به ضابطي ۾ آڻي صورتحال کي بهتر انداز ۾ ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. ان سان شاگردن جي شخصيت سازي ٿيندي. شاگرد کي اهو احساس نه ڏياريو ته اهو بيڪار آهي، پر کيس اهو احساس ڏياريو ته سندس عمل صحيح نه هو ۽ ان کي صحيح عمل ڪرڻ جي تربيت ڏيو. لفظ ڪڏهن به ختم ناهن ٿيندا، ٻار هميشه انهن کي ياد رکندا آهن، جيڪي استاد کين پنهنجن خوبصورت ۽ محبت ڀرين لفظن سان زندگيءَ ۾ درست راهه تي هلڻ جو درس ڏيندا آهن. هڪ نا تجريڪار استاد کي ڪجهه شيون ناراض ڪري سگهن ٿيون، جيئن ٻار جو سبق ڪچو هجڻ، بار بار سوال پڇڻ، سبق دير سان ياد ڪرڻ ۽ پنهنجي غلطي تسليم نه ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ڪنهن استاد کي پنهنجي ضابطي کان ٻاهر ڪڍي سگهن ٿيون. اهڙو عمل سچ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. ان ڪري هڪ استاد کي پنهنجين ڪوتاهين تي ڪم ڪري انهن کي سچ جي بنياد ٺاهڻ لاءِ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته هڪ استاد مستقبل جو معمار ۽ نبض شناس هوندو آهي. استاد ئي آهي جيڪو سچ کي نوجوان ٻارن جي صورت ۾ تيار ڪري آشڪار ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. استاد ئي ڪوئلي مان هيرا ٺاهڻ جو هنر ڄاڻي ٿو ۽ سبب بڻجي ٿو ۽ ائين معاشرو خود کي تبديل ڪندو اڳتي وڌندو آهي. اسان اڪثر چوندا آهيون ته تعليم تباهه آهي، موجوده نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، سرڪار ڪاغذن ۾ پورائي ڏيکاري وڃي ٿي. ان ۾ واقعي ڪو شڪ ناهي، پر هڪ سوال اسان کي پاڻ کان به پڇڻو پوندو ته ڇا اسان استاد مڪمل ايمانداريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون؟ جيڪڏهن جواب نه ۾ آهي ته پوءِ تبديلي ڪيئن ايندي؟ استاد صرف پيشو نه، ذميواري آهي. استاد صرف اسڪول ۾ پڙهائڻ کانپوءِ پگهار نٿو وٺي، پر قوم جي عقل، اخلاق ۽ مستقبل ٺاهڻ جو ذميوار آهي. جيڪڏهن استاد وقت تي اسڪول نٿو اچي ته هو شاگرد کي ڪڏهن به وقت تي پهچڻ جي لاءِ همٿائي نٿو سگهي. جيڪڏهن ڪلاس ۾ صرف وقت پاس ڪري ٿو ته پوءِ هو سماج جي سڌار جو سبب ڪڏهن به نٿو بڻجي سگهي.